مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

گـداگـر ٿـي مـديـني جـي گھـٽـين ۾ مـان وتـان ڦرندو

گـداگـر ٿـي مـديـني جـي گھـٽـين ۾ مـان وتـان ڦرندو
نـظـارا نـور جـا نـوري مـديـني جـا وتـان پسندو

وري واپـس اچـڻ جـي لاءِ لـڌو رسـتو نـه ڪـو مـونـکان
حـياتـي سـڀ مـديـني جـي گھـٽـين ۾ وتـان گھـمـندو

مـديـني جـي گـلـي هـڪ هـڪ نـظـارو نـور جـو آهـي
حـياتـي ڀـر مـديـني جـا نـظـارا مـان وتـان ڏسـنـدو

سـڄـي ڌرتـي مـديـني جـي سـراسـر ٿـي ضـيا آهـي
مـديـني جي تـه گـھر گھـر تي ڏسان ٿو نور کي وسندو

مـٺا مـاڻـهـون مـديـني جـا مـٺي ٻـولـي سـندن عــربـي
مـحـمد جـي مـٺي ٻـولـي انـهـن کـان مـان وتـان ٻڌندو

اهـا سـاعـت پـري نـاهـي، مـديـني ۾ لـڏو لاهــي
وهان گھرڙو وڃي ٺاهي رهان چانئٺ سندس چمندو

يـقـين آهـي تـه اڪـرم کـي گـھرائـيندين سچا سرور
رهـائـينديـن اڳـيان در جـي ڏسـيو روضـو پـيو ٺرندو