مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

هـر دوجـھـان جـا آقـا، صـل عـلـى مـحـمـد ﷺ

هـر دوجـھـان جـا آقـا، صـل عـلـى مـحـمـد ﷺ
شيدا ٿـي جنهـن تي دنيا، صل على محمدﷺ

دنيا و دين جي دولت، سڀ ڪجھ مديني آهي
رحـمـت ٿـيـو سـراپـا، صـل عـلـى مـحـمـد ﷺ

جـلوو هـو تنـهنـجـو نـوري، مـاھ جـبـين چهرو
عـاشـق هـو تـوتـي مـولـى، صل على محمدﷺ

جـبريل تنـهنجـو دربان، عيسى بـه امـتي آھه
ٿـي الـتـجـائي مـوسـى، صـل عـلـى مـحـمـد ﷺ

ڪسرا جـا ڪـوٽ ڪـرندا، آتش وئي اجھامي
جنهن دم ٿئين تون پيدا،صل على محمدﷺ

آمدسان تنهنجي انور، ٿيو سوجھرو جھان۾،
ٿـي روشـنـائـي هـرجـا، صـل عـلـى مـحـمـدﷺ

انـسـان جـن، فـرشـتـا، تـهـنجا سڀئي فدائي
تـوتـي خـدا ڀـي شـيـدا صـل عـلى مـحـمـدﷺ

اڪـرم کـي شـوق آهـي تـنـهنجي ٿئي زيارت
پـوري ٿـئـي تـقـاضـا، صـل عـلـى مـحـمـدﷺ