مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

يـاد ۾ تـون مـصـطـفـى جـي ڪـڍ نه ٻاڦ

يـاد ۾ تـون مـصـطـفـى جـي ڪـڍ نه ٻاڦ
درد دل جـي تـون دوا جـي ڪـڍ نـه ٻـاڦ

خـوب فـرقـت ۾ اچـي مـونـکـي مـزو ٿـو
مـصـطـفـى جـي هن عطا جي ڪڍ نه ٻاڦ

حـال دل ڄـاڻي سـمـورو ٿـو ڪـريـم
مصطـفى جـي تون سخا جي ڪڍ نه ٻاڦ

انـقـلابـن تـي وڏا هــت انـقــلاب
دلـربــا جـي تـون وفـا جـي ڪـڍ نـه ٻـاڦ

ڀـاڳ ۾ جـي در مـلـي مـدنـي مـٺي جــو
پـوءِ ڪنهن سان دلربا جي ڪڍ نه ٻاڦ

مـصـطـفـى مـعـراج تـي جـيڪـي ڏٺو هو
ٿـو خـدا ڄـاڻي رضـا جـي ڪـڍ نـه ٻـاڦ

ورد تـو اڪـرم ڪـيـو سـاري حـيـات
بـس عـطـا هـن جي وفـا جي ڪڍ نه ٻاڦ