مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـون سان رهـي سدائين سـرور سـڄي جـو ساٿ

مـون سان رهـي سدائين سـرور سـڄي جـو ساٿ
مــحـبـوب رب عــالـم دلـبـر سـچـي جـو ســاٿ

مـايـوسـيـن کـي مــارو سـمـجـھـن گــنـاھ ٿــا
مـونـسـان رهـي ٿـو هـردم رهـبـر سـچي جو ساٿ

انـدر جـي ڪـار اجـري صـلـوات جـي پـڙهـڻ سان
صـلـوات سـان مـيـسـر هــر هــر سـچـي جـو سـاٿ

هـر طـرف ڪـامـيـابـي پـنـهـنـجـا قـدم چـمي پئي
فـيـض رسولﷺ آهـي سـرور سـچـي جـو سـاٿ

هـر حـال ۾ٻـڌي ٿـو مـنـهـنـجـي مـدد ڪـري ٿـو
مونکان نه ٿيو پري پل ڪنهن پر سچي جو ساٿ

احـمـدﷺ جـو نـام پـيـارو اڪـرم جـو ٿيو سهارو
جـڏڙن جـو ٿـيو جـيـارو اطـهـر سـچـي جـو سـاٿ