مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مــرسـل مـحـمـد ﷺ ســـردار آيــو

مــرسـل مـحـمـد ﷺ ســـردار آيــو
ســبـحــان صــورت دلــدار آيــو

صــاحــب شـــفــا ۽ هــادي هــدايــت
عـظـمــت جــو آقــا ســرڪــار آيــو

دنــيا جــي زيــنـت عــقــبا جــي رونــق
هــت ۽ هُــتي جــو ســيـنـگــار آيـو

مـاڻـهـون، مـرون ۽ خـوش ٿـيا فـرشـتا
سـڀـني جــو يــارو غــم خـــوار آيــو

گــونـدر ۽ غــم ويــا مــارن مــان مــڙئـي
مــرســل مــحــمـد ﷺ غـمــٽار آيــو

خــيـرالــورى ٿــي نــورالــهــدى ٿــي
وھ وھ بــشــر پــر انــوار آيــو

اڪــرم جــو آقــا اڪــرم جــو هــادي
ســــردار احــمــد ﷺ مــخــتـار آيــو