سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي
اسان جا سنڌي ڳالهائيندڙ وزير آفيسن ۾ ويهن ئي ڪو نه ٿا ۽ گهڻن پنهنجا مخصوص ۽ خفيه حجرا ٺاهي ڇڏيا آهن، سندس آفيسون ويران ۽ ڀڙڀانگ آهن، جڏهن ته متحده جا وزير نه صرف پنهنجي آفيسن ۾ اچن ٿا. پر عام ماڻهن سان به ملن ٿا. ۽ انهن جا مسئلا به حل ڪن ٿا، جن ۾ اهڙا مسئلا شامل آهن، جن جو تعلق سندس محڪمن سان به ناهي. هو اسپتال ۾ داخل مريضن جي به پر گهور لهن ٿا ۽ مدد ڪن ٿا.
گذريل نون سالن جي دور ۾ سياستدانن، ڪامورن جو ماريل عوام اڄ به ساڳي حالت ۾ آهي، اڄ به اهي ئي آفيسر ۽ ڪامورا انهن ئي جاين تي موجود آهن. جتي هو نون سالن کان موجود آهن، ۽ اڄ به اهي ماڻهو ان عتاب جو شڪار ٿي رهيا آهن، جيئن اڳ ۾ اهو طعنو ڏئي ڌڪاريا ويندا هئا، هنن جو واسطو پيپلز پارٽيءَ سان آهي. پيپلز پارٽي خاص ڪري گذريل نون ڏهن سالن ۾ جنهن ڏاڍ ۽ ڏمر جو شڪار رهي آهي، اڄ جو ڪارڪن اڃان ڪنهن ڏڍ جي تلاش ۾ آهي. اوهان اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته نوڪريون به ”ڌن“ تي ڏنيون وڃن ٿيون، جنهن ۾ پوليس جي سپاهي ۽ پٽيوالي جهڙيون عام نوڪريون شامل آهن، خود پارٽيءَ اندر هڪڙن کي اڀاريو ۽ ٻين کي ڌڪاريو پيو وڃي، پارٽيءَ اندر گروپ بنديون پيدا ڪيون پيو وڃن. جيڪي شايد اقتدار جي اک نه ڏسندي هجي پر گذريل دور ۾ جن کي نوازيو ويو هيو، اهي اڄ به اقتدار جا مزا ماڻهو رهيا آهن.
سنڌي وزيرن پنهنجن محڪمن جا اهي سربراهه ۽ ماڻهو رکيا آهن، جيڪي اڳوڻي دور ۾ ان دور جا خاص ماڻهو هيا. اها لسٽ پڻ طويل آهي. ان حد تائين ته علمي ۽ ادبي ادارن ۾ اهي ماڻهو مک پوسٽن تي ويٺا آهن. جن ذوالفقار علي ڀٽي ۽ محترم بينظير ڀٽو خلاف مضمون لکيا. اڄ هو وزيرن جي معرفت اقتدار ۾ ادارن جا مزا ماڻي رهيا آهن، هر دور ۾ سنڌ جو ساڃاهه وند تمام گهڻي تڪليف ۾ رهيو آهي. هن دور ۾ هو اڃا وڌيڪ پيڙا ۾ آهي جو عوامي دور ۾ به عوام جو ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي. خاص ڪري سنڌي ادب ۽ شاعر کي هڪ پلاننگ تحت حڪومت جي خلاف اڀاريو پيو وڃي ۽ قلم قبيلي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي باشعور اديب کي نظر انداز ڪندي ان کي عوامي حڪومت خلاف ڀڙڪايو پيو وڃي. ثقافت کاتي پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي ريسٽورينٽ لاءِ 88 لک روپيا امداد ته ڏني ويئي آهي. پر سنڌي اديبن جي واحد ۽ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت کي ڪابه گرانٽ نٿي ڏني وڃي، جڏهن ته اڳوڻي حڪومت گرانٽ ڏيڻ لاءِ تيار هئي پر سنگت ڪنهن به آمر ۽ آمرن جي ويهاريل ماڻهن کان امداد وٺڻ لاءِ تيار نه هئي. هينئر سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي موجوده عوامي حڪومت خلاف اڀاريو ۽ ڀڙڪايو پيو وڃي، جنهن ۾ خود حڪومتي وزير ۽ ادارا شامل آهن.
ان کان سواءِ جهموريت لاءِ قربانيون ڏيندڙن ۽ سختيون سهندڙ باشعور ماڻهن کي لتاڙيو پيو وڃي. اقتدار ۾ اهي سڀ شيون جائز سمجهيون وينديون آهن. پر انهن جو ردعمل ڪجهه بهتر ناهي هوندو. اڄ به ننڍڙي گريڊ وارا وڏن گريڊن جي جاين تي ويٺا آهن ۽ ڏهن سالن کان ساڳيا مزا ماڻي رهيا آهن. اسان جي وزيرن پنهنجي پسند جا دربان ۽ درٻار سجايا آهن، جن ۾ ابن الوقت ماڻهو ويٺا آهن، جيڪي واهه واهه جو ورد ڪندي انهن کي موهيندي عوام کان پري ڪري رهيا آهن، جيئن ته اقتدار جا ڪن هميشه کان ڪچا هوندا آهن، زبان تيز ۽ اکيون بند هونديون آهن. پر وقت ڪڏهن به ناهي رڪيو ۽ وهندو ويندو آهي، شيون اهي ياد رهنديون آهن، جن ۾ ڀلائي هوندي آهي، هينئر اها ڳالهه افسوس سان ڪرڻي پئي ٿي. ته سنڌ ۾ هر ضلعي حڪومت جيان پارٽيءَ جي پنهنجي ڪمان ضلعن اندر آهي. سنڌ ليول تائين اها پنهنجي مرڪزيت وڃائي رهي آهي، ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ کان وٺي هر ڪم ضلعي اندر ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ هر ضلعي لاءِ وزير صاحب کي ۽ خاص ماڻهن کي ذميوار بڻايو ويو آهي. ڳالهيون گهڻيون آهن. ۽ انهن جي خبر به سڀني کي آهي پر ان تي ويچارڻ گهرجي، پارٽيءَ اندر پڻ گروهه بندي ۽ گروپ بندي قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن لاءِ هر ضلعي جي وزير صاحب کي ۽ خاص ماڻهن کي ذميوار بڻايو ويو آهي. هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته عام ماڻهن يا سنڌي ماڻهن جنهن جو تعلق به پارٽيءَ سان آهي. اهو ڪاڏي وڃي؟ ڪو اهڙو آهي جيڪو چوي ته اچ مون ڏي اچ، مان ٿو تنهنجو جائز مسئلو حل ڪريان!
محترم شهيد بينظير ڀٽو جو رابطو سنئون سڌو عوام سان هيو. هو ڪنهن وٽ لنچ ته ڪنهن وٽ ڊنر يا ڪنهن شهر ۽ ڳوٺ ۾ عوامي جلسو ڪري اتان جي ماڻهن جي خبر چار لهندي هئي. هر ماڻهوءَ سان ملندي هئي. ۽ ڪارڪنن ۽ ورڪرن جو تمام گهڻو خيال رکندي هئي. انهن جي خبر چار وٺندي هئي. ڏکن ۽ سورن ۾ انهن جي پرگهور لهندي هئي. مان ذاتي طور ڪيترين جاين جو گواهه آهيان، لاڙڪاڻي نئين ديري ۾، عوامي ڪچهرين دوران هو عام ماڻهن سان به ملندي هئي. 18 آڪٽوبر 2007ع تي جڏهن محترم مٿان ڪارساز تي حملو ٿيو ته پاڻ سيڪيورٽي ادارن جي منع ڪرڻ باوجود جناح اسپتال ۾ زخمين سان ملڻ آئي ۽ انهن کي بند لفافي ۾ امداد به ڏئي وئي. فردن فردن هر زخميءَ وٽ پهتي، ان وقت اهو عالم ڏسڻ وٽان هيو، جڏهن هر زخمي اهو پئي چيو ته محترمه اسان ته ڇا، اسان جا ٻار ٻچا، اوهان تان قربان آهن، پوءِ محترمه وري انهن زخمي ۽ شهيد ٿيندڙن جي گهرن ۾ وئي. انهن جي ٻارن کي دلداري ڏني ۽ انهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو.
محترمه جي وقت ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سان گڏوگڏ هر ماڻهوءَ جي عزت هئي. پر هينئر سواءِ ڪجهه ”ماڻهن“ جي ٻين کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ڪجهه پارٽيءَ جا اڳوڻ اندر گروپ بنديون ٺاهي رهيا آهن، جن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، جو ان عمل سان اڳتي هلي پارٽيءَ کي تمام گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو. ۽ لڳي ٿو ته اهو ڪم به هڪ پلاننگ ۽ منصوبه بنديءَ سان ڪيو پيو وڃي. گذريل دور ۾ ڀوڳيندڙ ۽ قربانيون ڏيندڙن کي پاسيرو ڪري هر دور ۾ هلندڙن کي آڏو آندو پيو وڃي. جنهن سان هڪ تيز ۽ تکي لڪير ڇڪجي رهي آهي. هينئر اقتدار آهي، پنهنجا پراوا سڀ گڏ آهن پر آزمائش جي وقت حالتون مختلف ٿي سگهن ٿيون. سلامتي ڪائونسل جي مشير کي برطرف ڪرڻ کان پوءِ ايوان صدر جو ناخوش ٿيڻ، نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
مخالف پنهنجي پلاننگ تحت ڪم ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه ڪيڏي عجيب و غريب آهي ته آمرن وقت انهن ماڻهن جا وات بند هوندا آهن، جيڪي هينئر نون نعرن سان ظاهر ٿي رهيا آهن، مڊٽرم چونڊون ۽ قومي حڪومت جو مطالبو ڪري رهيا آهن، جنهن جو ڪنهن به طرح سان اخلاقي ۽ قانوني جواز ئي ناهي.
وزير اعظم سڀني جي گڏيل اعتماد سان چونڊيو ويو آهي. صدر ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان جهموري ۽ قانوني انداز سان چونڊجي آيو آهي. جنهن وٽ اڪثريت آهي. اهو ئي حڪومت جو حقدار آهي، ته پوءِ ڪي سياسي يتيم، اهڙي قسم جو مطالبو ڪندي ڪهڙو نظام ٿاچاهين؟ اها ڪهڙي جهموريت پسندي آهي، جنهن جا نعرا ۽ دهل وڄايا پيا وڃن؟ اهي سڀئي پنهنجي آقائن جي اشاري تي هلن ٿا. جن جا چهرا نروار ۽ ظاهر آهن، اهي آمريت واري دور ۾ واهه واهه ڪن ٿا ۽ جهموريت ايندئي هڪ نئين ”ايجنڊا“ تي هلڻ لڳن ٿا، جن جي پويان اهي قوتون آهن. جيڪي ملڪ ۾ عوامي راڄ نٿيون چاهين، جو هو پارليامينٽ بجاءِ هڪ ماڻهوءِ سان رابطو ۽ ڊيل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀلو ۽ آساني محسوس ڪن ٿيون ۽ انهن جا پنهنجا سياسي ايجنڊا ان روپ ۾ وڌيڪ محفوظ ٿيڻ لڳن ٿا. انهن قوتن جا پنهنجا ماڻهو رکيل آهن، جيڪي قلابازيون کائيندي پنهنجي ڏسيل ڪرتب پيش ڪن ٿا يا عوامي طرح راڄ کي ڪمزور ڪري پنهنجا خاص ۽ نجي مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
مڊ ٽرم چونڊون ۽ قومي حڪومت جو مطالبو ڪندڙ سڀ اهي ماڻهو آهن، جن جو پارليامينٽ سان ڪو واسطو ئي ڪونهي ۽ هو شارٽ ڪٽ طور اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ چاهين ٿا. انهن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻئي واري انتظار ڪرڻ گهرجي، ۽ جهموريتي انداز ۾ ايندڙ چونڊون تائين خاموش ٿيڻ گهرجي پر اهو ڪير ٿو ڏسي؟ سيٽي وڃڻ تي انهن کي پنهنجو اهو ڪم ڪرڻو آهي. جن لاءِ انهن کي رکيو ۽ چيو ويو آهي. اهڙي طرح سان هي ميڊيا جو دور آهي. ان دور ۾ ميڊيا کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏاڍو آسان آهي. جو ميڊيا جو پنهنجو ملهه آهي. ڪجهه ادارن انهن جي سيٽين تي هاڻي کان ئي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هڪٻئي کان هڪٻئي جي خلاف بيان بازي ڪرائي سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ ويڙهائي رهيا آهن ته جيئن ويڇا وڌن، الزام لڳن، گريبان ڇڪجي ۽ پوءِ سڀ لايا سجايا ٿين. اهو ڪم به تمام تيزيءَ سان ٿي رهيو آهي ته وري ٻئي پاسي پاڙيسرين کان پريشر ۽ الزام لڳرائي حڪومت کي عالمي طور پريشر جي اثر ۾ آندو پيو وڃي. جنهن لاءِ ماحول ٺاهيو پيو وڃي. ۽ اهڙا اشتهار هلايا پيا وڃن ته حڪومت آهي ڪٿي؟ يعني هنن کي ملڪ اندر حڪومت نظر ئي نه ٿي اچي.
ڪجهه ماڻهن کي خاص ڪم ڏنا ويا آهن، اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي. ته هڪڙيءَ اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين چوي ٿو ته جيڪڏهن جلد اجلاس ڪوٺايو ويو ته هو هڪ وڏي قانوني اداري جي سربراهه جي گهر آڏو احتجاج ڪندو. هاڻي هن ليول جي ذاتي عمل کي ڪهڙي نموني سان ”جسٽيفاءِ“ ڪري سگهجي ٿو؟ يا قومي ادارا پنهنجي ذاتي پسند ۽ انا جي پورائي لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا جو اُن ڪاميٽيءَ کي صرف هڪ ماڻهوءِ جي خواهشن تي هلڻ ڏنو وڃي ۽ ٻين جي راءِ جو احترام نه ڪيو وڃي ۽ انهن کي اهميت ئي نه ڏني وڃي؟
هڪ صوبي جي حڪومت چين سان ۽ ٻين ملڪن سان، ڪهڙي حيثيت ۾ معاهدا ڪري رهي آهي؟ هو صوبي اندر پنهنجو قانون ٺاهي رهي آهي. جنهن ۾ ڪمشنرن کي بحال ڪيو ويو آهي. يعني ته هڪ ملڪ ۾ مختلف نظام آهن، هڪ صوبي ۾ هڪڙو ۽ ٻئي صوبو ۾ ٻيو، اهڙو عمل ڪيتري حد تائين درست آهي؟ ان تي سوچڻ خبر ناهي ڪنهن جو ڪم آهي؟ پر عام ماڻهوءِ جي ويچار ۾ اهڙيون ڳالهيون ضرور اچن ٿيون.
اڳي رڳو وڏا وزير پنهنجا صلاحڪار مقرر ڪندا هيا پر هينئر صوبائي وزيرن به پنهنجا صلاحڪار مقرر ڪيا آهن. جيڪا هن نظام ۾ هڪ نئين روايت آهي. آخر اهڙي روايتن مان ڪهڙو ۽ ڪنهن کي فائدو ٿيندو؟ گذريل ڏينهن منهنجو اسلام آباد وڃڻ ٿيو. اتي ته جهان ئي ٻيو آهي. جيڪو جيئن جو تئين به نٿو لکي سگهجي جو سڀني کي خبر آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو ٽي وي چئنل بار بار اهي اشتهار هلائي رهي آهي. ته ”حڪومت آهي ڪٿي؟“ آزادانه پاليسي ڪري. هينئر هر ماڻهو آزاد آهي. هڪ ٽي ويءَ جو ميزبان، جنهن طريقي سان ڳالهائي رهيو آهي، يا جنهن جارحانه نموني سان هرڀرون تنقيد ڪري رهيو آهي. پڪ سان ان جي پويان به ڪو نه ڪو ضرور هوندو. ورنه اڻ وڻندڙ انداز ۾ ان نموني جو ڳالهائڻ اخلاق جي ضابطن جي خلاف آهي.
اوهان غور سان ڏسو گذريل اٺن مهينن دوران پلاننگ سان وڏو ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جي پويان ڪن اداران ۽ ماڻهن جون خواهشون ڪم ڪري رهيون آهن، اهو ئي سبب آهي جو ادارن اندر ۽ انهن جي ٻاهران دونهون دکايو پيو وڃي. جنهن کي ڪنهن به وقت ڦوڪ ڏئي سگهجي ٿي. ڇا هر دفعي مفاد پرست اناپرست ۽ عوام آزاريندڙ ئي ڪامياب ٿيندا؟ مختلف سياسي پارٽين جا وزير ۽ ورڪر پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. هو هڪ ٻئي خلاف جنهن مام ۾ ڳالهائن ٿا. ان جو انداز به نروار آهي، هڪڙن کي پسند جا کاتا گهرجن ته وري ٻين کي من پسند نوڪريون گهرجن، هڪڙن کي ڪارپوريشن گهرجن ته وري ٻين کي اقتدار ۾ مطلوبه مزو گهرجي. جي نه ته پوءِ نامنطور عدم اعتماد، نافرماني، عليحدگي، انهن سڀني رُخن تي سوچڻ گهرجي اڃان وقت نه ويو آهي. عالمي قوتون ۽ انهن جا مقامي پوئلڳ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، اهو چوڻ ٺيڪ ناهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي
(روزانه خبرون ڪراچي اڱارو 20 جنوري 2009ع)