مـحـبـوب اي مـدنـي مـٺـا هـت ڪـونـه هـلـي ڪـو مـنهنجو وس
هـت ڪـونـه ٻڌي ڪـومنهـنجي صدا هت ڪونه هلي ڪومنهنجو وس
مـنهنـجـي گـھڻو ٿي دل ته گھري پر آهيان ٿيو مان ڏاڍو پري
ديدار ڪيو پنهنجو پاڻ عطا هت ڪو نه هلي ڪـو منهنجو وس
لاچـار آهـيـان، مـجـبـور مـان، هـن حـال جـي تـوکـي خـبـر
پنهنـجـي عـنايـت ڪـر سـدا هـت ڪونه هلي ڪو منهنجو وس
هــن ڏيـھـه مـان ڏولاءَ ڪـڍ ڏوٿـي ڏکــارن تـان ڏمــر
هـر طـرف کـان مـارو مُـٺـا هـت ڪـو نـه هـلـي ڪـو مـنهنجو وس
خـوشحـال وطن ٿي سنڌوڃي بستيون ٿي سڄون شاداب وڃـن
سـاڻيھه کـي اهـڙي ڪـريو دعا هـت هت ڪونه هلي ڪو منهنجو وس
سـنڌڙي کـان سڏايو مـونکي سـگھو فرقت ۾ رهي ٿو جئُ جڏو
مرسل نه ڪيوپل مونکي جدا هت ڪونه هلي ڪو منهنجو وس
مـحـبوب خـدا جـو آهـيـن تـون هـي سـاري خـدائي تولئه ٺهي
تـون نـور نـسورو نـور خـدا هـت ڪـونـه هـلي ڪو منهنجو وس
دنـيا ۾ جـئان جـو دم اي مـٺا صـلـوات پـڙهـان مان توتي سدا
شب روز پڙهان پيو صل على هت ڪونه هلي ڪو منهنجو وس
سائـين سـهـارو تـنهنجـو سـجھي دنـيا ۽ حـشـر ۾ مونکي پيو
تـوکـانـسوا ٻـي واهـه نـه ڪـا هت ڪو نه هلي ڪو منهنجو وس
اڪرم تي ڪرم ڪرپنهنجو شفيع ڪر فضل عطاتون ان کي ربي
ڪـر تـون مـدد سـرور سـچـا هـت ڪونه هلي ڪو منهنجو وس