مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

درد دل آهـي ڏکـائي ڪـيـن نـڪـري مـونـکـان ٻـاڦ

درد دل آهـي ڏکـائي ڪـيـن نـڪـري مـونـکـان ٻـاڦ
يا محمـد ﷺ ڪر ڀلائي ڪين نڪري مون کان ٻاڦ

جـل جـدائي جـا اوهـانـجـي سـور سـيـنـي ۾ سـرن
گـرچ فـرقـت دل جـلائـي ڪـين نڪري مونکان ٻاڦ

واءَ وڇـوڙي جـا وڃـن ۽ واءَ وصـلـت جـا ورن ڪـي
ڪـر ڀـلا تـون ڀـلائـي ڪـين نـڪـري مـونـکـان ٻـاڦ

سـاھ هـن کـي چـاھ توسان تنهنجي چاهت جو خمار
ڪـر مـلـڻ جي ميروائي ڪـين نڪـري مـونکان ٻاڦ

نـور آهـين نـور رهـندين رهـندو قـائم تنهنجو نور
ڪـر عطـا دل کي ضيائي ڪـين نڪـري مونکان ٻاڦ

ڪوڙڪـفـلت قـلب منـهنـجـي مـان ڪـڍوڪينو فتور
نڪري ٻـاهر سڀ ٻيائي ڪين نڪري مونکان ٻاڦ

عـمـر ڀـر مـحـبوب مـدنـي مـان آهـيـان تنهنجو غلام
ڏي تون اندر جي صفائي ڪين نڪري مونکان ٻاڦ