مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـحـبوب يـا مـصـطـفـى ﷺتـوتـي درود و سـلام

مـحـبوب يـا مـصـطـفـى ﷺتـوتـي درود و سـلام
مـدنـي مــٺا مــرحــبا تــوتــي درود و ســلام

مـجـبـور بـيـڪــار جــي لاچـــار جـــي
آهــيـن دوا ۽ شــفـا تــوتــي درود و ســلام

پـائـي نـه پـيـسو اٿـم ٿـيـنـدو مـٿـي مـون ڪرم
تـنـهنـجـا وڏا مـون آسـرا تـوتـي درود و ســلام

ديـدار جـي ڪـا گـھـڙي نيڻن کي ٿي جي نصيب
روئـي پـڙهـان صـل عـلـى تـوتـي درود و سـلام

مون موت تن جو ڏٺوجن ٿي پڙهيو توتي درورد
سـي مُـرڪ مـاڻـي ويـا تـوتـي درود و ســلام

اڪــرم هـجـي يـر زبـان سـڪــرات ۽ قــبـر ۾
يـا مصطفىﷺ يا مصطفىﷺ توتي درود و سلام