مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

رحـمـت وارو نـالـو مـحمـد ﷺ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

رحـمـت وارو نـالـو مـحمـد ﷺ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو
آهـي پـيارو نـالـو مـحـمـدﷺ ، دل کـي ڏاڍو يــار وڻـي ٿـو

جـھـڙي صـورت تـهـڙي سـيرت قـرآن ان جـو شـاهـد آهـي
مـٺو مـوچـارو نـالـو مـحـمـد ﷺ ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

حـسـن يوسـف ڪـجھه ڀي ناهي ، سرڪار مدينه جي اڳيان
نـوري نـظـرو نـالـو مـحـمـد ﷺ، دل کـي يــار وڻــي ٿــو

چـشم بصيرت جـو ڇا چـئجي، سـاري جڳ جا نين ٺري پيا
بـيحـد ڀـلارو نـالـو مـحمـدﷺ ، دل کــي يــار وڻـي ٿـو

ابـرو قـوس مـثال پرين جـا پنـبڻيون پـاڪ پـنهل پياريون
يـاسـين وارو نـالـو مـحـمـد ﷺ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

رخـسـار مـبارڪ سـرخ گـلابـي، روئـي مـبارڪ نـور سـراپـا
اهــڙو پـيارو نـالــو مـحـمـدﷺ ، دل کــي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

احـمـدﷺ نگھت ساڻ تـه ڳلـيون مڪـي مديـني جـون ٿـيون واسيل
خـوشـبوءَ وارو نـالـو مـحـمـدﷺ ، دل کـي ڏاڍو يــار وڻــي ٿــو

ڏاڙهـي مـبارڪ مُـنهـن ۾ سـونهـين نـيڻ نـماڻـا ويـتر وھ وھ
خـوشـبوءِ وارو نـالـو مـحـمـدﷺ ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو