ڪالم / مضمون

آئينا ۽ عڪس

هي ڪتاب ”آئينا ۽ عڪس“ نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نگار ذوالفقار سيال جي ڪالمن جو موجموعو آهي.

هي ڪتاب چانڊوڪي پبليڪيشن، لاڙڪاڻو/ ڪراچي پاران 2015ع ۾ ساحل پرنٽرز وٽان ڇپرايو ويو.
Title Cover of book آئينا ۽ عڪس

اها سنڌ ڪٿي آهي؟

سنڌ ڌرتي، پيار، ٻاجهه ۽ رحم سان ڀريل آهي. هتي اهو به وقت هيو، جڏهن ڪا سام جهلبي هئي ته ڪنڌ ڪسي ويندو هيو. پر ننگ، وچن ۽ واعدو نه ڇڏبو هيو ۽ توڙ نڀاهبو هيو، ان لاءِ ڪيتريون ئي سختيون برداشت ڪري ، ان سام جو ڀرجهلو ٿيبو هيو ۽ ان کي پناهه ۾ رکبو هيو. هتي اهو به وقت هيو، جڏهن پاڙي، شهر، ڳوٺ ۾، وڏو لحاظ هوندو هو. جڏهن در وٽان مٽبو هيو، تڏهن نگاهون هيٺ ڪري، پاسو جهلي هلبو هيو ۽ نياڻي سياڻي جي وڏي عزت هوندي هئي هر ڇوڪريءَ کي امان ۽ ڀيڻ ڪري چئبو هيو، نه صرف چئبو هيو پر محسوس به ڪرائيبو هيو. ڪيڏو به جهيڙو، تڪرار ۽ خوني معاملو ڇو نه هجي، نياڻيءَ کي تمام گهڻي عزت ۽ مان ڏنو ويندو هيو. ۽ ان کي رئو پارائي، کيس ستن قرآنن جو درجو ڏئي، هر نياڻيءَ کي ست قرآن سمجهيو ويندو هيو، هتي اهو به وقت هيو، جو ڏک، سک ۾ گڏجي ويهبو هيو ۽ اهو محسوس نه ڪرابو هيو ته هي ڏک ڪنهن هو آهي؟ پنهنجو آهي پاڙي وارن جو آهي، هڪ ٻئي کي تڪليف ۾ جاني ۽ مالي سهائتا ۽ ساٿ، ڏبو هيو ڪو فرق ئي نه، ڪو سنڌو ئي نه هن جو ڪم، پنهنجو ڪم ڪري ڪبو هو، ۽ ڪندو هيو هر جاءِ تي ساٿ ۽ ٻانهن ٻيلي، جاني، جسماني ۽ مالي ونگار ، هر ڪو پنهنجو پنهنجو هيو. هتي اهو به وقت هيو جڏهن ڪنهن جي ڪا چوري چڪاري ٿيندي هئي ته سڄو ڳوٺ، پيرا کڻندو، هيو، هر ڪنهن کي هر ٻئي جو اونو ۽ ڳڻتي هوندي هئي ۽ هڪ ٻئي کان پيا جو سهارا وٺبا هيا. ڪاروبار ۽ واپار ۾، پاڙي ۾ ڳوٺ ۾ ڪوڙ نه ڳالهائبو هيو ۽ ڪس ڪسر کائبي هئي ۽ وهنوار ۾ دوکو نه ڪيو ويندو هيو.
گُڻ ۽ اوگڻ ٻڌايا ويندا هيا. جيڪڏهن ڪو ڍور ڪسو هوندو هيو ته چئبو هيو هن ۾ هي کار آهي. هي نقص آهي، ٻڌائڻ لازمي هوندو هيو، سودو مکياري تي هوندو هيو، پر جيڪڏهن پسند نه آيو ته مال موٽائي وٺبو هيو. پاڙي جو وڏو لحاظ هوندو هيو، ڪنهن جا مهمان آيا، هنڌ، کٽولو ڪونهي، پاڙي وارن کان نوان هنڌ ۽ کٽون وٺبيون هيون ۽ کوٽ سوٽ ۾، ماني به پاڙي وارن کان گهرائبي هئي ۽ هڪ ٻئي جي گهر ڏي چڱو چوکو ٻوڙ، پلاءُ يا ماني به موڪلبي هئي هڪ ٻئي جي گهر ايندا ويندا هيا پر هر فضيلت قائم هوندي هئي، پاڙي اوڙي ۾ رک رکاءُ ۽ رس چس هوندي هئي. هتي اهو به وقت هيو جو پنهنجي ملڪيت، ٻين جي نالي تي به ڪرائبي هئي ۽ اها خريد ڪندڙ جي سڏبي هئي. ڀلي ان جا پونئير ڇو نه هجن. انهن ڪڏهن به رڪارڊ نه ڏٺو، قبضو نه ڪيو ۽ اها دعويٰ نه ڪئي ته هي مال متاع، سندس وڏن جي نالي ۾ لکيل آهي. اڳي ته ائين به ٿيندو هيو ته اوهان خريد ڪريو ۽ ڀلي پنهنجي نالي تي نه ڪرايو، جو ان وقت ملڪيت منتقل ڪرڻ لاءِ به هڪ وڏو پروسس هوندو هيو، تپيدار، مختيارڪار، ڊي سي ۽ پوءِ رجسٽرار، هر پاسي پنهنجو ڀتو ۽ قيمت چئي ملڪيت ٿو وٺين، مٺائي ڪڍ، برڪت پوندئي ۽ پوءِ ان برڪت جي آسري ۽ سهاري، مڙس جو کيسو پيو سوڙهو ٿيندو ويندو هيو ان ڪري ان سرڪاري ماڻهن جي آفيسن جا ڌڪا ۽ ٿاٻا کائڻ کان بچڻ لاءِ ماڻهو پنهنجي نالي ڪرائڻ واري فارملٽي ۾ نه پوندا هيا ۽ خريد ڪرڻ کان پوءِ ان جا مالڪ ٿي ويندا هيا. هتي اهو به وقت هيو، جڏهن ڪنهن چوري ڪيل مال جي خبر پئي ۽ چار چڱا گڏ ٿيا، ته اهو مان ڏنڊ ڏوهه سان موٽائي ڏبو هيو، رات جو ڳوٺن ۾ وڏو مچ ٻرندو هيو ۽ وڏيون ڪچهريون لڳنديون هيون، هڪ ٻئي سان حال احوال ، مال متاع جون ڳالهيون، راڄ ۽ تر جا بيان ۽ لطيفا ۽ راڳ، کل ڀوڳ، چرچا، محبتون، گارگند پر سڀ کلندي ٿيندو هيو ۽ انهن ڪچهرين ۾ سچ پچ ورونهن هوندي هئي، سونهن هوندي هئي، همدردي، پيار، پاٻوهه هوندو هيو، اهڙين ڪچهرين ۾ رشتا طئي ٿيندا هئا، نٿون ٻڌبيون هيون، شرطون لڳنديون هيون ۽ مالي سودا ٿيندا هيا، مڙس جي زبان هڪ، جيڪا ٿي وئي، سا ٿي وئي، پوئتي هٽڻ مهڻو ۽ گار هوندي هئي پوءِ ڀلي نفعو هجي يا نقصان، هر شيءِ طئي ٿي ويندي هئي ۽ ڪيل ڳالهه تان ڪڏهن به نه ڦربو هيو. همدردي ۽ ڪمٽمنٽ جو اهو انداز ته پاڻيءَ جي واري تي وڃبو هيو ته ٻئي جو ٽڪرو ڀرائي اچبو هيو. ڳاهه ڳاهڻو هوندو هيو ته ونگار ۾ وڃبو هيو، وکر ۽ ان کي شهر کڻي وڃڻو هوندو هيو ته ڀر واري جي بيگر به کڻبي هئي، آئي وئي، هڪ ٻئي جي مدد ۽ پئسا، ان حد تائين ته شادي برادرين تي هڪ ٻئي جو سون به پائبو هيو ۽ جي ڪا کوٽ ٿي ته پاڙي وارن کان وٺي ڏيڀ ڏبو هيو نه ڪا چغلي نه ڪا ٽوڪ ۽ نه ئي ڪا فشري ڪبي هئي. دل جا راز دل ۾، ڪيتريون ڳالهيون مرڻ گهڙي نه ٻڌائيبيون هيون، بليڪ ميلنگ جو شعور ئي نه هوندو هيو، هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ ڀروسو، جيڪڏهن سفر سيهي سان ٻئي شهر وڃبو هو ته ان جي پرواهه ئي نه هوندي هئي ته ڪو گهر ۾ آهي يا نه؟ ۽ سار سنڀال به انهن جي ذمي هوندي هئي. جيسين ڪو گهر ۾ نوڪر يا چاڪر، ٻار يا ماڻهو رهيل هوندو هو، ته ٽئي ويلا ماني به پاڙي مان ملندو هئي. ۽ ان جي سار سنڀال به لهبي هئي. گهر ۾ ڪا شيءِ کٽي، گيهه، پٽاٽا، بصر، کير، کنڊ بنا ڪنهن تڪلف ۽ جهجڪ جي پاڙي مان وٺبو هو ۽ موٽ ۾ پليٽ خالي موڪلڻ مهڻو هوندو هو. ڪجهه نه ڪجهه آسيس، سوکڙي ويندي هئي، شهر مان ڪجهه وٺي اچبو هو ته پاڙي ۾ موڪلبو هو. گهر جو سڄو سامان سڀني جي حوالي هوندو هو. در تي ڪجهه ٿيندو هو ته اهو سڄي پاڙي جو مسئلو هوندو هو، جنهن ۾ ذات، پات، نسل ۽ مذهب جو ڪو به عمل دخل نه هو. بس جنهن شيءِ کي اهميت هئي اهو هو پاڙو ۽ پاڙي وارن جي ڪاوڙ، ناجائزي ۽ ڀاءُ وچ ۾ پڻ اختلاف ٿيندا هئا ته حق سچ جو ساٿ ڏبو هو. بيماري بڙي ۾، هڪٻئي جي پرگهور، پڇڻ ۽ آٿت ڏبي هئي، شل نه ڪو اسپتال داخل ٿئي، سڄو ڳوٺ پڇڻ ويندو هو ۽ ان کي پنهنجو فرض سمجهندو هو، جنهن ۾ مالي مدد ڪرڻ به شامل هوندي هئي. هڪ ٻئي جي بدلي ۾ نه صرف پلئه وٺبو هيو پر ڪوڙي شاهدي به ڏبي هئي ۽ هر ڪم صلاح ثواب سان ڪبو هو، جڏهن ڪنهن کي اڃ لڳندي هئي ته هو پهريائين پاڻيءَ جو گلاس ڀرواري کي ڏيندو هو ۽ سڀني کي پاڻي پياري پوءِ پاڻ پيئندو هو. دروازي مان پهرين ٻين کي هلڻ لاءِ چئبو هو ۽ آخر پاڻ هلبو هو. اهڙو قرب، مروت ءٌ لحاظ هوندو هو جو هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ ۽ ان جو خيال رکڻ زندگيءَ جو اول ۽ آخر نڪتو هوندو هو.
ڳوٺن ۾ جڏهن ڪو مهمان ايندو هو ته هر ڪو چوندو هو ته هو سندس اوطاق ۾ رهي، ماني ٽڪي، هنڌ بندوبست سڀ ميزبان جي حوالي. پوءِ اها ان مهمان جي مرضي هوندي هئي ته هو ڪڏهن ٿو وڃي. ميزبان ڪڏهن به هن کي نه چوندو ته وڃ، ڀلي گهر ۾ پاڻ رکو سکو کائيندو، پر مهمان جي ماني چڱي هوندي. مکڻ، کير، ڀاڄي، ماکي، هر شيءِ گهڻي هوندي هئي. ان مهمان جا ڪپڙا گهران ڌوئاربا هئا، مطلب ته مهمان نوازي بي انتها رستي ايندي ويندي سواري تي مسافر کي کڻي، سندس منزل تي پهچائبو هو. دڪان يا هٽ تان جڏهن سودو سامان وٺبو هو تڏهن منافعو گهٽ ۽ رعايت گهڻي ملندي هئي ۽ اويل سويل ۾ رک رکت پنهنجي جاءِ تي رڳو نياپو موڪلبو هو يا ڪنهن ٻار کي چئبو هو. سڄو سامان اچي ويندو هو ۽ ايمانداري سان ان جو بل ڏبو هو جو شڪ ڪرڻ وڏو گناهه سمجهيو ويندو هو. ڀائرن ۽ برادري کي ننڍي وڏي ڳالهه تي، جلدي ٺاهي ڇڏبو هو. ڪورٽ ڪچهريون اڳ به هونديون هيون. پر پاڻ ۾ مسئلا ويهي حل ڪبا هئا. هي وڪيلن جو ڪاروبار ۽ ڊاڪٽري سرٽيفڪيٽن جو وهنوار بلڪل نه هوندو هو. استاد شاگرد هئا ءٌ وري شاگرد به انهن کي سرعام، پيرين پئي ملندا هئا. اها عزت ۽ احترام قابل ديد هوندو هو. ڪنهن وڏي سڏي وچ م پئي جي ڪجهه چيو ته ماٺ ڪري وڃبي هئي، چپ ٿي وڃبو هو ۽ وڏن جو احترام ۽ چوڻ وٺبو هو. صوفين واري سنڌ ۾ نياز نوڙت ۽ پيار هوندو هو. اڄ انساني وسيلا وڌيا آهن، سماجي طور تمام گهڻي ترقي ٿي آهي. ٽيڪنالاجي سڀ سهولتون پيدا ڪيون آهن، تعليم ڦهلي آهي، اسڪول، ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون وڌيون آهن. دنيا ننڍڙو ڳوٺ ٿي وئي آهي. انساني پورهيو ۽ مشقت گهٽي آهي. نيون جنسون ۽ نوان نمونا پيدا ٿيا آهن. سفر جون سهولتون ۽ ڪميونيڪيشن تمام عام ٿي وئي آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي بدولت هينئر پلن ۾ رابطا ٿي رهيا، آهن، ڄاڻ جا ذريعا وڌيا آهن ۽ انسان پنهنجي مڪمل اوج واري دور ۾ اسان جو تاريخي ورثو ۽ شاندار عمل ڪيترو پوئتي ٿي ويو آهي. اهو اوهان پاڻ ڏسو ۽ محسوس ڪريو ۽ جواب ڏيو ته اها سنڌ ڪٿي آهي؟؟
(روزانه خبرون ڪراچي، خميس 8 مارچ 2007ع)