مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

لـڳـي دل نـٿي هـت مـديـني گـھـرايـو

لـڳـي دل نـٿي هـت مـديـني گـھـرايـو
حـقـيـقـت جـو لـفـظـن کـي جـامـو ڍڪـايـو

گـنهــگـار آهــيان خــطــا وار آهــيان
مـدايـون ڏسـو ڪــين مـرسـل سـڏايــو

ڏي تـوفـيـق شـان مـحـمـدﷺ کـي ڳـايـان
گـھـڻو وقـت مـولـى مـون آهـي وڃـايـو

رهـان دم جـو زنـده مـحمدﷺ کي ساريان
هـتي ۽ هُـتي جــو اهــو آهـه مـــايــو

ثـمـر نـاهـي پـل جـو نـه هــڙ ۾ ڪـا پـائـي
ڪـري ٿـورا مـونـتي مـديـني پـڄـايـو

اکــين مــان وهــن نـــير نــارا ڪــري ٿــا
غـمـن جـو ٿـيو بـار آهــي ســوايــو

رهــيو عــمـر ســڀ آســري ۾ جــو آهــي
ڪڏهن پنهنجي اڪرم کي منهنڙو پسايو