مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

سـنـدءِ درجــي سـامـهـون اڏي گھر وهان مان

سـنـدءِ درجــي سـامـهـون اڏي گھر وهان مان
ٿـي پـاڙيـسـري تـنهنـجـو سـهـڻا رهـان مـان

گــنـهــگــار مــجــبور لاچـــار آهـــيان
ڇـڏي در هـي تـنـهـنـجـو ڪـاڏي وڃـان مـان

سـوا تـنهنـجـي در جي سـجـھي در نه ٻـيو ڪـو
تـون رحـمـت سـراپـا ٿـو تـوکـان گـھـران مان

پــري ٻــورڙي کــان بــلاشــڪ مــديــنو
لـڳـي اک مــديــنو ۽ روضـــو ڏســـان مــــان

ڪـرم خـوب اڪـرم تـي آقـا هـو تـنـهـنـجــو
آهـي آس چـانـئـٺ اکـين ســان چـمـان مــان