مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـرسـل مـٺي جـي آهـي، ديـدار جـي طـمع

مـرسـل مـٺي جـي آهـي، ديـدار جـي طـمع
دل ۾ رهـي سـدائـين دلـدار جـي طـمـع

احـمـدﷺ جـي ديـن کــي ئـي، مـولى پسند ڪـيو
تـڏهـن رهي ٿـي دل ۾، تـنـهـن يارجي طمع

انـسـان جـن، مـلائـڪ قــربـان ســڀ ٿـين
دل ۾ رهـي ٿـي زيارت، سـرڪـار جي طمع

مـحبوب جـي حـقيقـت ، قـرآن مـان پـڙهو
هـر هـڪ پـو رکـندو دل ۾، انـوار جـي طمع

هــر ســو بـهـار آهــي، هــر ســو قــرار آ
هـر وقـت رهـي ٿـي دل ۾، گـلـزار جـي طمع

مـارن ونـڊون ورهـايـون مـحبوب جي آئي
پـوري ڪـئي جـنهـن هـر، لاچـار جي طمع

اڪـرم جـي الـتـجـا آ هـر بـار مـصـطـفىﷺ
جـلـوو پـسـايـو دل ۾، ديـدار جـي طـمـع