مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

قـرآن مـحمـد ﷺ جي سيرت، قـرآن جـي عـظمـت احمدﷺ سان

قـرآن مـحمـد ﷺ جي سيرت، قـرآن جـي عـظمـت احمدﷺ سان
قـرآن سـڄـوئـي بـرڪت آهـي قرآن جي برڪـت احـمدﷺ سـان

ڪعبو ته اسانجو ڪعبو آهي ڪعبي جوٿيو ڪعبو احمدﷺ آهي
ڪـعـبي جـو مـان مـٿانـهو ڪـعـبي جـي عـظـمـت احـمـدﷺ سـان

عـرشـين اُسـريو احـمد مـرسـل عـرش بـه فـاضـل ڪـين رهـيو
رتـبه نـه ڏٺو هو ايڏو عرشين ٿي خاڪ جي زينت احمدﷺ سان

يحـى هـجي يـا عـيسى ، مـوسـى ، دائـود هجي يا يونس،يوسف
اسـلام جـي مـذهـب جـي بـيشـڪ آهـي ٿـي امامت احمدﷺ سان

اڪـرم تي نوازش آهي نبي جي سب روز محمد احمدﷺ جي ٿي
خـوشحال گـذاري ٿـوپـيو سـدائين صد شڪر عـنايت احمدﷺ سـان