مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

عـشـق رسـولﷺ۾ ٿـي، گـذري حـيات منهنجـي

عـشـق رسـولﷺ۾ ٿـي، گـذري حـيات منهنجـي
تـسڪين رشڪ ٿيندي، بـيشڪ ممات منهنجي

پـهچـان مـديـني مـرسـل، اهـڙو سـبـب پـوي ٿـي
سـرڪـار جـي صـحـن ۾، گـذري ڪا رات منهنجي

مـحـبوب جـي مـٿان مـان، هـر دم ٿـو نعت ٺاهيان
لـمحـو اچـي ٻـڌي خـود، مـرسل ڪا بات منهنجي

عـمـر دراز گـذري، مـنهـن جـي دورد پـڙهـنـدي
ٿـيندي سـجـائي آخـر، مـحـنـت ۽ لات منـهنـجي

مـون تـي وڏائـي احـسان ٿـينـدا وري انهـيِءَ دم
مــحـبوب جـي اڱـڻ ۾، گـذري ڪـا رات مـنـهـنجـي

مـنهنـجـا مـٺا مـحـمـدﷺ ، اڪـرم اوهـانـجـو آهـي
رحـمـت ۾ آڻـيو پـنهنجي، ٿيندي نجات منهنجي