مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

ادنـي غـلام آهــيان خــيرالانــام جــو

ادنـي غـلام آهــيان خــيرالانــام جــو
قـلب و نظـر ۾ عڪس آ احمد ﷺ جي نام جـو

دنـيا سـمـيت عـقـبى ٻـئي جـھــان مـنهـنجـا
امـتي جـو آهـيان مـديـني جـي ڄـام جــو

مـجـرم بـري ويـا ٿـي يـارن جـي ذڪـر سـان
تـحـفـو درود جــو ۽ صـدقــو ســلام جــو

محشر ۾ نفسي نفسي هر نفس پيو ڪندو
مـحشـر ۾ حـڪـم هـلـندو مـدنـي امـام جــو

مايوس ڇوٿيان مان محشر۾ منهنجو عربي
شافع ڪـندو شـفاعت عاصـين جي عـام جو

ٿـو نـعـت خـوان سـڏائـي اڪرم غلام تنهنجو
مـرسـل وڌايـو رتـبو مـنهنـجـي ڪـلام جـو