مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـرحـبـا صد مـرحـبا، يـا مصـطفـى يـا مصـطفـى ﷺ

مـرحـبـا صد مـرحـبا، يـا مصـطفـى يـا مصـطفـى ﷺ
سـاري جـڳ جا بـادشاهه، يامصطفى يامصطفى ﷺ

ڪـا ڪـمي تـو وٽ نـه آ، تـنهـنجـو خـزانـو آ ڀـريـل
ان منجھان ڪرڪجھ عطا،يا مصطفى يامصطفىﷺ

سـاري عـالـم جـو ڌڻـي، تـوکـي ڪـيـو پـروردگـار
مـون تـي ڪـر اهـڙي عطا، يامصطفى يا مصطفىﷺ

اسـم تنـهنـجـو پـاڪ آهـي ذات تـنـهـنجي نور آهي
اي حـبـيـب ڪـبـريـا، يـا مـصـطفـى يا مصطفـى ﷺ

تنهنجي قدمن تان ڪيان، قربان پنهنجو جان مال،
ڪـر ڪـرم بـحـرِ خـدا، يـا مصطفـى يـا مصطفـى ﷺ

وسـوسـن ۽ وهـم جـي چـنـبـي ۾ ڦـاٿـل آهـيـان
وهـم ڪـڍ ۽ وسـوسـا، يـا مصطفـى يـا مصطـفى ﷺ

آھه اڪـرم در اوهانجـي جـو گـداگـر، گـولـو غـلام
نـاتـوان جـا آسـرا، يـا مـصـطـفـى يـا مـصـطـفـى ﷺ