مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

يـا مـحـمـد مـصـطـفىﷺ جـئَ جـڏڙن کـي جـيـار

يـا مـحـمـد مـصـطـفىﷺ جـئَ جـڏڙن کـي جـيـار
ڪـل مدايـن کـي مـٽـائـي پـاڙي پـنـهنجي ۾ وهـار

تـن ۾ طـاقت ناهـه هاڻي ڪيئن رهان توکان پري
اڄ کڻي نظـرون ڪـرم جـون هڪ دفع مون ڏي نهار

روئـي روئـي رات سـاري ٿـو ويهـي پـرڀـات ڪـيان
ٿـو سـڏيـان سـڪ مـان پـيو سـيد سچا ليل و نهار

ڪـفـر بـدعـت ۽ جـھـالـت جـي خـزائـن کـي ڪـڍي
مـلڪ جـي مـاڻـهـن ۾ آنـدو تـو سـدا آهـي بـهـار

رحـمـت الـعـالـمـين تـوکـي سـڏي سـارو جهان
ڪر ڪرم اڪـرم مـٿان ان جا به ڪر ٻيـڙائي پـار