مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

يـا مـحمـد مـصطفى ﷺ تون ڪر مدد

يـا مـحمـد مـصطفى ﷺ تون ڪر مدد
يـانبي نورالـهدىﷺتـون ڪـر مـدد

بــي ســهــارو آهــيـن تــون
بيڪسـن جـا ڀر جـھلا تـون ڪـر مدد

ذڪرتنهنجي سان اچي مونکي سڪون
ٿـو پـڙهـان صـل عـلى تـون ڪـر مدد

ڪـرڪرم پنهنجوتون شفيع المذنبين
منـهنـجـي اي هـرعـطـاتـون ڪر مـدد

نـام مـصري کـان ٿـيو تـنهـنـجـو مٺو
آمـنـه جــا لاڏلا تــون ڪــر مــدد

نـور آهـيـن نــور تــون سـيـد ســچـا
مـنهنـجـي مـحبوب خـدا تـون ڪـر مـدد

آسـرو تون آهين ساري جڳ سندو
امـتـيـن جـا آسـرا تـون ڪـر مـدد

نـاھه ڪـو سـانـگـي سـکـيو سـاڻيھه ۾
اي جـھـان جـا ڀـرجھـلا تـون ڪر مدد

قـوم مـسـلـم ٿـي جـھـان ۾ دربـدر
بـخـش ان کـي حـوصـلاتون ڪـر مدد

ٿـو پـڙهـي اڪـرم سـدا تـوتـي سـلام
يـا نـبـي خـيـرالـورا تـون ڪـر مـدد