مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـجـبـور جـي، لاچـار جـي، پـارت اٿـو مـدنـي مٺا

مـجـبـور جـي، لاچـار جـي، پـارت اٿـو مـدنـي مٺا
درٻـار جـي پـيـنـار جـي، پـارت اٿـو مـدنـي مـٺا

خـيرالبـشر ــ خيرالامم، سر دار ڪر مونتي نظر
نـادار جـي، بـيمـار جـي، پـارت اٿـو مـدنـي مــٺا

شـب روز آهي التجا، محبوب مدني مصطفىﷺ
هـن پـار جي، هُـن پـار جي، پارت اٿو مدني مٺا

آهـي سـهـارو، بـي سـهارن کي وڏو تنهنجو نبي
پنهنجـي سـچي حبدار جي، پارت اٿو مدني مٺا

ســڏڙا ڪــري، سـڏڪـاڀري، هٿـڙا کـڻي لـيلائيان
اڪـرم نـمـاڻـي يـار جـي، پـارت اٿـو مـدنـي مٺا