گوسڙو استاد ۽ منشي گيري
اسانجي تعليمي شعبي ۾ پرائمري اسڪول جي معلم کي ”ماستر“ سيڪنڊري کي ”ٽيچر“ ۽ باقي اڳتي ”استاد“ چيو وڃي ٿو. هونئن ته استاد ڪاريگر ۽ ڊرائيور کي به چيو ويندو آهي. پر سنڌ جي سرموڙ شاعر استاد بخاري اُن لفظ کي جيڪو مان ۽ مرتبو بخشيو ان سان هاڻي پڙهائي واري شعبي سان لاڳاپيل هر ماڻهو استاد آهي. پوءِ ان سان استاد جي ڀل ته معنيٰ ۽ مفهوم تبديل ٿي وڃي. پر اهي آهن وڏا استاد جو انهن جي استادي ظاهر پئي ٿيندي آهي.تازو سرڪار کي اها صلاح جنهن به ڏني. پر واهه جي صلاح هئي. ته استادن جي به لائين لڳائي انهن جي به ”پي ٽي“ ڪرائي وڃي. خبر ناهي اهو ڪارنامو به اسان جي مانواري ميڊم مهتاب جي دور ۾ سرانجام ٿيڻو هو. بهرحال ڪم ڀلو آهي ان ڪري ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي . جو اسان ان کي چڱائي ٿا سمجهون. دراصل گوسڙو استاد ، جيڪي تعليم ۾ ته ڪوٽا سسٽم جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن پر اهي پنهنجي ڪوٽا کي برقرار رکيو ٿا اچن. جو انهن کي نوڪريون ”مقامي ڪوٽا“ تحت مليون آهن ۽ اهي پنهنجن آقائن جي ”منشي گيري“ ڪندي، ذاتي خدمت ڪندي سرڪاري اسڪولن مان پگهار کڻي به اسڪول مان موڪل ڪن ٿا ۽ لڳاتار غير حاضر رهن ٿا. پر اتي اُهي محنتي استاد به آهن. جن سان هي نظام هلي ٿو. پر اهي ٿورا آهن.
اها به هڪ حقيقت آهي ته اسان جي ڳوٺن ۾ تعليم جو ڪو نظام ئي ڪونهي، يعني اهي ئي شاگرد اڃا به گهرو ڪو ڪم ڪن ٿا، دلا ڀرين ٿا، تڏن ۽ ڀتين تي ويهي، اسڪول جو وقت پورو ڪري گهر موٽن ٿا. ڳوٺ ۾ شادي ٿي ته اها به اسڪول جي عمارت ۾ ۽ پوءِ ڊگهي موڪل، مينهن پوي ته اسڪول بند، ڪنهن جي خيرات يا صدقو هجي ته به اسڪول بند، استاد شهر وڃي يا بيمار ٿي ته به اسڪول بند، ڪوٽا سسٽم جي خلاف ڳالهائيندڙ اهي تنظيمون ۽ معتبر ڪاش سنڌ جي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن کان به واقف هجن. جن کي خبر پوي ته گرامر ۽ سينٽ مائيڪل اسڪولن ۾ ويندڙ انهن شاگردن ۽ بک ۾ اسڪول ايندڙ، ٿڌ ۽ گرمي ۾ پنڌ ڪندڙ انهن شاگردن جي اسان جي ملڪ ۾ رائج تعليمي سهوليتن جو ڪهڙو فرق آهي. پوءِ به وڏن وڏن اسڪولن جي شاگرد جو نمبر اڳڀرو اچي ٿو. ذهن سڀ وٽ آهي. پر ان کي استعمال ڪرڻ جو پنهنجو پنهنجو رستو آهي. اهڙي حالتن ۾ جيڪڏهن اسان جو استاد پنهنجون سماجي ذميواريون نٿو نڀائي ته اهو هن معاشري، سماج ۽ قوم تي ظلم آهي، ۽ گوسڙو ماسترن کي پنهنجي قوم جو بهترين نسل ضايع ڪرڻ ۽ هڪ خاص ماڻهو جي خوشامد ۽ منشي گيري ڪندي اهو سوچڻ گهرجي ته ان سان نقصان ڪنهن جو ٿو ٿئي؟ ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي، ته جيڪو ماڻهو ڪجهه به نه ڪري سگهي. اهو گهٽ ۾ گهٽ ماستر يا اخباري خاطو ته ٿي سگهي ٿو.حالانڪ اهي ٻئي شعبا ذهانت چاهن ٿا.
اسان ڳالهه پئي ڪئي تعليم کاتي جي ان گوسڙو استادن جي جن جون اڄڪلهه لائينون لڳل آهن. جانچ پڙتال جاري آهي. ۽ وٺ وٺان لڳي پئي آهي. پر خدشو اهو آهي ته ان عمل ۾ ڪٿي ايئن ته نه ٿيندو ته سرڪار جي حاضري ڀريندڙ ڌُر، پنهنجو منشي رهائي وڃي ۽ سابق ڌُر ان بهاني سان ماڻهو ڪڍرائي، وري پنهنجن منشين جو اگهه نه وڌائي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته به اها تعليم جي خدمت ڪانهي ۽ خدمت جي نالي ۾ اهو قدم انتهائي نقصانڪار ٿيندو.
چڱائي جي شروعات ٿي چڪي آهي ته پوءِ اها سڀني مصلحتن کان پاڪ ۽ نيڪي واري راهه تي هلڻ گهرجي. ان سان تعليمي شعبي جي وڏي خدمت ٿيندي. هڪ خدمت اها به ٿيڻ گهرجي ته سنڌ جي اسڪولن جي به سار لهڻ گهرجي ۽ انهن جا به دورا ڪرڻ گهرجن، قومي ۽ ٻين الاقوامي ادارن کي به اهڙي حالت زار کان باخبر رکڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو ڪم صحيح سمت ۾ ٿيو ته اها وڏي خدمت چئبي
(روزانه هِلال پاڪستان 13 فيبروري 1999ع)