مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

وار مــبارڪ گـھـنـگـھــرو وار سـنهــڙا سـنهــڙا جـھــڙ اريـشـم

وار مــبارڪ گـھـنـگـھــرو وار سـنهــڙا سـنهــڙا جـھــڙ اريـشـم
سـهـڻو سـونـهـارو نـالـو مـحمـدﷺ ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

شـافـع اقـدس مـان ٿـي ظـاهـر جـاھ و جـلالت، هـيـبـت قـوت
ســڀ جـو سهـارو نـالو مـحمـدﷺ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

جنهن جي ڏسڻ سـان ديدھ وارن کي وسري ويا سـڀ سونهن جـا مـرڪـز
سـهڻو سـچـارو نـالـو مـحمـدﷺ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

جـسـم مـقـدس جـي ٿـي ڏسـجـي سـونـي نـوري رنـگـت
نـوري نـظـارو نـالـو مـحمـدﷺ دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

پـريـن پـگھـر مـٽ ڪـنهـن پـر يـارو مـشڪ عنبر ناهي اڪرم
نـگھـت وارو نـالو مـحـمـدﷺ ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو