ڪالم / مضمون

آئينا ۽ عڪس

هي ڪتاب ”آئينا ۽ عڪس“ نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نگار ذوالفقار سيال جي ڪالمن جو موجموعو آهي.

هي ڪتاب چانڊوڪي پبليڪيشن، لاڙڪاڻو/ ڪراچي پاران 2015ع ۾ ساحل پرنٽرز وٽان ڇپرايو ويو.
Title Cover of book آئينا ۽ عڪس

مهاڳ

ڪالهه اڄ ۽ سڀاڻي جا آئينا ۽ عڪس

نالي وارو هندستاني صحافي ڪلديپ نيئر گذريل چالهيارو سالن کان Between the lines جي عنوان سان لکندو پيو اچي، سندس اهو ڪالم گذريل ڪيترن ئي سالن کان 80 اخبارن ۽ 14 زبانن ۾ هندستان، پاڪستان، بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا ۽ سعودي عرب جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ترجمو ٿي ڇپجندو آهي. ڪلديپ نيئر پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته وٽس پنهنجو هر لکيل ڪالم محفوظ آهي ۽ هن سال وار ڪالمن جا جلد ٻڌائي رکيا آهن.
ڪالم نويسي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڪالم نگار ڪنهن پابنديءَ کانسواءِ هر موضوع تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهي ٿو. ڇا ادب، ڇا سياست، ڇا سماجي مسئلا، ذاتي يادگيريون، ڪتابي قصا، ڪرنٽ اشوز.
جيتوڻيڪ اخباري ڪالم جي عمر رڳو هڪ ڏينهن هجي ٿي، ٻي ڏينهن اهو ماضيءَ جو قصو ۽ حصو بنجيو وڃي ٿي. پر اُن ڪالم ۾ جنهن موضوع تي خيال آرائي ڪيل هوندي آهي، ان جي پنهنجي اهميت ضرور هوندي آهي. خشونت سنگهه جا ڪيترائي ڪتاب سندس ڪالمن جي سهيڙ تي ٻڌل آهن. پاڻ وٽ به اردوءَ ۾ انتظار حسين، مستنصر حسين تارڙ ۽ ڪشر ناهيد جا ڪيترائي ڪتاب ۽ خود امر جليل جا ڪيترائي ڪتاب سندس لکيل اخباري ڪالمن جي سهيڙ تي ٻڌل آهن. اهي ڪالم جنهن دور ۾ ۽ جن حالتن ۾ لکيا ويا هئا. اهي اُن دور جا آئينا ۽ عڪس آهن. ۽ انهن کي پڙهڻ سان اُن دور جون حالتون آئيني جيان اچيو سامهون ٿيو بيهن.
سنڌيءَ ۾ ڪالم نويسي ڪڏهن شروع ٿي ۽ شروعاتي ڪالم ڪنهن لکيا، اُن لاءِ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته جڏهن کان سنڌي زبان ۾ اخبارون ۽ رسالا ڇپجڻ شروع ٿيا ته اهو سلسلو به جاري ٿيو. منهنجي خيال ۾ شروعاتي ڪالم انشائيه ننڍن ننڍن مضمونن کي ئي چئي سگهون ٿا. پرمانند ميوارام جوت اخبار ۾ جيڪي ننڍا ننڍا اصلاحي ۽ سماجي مضمون لکيا، اهي هڪ لحاظ کان ڪالم ئي هئا. جوت اخبار 1896ع ۾ جاري ٿي. ان حساب سان سنڌيءَ ۾ ڪالم نويسي مضمون/ نويس جي عمر هڪ صدي کان به وڌيڪ آهي. ”گل ڦل“ جيڪو پرمانند ميوارام جي اهڙن ننڍن ننڍن ڪالمن/ مضمونن جو مجموعو آهي، سو هڪ لحاظ کان ڪالمن جو مجموعو ئي چئي سگهجي ٿو.
هي ڪتاب ”آئينا ۽ عڪس“ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪالمن جو مجموعو آهي. ذوالفقار نه رڳو سٺو شاعر آهي ۽ سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن. پر هڪ سٺو نثر نويس به آهي. سندس نثري جوهر سندس لکيل اخباري ڪالمن ۾ نظر اچن ٿا. ذوالفقار سيال گذريل ٽيهارو سالن کان به وڌيڪ عرصي کان ”آئينا ۽ عڪس“ جي عنوان سان مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو پيو اچي. سندس اهي ڪالم، هلال پاڪستان، عبرت سنڌ، خادمِ وطن، خبرون، عوامي آواز ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن.
ذوالفقار سيال ڪو پروفيشنل صحافي يا ڪالم نويس ڪونهي جو هر هفتي ڪالم لکڻ سندس مجبوري هجي، ذوالفقار سيال ڪنهن پروفيشنل مجبوريءَ تحت ڪالم نه لکيا آهن. هن جيڪي به اخباري ڪالم لکيا آهن، اهي دل جي آواز تي، پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ لکيا آهن. انهن ڪالم لکڻ جو مقصد فقط اهوئي آهي ته سنڌ توڙي ملڪ ۽ دنيا ۾ جيڪو ڪجهه وهي واپري پيو، انهيءَ بابت پڙهندڙن کي پنهنجي راءِ کان واقف ڪجي. سندس ڪالم ڳالهه کي اختصار سان بيان ڪرڻ جو بهترين نمونو آهن.
ذوالفقار سيال جا ڪالم هزارن جي تعداد ۾ آهن. ۽ هي ڪتاب ”آئينا ۽ عڪس“ انهن هزارين ڪالمن مان چونڊ ڪالمن جو مجموعو آهي.
ذوالفقار سيال جي ڪالمن کي پاڻ موضوعي لحاظ کان ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا.
1. اهي ڪالم جيڪي ڪنهن واقعي کان متاثر ٿي لکيا ويا آهن ۽ انهيءَ واقعي تي پنهنجي راءِ زني ڪئي ويئي آهي ۽ يا وري ڪن ۾ ادبي ۽ سياسي معاملن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ويئي آهي.
2. اهي ڪالم جيڪي سندس سفري ۽ ٻين ساروڻين تي ٻڌل آهن.
3. اهي ڪالم، جن جو موضوع ڪي شخصيتون آهن. جن جي گذاري وڃڻ تي شردا نجيلون پيش ڪيون ويون آهن ۽ انهن شرڌانجيلن ۾ انهن شخصيتن سان پنهنجي گهاريل گهڙين جون ساروڻيون سارڻ سان گڏ، ڪيترن ئي اهم واقعن کي به رڪارڊ تي آندو ويو آهي.
ذوالفقار سيال جي هنن ڪالمن ۾ ڪيترائي ڪردار به تخليق ڪيا ويا آهن، ۽ انهن جي واتان ڪڙو سچ چورايو ويو آهي. جيئن ”ڀينڊو“. ذوالفقار سيال جو اهو ڪردار ڀينڊو، گامون سچار آهي، جيڪو بظاهر ته سادو سودو ڪردار آهي، پر پنهنجي سادگيءَ ۾ وڏا سچ چيو ڏي. ڀينڊي کي پاڻ، امر جليل جي ڪردار ”چينو“ يا امر لعل هنگوراڻيءَ جي ڪردار ”ادو عبدالرحمان“ سان ڀيٽي سگهون ٿا.
ذوالفقارسيال جي هنن ڪالمن کي پڙهبو ته ائين لڳندو ته لکيڪ جن معاملن ۽ مسئلن بابت خيال آرائي ڪئي آهي، اهي اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن، پر پاڻ وٽ- جيئن سندس هڪ ڪالم جو عنوان آهي ”گوسڙو اُستاد ۽ منشي گيري“ اهو ڪالم روزاني هلال پاڪستان جي 13 فيبروري 1999ع جي اشاعت ۾ ڇپيو هو. پندرهن سال گذري ويا آهن انهن ڳالهين کي، جن جي نشاندهي اُن ڪالم ۾ ڪئي ويئي آهي پر ڪجهه به ته نه بدليو آهي. اڄ به سنڌ جي تعليم جي ٻڏل ٻيڙيءَ کي تارڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ اُستادن جي هڪ حصي جي گوسڙو هئڻ، منشي گيري ۽ ڪمداري ڪرڻ تي وڏو هُل مَتل آهي. پر عملي طور تي بس اهو رڳو هُل ئي آهي. مختلف حڪومتن جا وزير ۽ عملدار رڳو نون نون تجربن ڪرڻ ۽ پاڻ کي ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهن. باقي اصل مرض جو علاج ڪير به نٿو ڪري، جنهن جي تشخيص به ٿيل آهي.
ذوالفقار سيال جي هڪ ڪالم جو عنوان آهي ”رشوت ايڪسٽرا سروس چارج“، ڪالم جو عنوان ئي گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو. رشوت هاڻ واقعي به ايڪسٽرا سروس چارج بنجي ويئي آهي ۽ بدقسمتي سان جيترو تحفظ اُن ايڪسٽرا سروس چارج کي حاصل آهي، اوترو تحفظ ته ”زندگي“ کي به حاصل ڪونهي. ۽ وري ستم ظريفي اها آهي ته رشوت جهڙي بڇڙي ڪم کي ”هذامن فضل ربي “ جهڙو خوبصورت نالو ڏنو وڃي ٿو. رشوت جنهن لاءِ حديث نبوي آهي ته، ”رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي جهنمي آهن“ ۽ رشوت وڌائڻ ۾ جت ٻيا سبب آهن، اُت رشوٽ ٽوڙ کاتي جو به وڏو ڪردار آهي، جيڪو رشوت وٺڻ جي عيوض ”رشوت“ کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. ذوالفقار سيال ان جو ذڪر پنهنجي هڪ ٻي ڪالم، ”رشوت ٽوڙ يا رشوت خور کاتو“ ۾ ڪيو آهي.
ذوالفقار سيال جي هنن ڪالمن ۾ سنڌي سماج جي ڪيترن ئي نازڪ، حساس پر اهم اشوز تي خيال آرائي ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي ڇيڙيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سندس هڪ ڪالم ”ذاتين ۽ ڳوٺن ۾ ورهايل ماڻهو“ ڏاڍي اهميت وارو آهي. اسانجي اها ڪيڏي نه بدقسمتي آهي ته پاڻ وٽ هڪ قوم جي تصور کي سگهارو ڪرڻ جي بدران، ذات، برادري ۽ قبائلي تصور کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. ۽ ڳالهه اُتي وڃي پهتي آهي. ته ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل همراهه پنهنجي برادري يا قبيلي جي سرداري کي وڏي اهميت ڏين ٿا. ان سلسلي ۾ تازو هڪ پارٽيءَ جي چيئرمين پاران پنهنجي قبيلي جي سرداريءَ جي وڏي فخر سان پڳ پائڻ حيرت ۾ وجهندڙ عمل آهي. نه رڳو اهو پر مون ته اهو به ڏٺو آهي ته اسان جا ڪيترائي ليکڪ، شاعر ۽ صحافي پڻ ذات برادري ۽ قبائلي پليٽ فارمن جو حصو بنجندي ۽ فخر ٿا محسوس ڪن. اهو شعور آهي يا ٻي شعوري، فيصلو ڪرڻ ڪو اوکو به ڪونهي.
ذوالفقار سيال جي هنن ڪالمن ۾ ڪيترن ئي اهڙن واقعن جو ذڪر پڻ ٿيل آهي، جن مان هڪ اڌ جو آئون پڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان. ذوالفقار سيال اهڙن واقعن تي نهايت بي باڪي ۽ صاف گوئيءَ سان لکيو آهي. جيئن سندس ڪالم ”سچل جو ميلو، ڪجهه نواڻ ۽ ڪجهه دل ڏکوئيندڙ ڳالهيون“ آهي. ليکڪ ان ڪالم ۾ جن ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي. اهي سڀ منهنجي اکين جي اڳيان ٿيون، ڇاڪاڻ ته اهو هيستائين منهنجي زندگيءَ جو پهريون موقعو هو، جو مون سچل جي ميلي ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مون کي پڻ ڊائريڪٽر جنرل پاران مقالي پڙهڻ جي دعوت مليل هئي، پر اُتي ڇا ٿيو؟ اسين پهتاسين ته ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ اسين دعوتيل ئي نه هجون. وچان ئي ٻيا ماڻهو، ذوالفقار سيال ان ڪالم ۾ ثقافت کاتي جي عملدارن جي سازشي ڪردار ۽ سازشن کي وائکو ڪيو آهي. ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون رڪارڊ تي آڻي ڇڏيون آهن:
ذوالفقار سيال جي ڪالمن تي جيڪڏهن ٿورو ٿورو لکجي ته به گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ذوالفقار سيال ڪيترن ئي ڪالمن ۾ ٿورن لفظن ۾ ڏيون ڳالهيون بيان- ڪري ڇڏيون آهن. سندس هڪ ڪالم ”اچو ته ڪوڙ تي قلم 144 هڻون“ ۾ اسان جي سماج ۾ ”ڪوڙ“ جي واهپي تي ڏاڍو دلچسپ تبصرو ڪيو ويو آهي. ۽ ڪوڙ تي قلم 144 هڻڻ جو گُهر ڪئي آهي. ان ڪالم ۾ ذوالفقار سيال لکي ٿو.
”جيڏو وڏو ڪوڙ، اوڏو وڏو بيان اسان جي سماج ۾ باقاعدگي سان ڪوڙ جا کاتا پڻ کليل آهن، يعني صوبيدار، تپيدار، مختيارڪار، اتي صرف حڪم ڪيو ڇا ڪرڻون آهي. هنن جو ڄڻ ته سچ سان ڪو پراڻو وير آهي.“
ذوالفقار سيال، جا هي ڪالم پڙهندي، ڪيترن ئي يارن ۽ پيارن جي يادن جون ويرون منهنجي من ۾ ڇوليون هڻڻ لڳيون، جن جي وڇوڙي تي ذوالفقار سيال کين شرڌا نجيلون پيش ڪيون آهن. اڄ اهي دوست اسان سان جسماني طرح گڏ نه آهي، پر ڪالهه اسين گڏ هئاسين.
ذوالفقار سيال جي هي ڪالم ڪالهه (ماضي) جا لکيل آهن، پر اهي اڄ جا به ڪالم آهن ته سڀاڻيءَ جا به، ۽ اهائي هنن ڪالمن جي وڏي خوبي آهي.
يوسف سنڌي
حيدرآباد- يارهين جنوري 2015ع