مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

نـبـين جـو نـبـي احـمـد ﷺ حـشـر ۾ پـيـشـوا آهـي

نـبـين جـو نـبـي احـمـد ﷺ حـشـر ۾ پـيـشـوا آهـي
رسـولـن ۾ تـه سـهـڻـو مـحـمـد مـصـطـفـى ﷺ آهــي

نـه صـورت ۾ نـه سـيـرت ۾ رسـالــت ۾ نـه عـظـمـت ۾
نـه ثـاني آهي ڪـو جـنهـنجـو سـو احـمـد مـجتبىﷺ آهي

جھـان جـي ڪل حـسـينن کان حسين منهنجو نبي آهي
رسـولـن ۾ ٿـيـو مـحـبوب رب جـو مـصـطـفـى ﷺ آهـي

خـدا کـي ٿـو نـبي ڄـاڻـي مـحـمـدﷺ کـي خـدا ڄــاڻـي
خـدا کـان بـعـد هـسـتي سـا نـبـي نـورالـهـدى آهـي

خـدا پـنهنـجـي خـدائـي کـي سجـايو حـسن مرسل سان
حـقيقـي سـونـهـن اي اڪـرم مـحمـدﷺ جـي ضـيا آهـي