مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

رچـايـا سـانـگ سـڀ سـائـين سـچـي سـردار لــئـه

رچـايـا سـانـگ سـڀ سـائـين سـچـي سـردار لــئـه
نـظـارا خـوب خـلقـيا ويـا مـٺي مـنٺـار احـمـدﷺ لـئه

پـذيـرائـي پـريـن جـي لـئه هـئا مـوجـود سـڀ انـبـيا
درودن جــا کــڻي تــحــفـا ويـا ديــدار احـمـدﷺ لــئه

سڀـئي هئا عرش تي حاضر نبي عيسى کان آدم تاءِ
سڀـئي ٿي مقـتدي بـيٺا پـٺيان مهندار احمدﷺ لئه

نـظـارا حـسـن ڌرتـي کـان سـمـا تـائـين ڏسي چئجو
قمـر ۽ شمس خلقـيئي سڀ مگـر ديدار احمدﷺ لئه

نـظـارا نـور جـا قـائـم زمـين کـان عـرش تـائـين هــا
ڪـيا سـينگـار مـالـڪ هـي سـوين انـوار احمد ﷺ لئه

سـراپـا نـور هـو سـائين نه جنهن جو پوندو پاڇو هو
سـدا قـدسـي آقـا تـي رهـيا ديـدار احـمـدﷺ لـئه

وڏا آگـي ڪـيا احـسـان اڪـرم جـي مـٿان يـارو
درودن جــا پـڙهـي تـحـفــا امــاڻـيا پـار احـمـدﷺلـئه