مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

قـرآن ۾ آ مـدحــت نـبـي ﷺ جـي

قـرآن ۾ آ مـدحــت نـبـي ﷺ جـي
قــرآن آهــي عـظـمـت نـبـيﷺ جي

قـسـمـت مـديـني مـونـکي به نيندي
بـيشڪ مـان آهـيان امت نبيﷺ جي

ڇـا شـهـر هـونـدو سـهڻي نبيﷺ جو
جـت نـور آهـي رحـمـت نـبـيﷺ جـي

حـاجـي ٻـڌايـو آئـي اوهــان کــي
شـهـر نـبـي ۾ نـگـھـت نـبـيﷺ جـي

سـرڪـار ڳالهيون جيڪي ڪيون ٿي
تـن مـان لڳـي ٿـي عـظمت نبيﷺ جي

اڪـرم کـي پـنـهـنـجـو روضـو پسايو
هـن لـئه ڏکـي ٿـي فـرقت نبيﷺ جي