مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

زيـنـت ڪـونـيـن فـخـر انـبـيـا مـنـهـنـجـو رسـول ﷺ

زيـنـت ڪـونـيـن فـخـر انـبـيـا مـنـهـنـجـو رسـول ﷺ
رحـمـت حـق سـرور هـر دوسـرا مـنـهـنـجـو رســول ﷺ

ســورت يــاســيـن و طـــهٰ ۾ جـنـهـنــجــو شــان آ
سـو نـبـي سـهـڻـو محمد مصطفىﷺ منهنجو رسول ﷺ

جـنـهـن جـي بـخـشـش ۾ جـھـان ساري کي آهي آسرو
حـشـر ۾ سـو شـافـع روز جـزا مـنـهـنـجـو رسـول ﷺ

انــبـيـا جــي پـڻ امــامــت جــو کـنـيو جـنـهـن بـارســو
پـيـشـوائـي دوجـھــان و رهــنـمـا مـنـهـنـجـو رسـولﷺ

بـي سـهـارن جـو سـهـارو ٿـي جــو ايـنـدو حـشـر ۾
سو محمدمصطفىﷺ مشڪل ڪشا منهنجو رسول ﷺ

شـان مـيـر ڪــاروان جــو شـهـنـشـاهــن کــان مـٿـي
آهــه خـتـم الـمـرسـلـيـن سـو بـرمـلا منهنجو رسولﷺ

سـر زمـيـن يـثـرب و بـطـحـا کي بخشيون جنهن شرف
پاڪ پيرن وارو سو هو مـصـطفىﷺ مـنهـنجو رسولﷺ

مـلـڪ ۾ عـيـدون ٿـيـون مـاڻـهـو ٿـيـا مـسـرور سـڀ
صـد مـبـارڪ سـڀ جـون صـل عـلـى مـنهـنجو رسولﷺ

جـو حـمـايـت حـشـر ۾ اڪـرم ڪـنـدو عـاصـيـن اچـي
سـو شـفـيـع الـمـذنـبـيـن آهـي ادا مـنـهـنجو رسولﷺ