مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـحـمـد ﷺ مـٺي جـي جـڏهــن يـاد آئـي

مـحـمـد ﷺ مـٺي جـي جـڏهــن يـاد آئـي
بــنا مـنـد بـرســات اکــڙيـن وســـائــي

ٺـلـهـو هـو ٺـڪـر هـي انـدر مـنـهـنـجـو سـارو
جـيتـر لنوءَ نبيﷺ سـان نه مون هئي لڳـائي

غـمن مونکي گھيريو پنهنجن منهـن ڦـيريو
انـهـيءَ وقـت آقــا سـڏي ڪــئي ڀـلائــي

درودن جــا تــحــفــا امــاڻـي ٿـو جــيـڪــو
انـهـيءَ جـو مـحـمـد ﷺ انـهـيءَ جـي خـدائـي

وجـھـي واسـطـو مـيـر مــرسـل مــٺي جــو
دعــا جــا گــهــران ٿــو خــدا ســا اگــھــائـي

مـحـمـد ﷺ مـحـمـد ﷺ زبـان تـي هـو نـالـو
ڀـلا ڀــاڳ اڪــرم ســڻائـي ٿــي وائــي