مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـديــني وارو نــبي ﷺ پــيارو

مـديــني وارو نــبي ﷺ پــيارو
هــو مـڪــي وارو ڀــلـو ڀــلارو

سـجھـي نه در ٿو سوا ڪو تنهن جي
هـتي هُـتي جـو ٿـئـين ســهــارو

ڪــا واهـه نـاهـي نـبـي سـڳــورا
ســوا اوهـانـجـي نـه آهـه چـارو

لـکـان ٿـو نـعـتون رزق ڪــشـادو
مـلـي ٿـو بـرڪــت ۽ شــان وارو

رهــان ٿــو خـوشـحــال ڏاڍو هـر دم
ثـڪـر تـي تـنهنـجـي ڪـري گـذارو

ملي جا نسبت سان تنهنجي روزي
ڳـڀو سـو بـرڪـت ۽ شـان وارو

نـه پـلـجـي اڪـرم ٿـو هـڪـڙو در تي
هـتي ٿـو کـائـي جـھــان ســارو