مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

زهـي قـسـمـت نـصـيـبن ۾ مـدنـي جـو سـفـر آهـي

زهـي قـسـمـت نـصـيـبن ۾ مـدنـي جـو سـفـر آهـي
رهـان ٿـو سـنـڌ ۾ روضـو مـگـر مـدنـظــر آهـي

عـنايـت تـي عـنايـت ڪـئي نـبي نورالهدى ﷺ آهي
پسايو خواب ۾ مونـکي نـبى ﷺپـنهنجو تـه در آهي

نـوازش تـي نـوازش ڪـئي مـٺي مـحـبوب مـدنـي آ
درود پـاڪ لـب تـي ورد ٿـيو شــام و سـحــر آهـي

بـشـر لـئه آهـي عـظـمـت مـحـمـد مصطـفى ﷺمـدني
سـراپـا خـيـر جـو گـھـر ٿـيو اهـو خـيرالبـشـر آهـي

تـخـاطـب ڇـا چـوان ان جـو بصيـرت ڇـا چوان ان جي
اهـو حـاضـر اهـو نـاظــر ۽ شــاهـد ديـنـور آهـي

مـحمـدﷺڪارڻـيءَ جـي لـئه خـدا خـلقيا جھان ٻئي
وسـيلــو ٻــن جـھـانـن جـو سـڀـن جــو راهــبـر آهي

حـقيقـتن ۾ تـه اڪـرم کي سخن جي ڏات ٿو بخشي
لکـان نـعـتون مـحمدﷺ تـي ڏنو جنهن هي هنر آهي