مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـحـمـد ﷺ جـي آئـي جـھان محترم آ

مـحـمـد ﷺ جـي آئـي جـھان محترم آ
زمـيـن مـحـتـرم ، آسـمـان مـحترم آ

رسـول خـدا جـو ٿـيو ذڪـر افـضـل
درودن پـڙهـندڙ، زبـان مـحـتـرم آ

شـب و روز لـب تي مـحمد ﷺ محمد ﷺ
اهــو نـام هـر هـر وٺـان مـحـتـرم آ

رهـي زندگي ڀر ته منهنجي زبان تي
مـحمـدﷺ مـٺي جـو بـيـان مـحـترم آ

نـبـي سـڀ ڀـلارا، نـبـي سـڀ سـڳـورا
نبين ۾ مـحمدﷺ سـدا ن محـترم آ

محمدﷺجي روضي تي جھر مر ۽ رم جھم،
ڪڪر منجھه هئَ ڪهڪـشان محترم آ

مـديـني گـھـرايـو تـه اڪـرم کـي آقـا
اهـوئـي خـيـال گـمـان مـحـتـرم آ