مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

گـھـڙرا سـجـايـو گـھـرڙا سـجــايــو

گـھـڙرا سـجـايـو گـھـرڙا سـجــايــو
ســردار سـهــڻو مـحــبوب آيــو

ويـڙهيـچـن جـا ويڙها سرها ويا ٿـي
مـحـبوب مـدنـي مــکــڙو پـســايــو

جـھـوپـا ۽ جـھانگـي ٻهڪـي پـيا سـڀ
مـيلاد گـھــر گـھــر مــارن مـلـهــايــو

آمـد تـي هـن جـي عـرشـي ۽ فـرشـي
ڪـن شــادمــانــا ڳــايــو وڄــايــو

ســڏجــي ٿـو سـهـڻو مـنور مـديـنو
مـسڪـن نـبيﷺ جـو مـديـنو بـنايو

مــيلاد مـحـفـل رحـمـت ئـي رحـمـت
مـجـلـس انـهـيءَ ۾ مــحــبوب آيــو

اڪـرم اوهـانـجـي جـي اُمــت ۾ آهــي
سـنـڌڙي مـان مـٺا مـرسـل سـڏايـو