مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـديـنـي ۽ مـديـني جـي ڪـيو مـنـٺار جـون ڳـالـهـيون

مـديـنـي ۽ مـديـني جـي ڪـيو مـنـٺار جـون ڳـالـهـيون
وڻـن دل کـي پـيون دائـم دلـي دلـدار جـون ڳـالـهـيون

نـٿي دلـڙي ڪـڏهن ڀرجي نبي ﷺ جي ذڪر مان يارو
ٻڌي دل خـوش ٿئي بـيحد سدا سردار جون ڳالهيون

سـجـائـي عـمـر ان جـي ٿـئي پـڙهـي صـل عـلـى جـيڪو
پـڙهـي صـل عـلـى هـر دم ڪـري ديـدار جون ڳالهيون

نـه رتـبي ۾ نـبي اهـڙو مـحـمـد مـصـطـفـىﷺ جــھــڙو
فـلـڪ ۽ فـرش تـي آهـن مـڪـي مـخـتار جـون ڳالهيون

مـحـمـد ﷺ نـور آهــي نــور نــورانـي نـســورو نــور
مـڪـان کـان لامڪـان تـائين هـلن انوار جون ڳالهيون

حـقيـقت ۾ تـه اڪـرم تـي نـظـر تـوڪـئي عـنايـت جـي
لکـي دل سـان تڏهـن پيوٿو اوهانـجي پيارجون ڳالهيون