دش ڪش جو دؤر
اڄ دنيا ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ رڳو هڪ بٽڻ آن ڪيو ۽ پوءِ رموٽ کي گهمائيندا رهو. سموري دنيا اوهان جي آڏو آهي. اڄ جي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ هڪ جاءِ تي بٽڻ رموٽ جو ٽڪڻ ئي مشڪل آهي جو هن وٽ پنهنجي پسند جو ۽ دلچسپيءَ جو هڪ وڏو ميدان آهي. اڳي رڳو هڪ ٽي وي هوندي هئي. جيڪا سڀني جي مجبوري هئي پر هاڻي ائين ناهي. موجوده وقت ۾ جتي دلچسپيون به وڌي ويون آهن، اتي معيار به مٽيا آهن، هينئر اٽو، گيهه، سبزي ۽گوشت ته ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿيندو پيو وڃي پر اها پڻ حقيقت آهي ته الڪٽرانڪ سامان تمام گهڻو سستو ٿيندو پيو وڃي ۽ اڳ جي ڀيٽ ۾ ان جي اگهه ۾ ٽي سئو سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آهي ۽ نه صرف گهٽتائي آئي آهي پر مواصلات جا ذريعا پڻ وڌي رهيا آهن. جو سماج جون ضرورتون پڻ وڌي رهيون آهن.
ماڻهن جي انهن جديد رابطن ۾ اڄڪلهه موبائيل فون به ضرورت ٿي وئي آهي ۽ عام مزدور کان وٺي اصل آسمان جيڏي ماڻهونءَ تائين موبائيل جي رسائي آهي، نه صرف موبائيل پر اوهان کي اهو ڏسي ۽ ٻڌي شايد حيرت به ٿئي جو اڄڪلهه عام ڳوٺن ۾ ڪيبل سسٽم ۽ ڊش اينٽينا جو پڻ رواج عام ٿي ويو آهي، پوءِ هن ڊش تي ٻه رسيور ته آهن ئي آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ويهه پنجويهه چينلز ڳوٺن ۾ ڏٺيون وڃن ٿيون ۽ روڊ رستن تي قائم جڳهي نما هوٽلن ۾ پڻ اهو سڄو نظام ۽ سهولتيون موجود آهن.
اڄ جي سنڌ نه صرف دنيا کي ڏسي ٿي پر دنيا سان ڳنڍيل به آهي. ان هوندي به حيران ڪن ڳالهه اها آهي جو اسان اڄ به ٽي صديون اڳ واري دؤر ۾ بيٺل آهيون اسان جون اکيون برابر کليل آهن، پر اسان جي سوچ جو محور اڃا به سترنهين صديءَ وارو آهي. اسان يا ته ڪنهن جي ايجنڊائن تي هلي رهيا آهيون يا وري پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري رهيا آهيون ۽ پنهنجي آقائن جي اشاري تي هلي رهيا آهن.
مان حيران آهيان ته ماڻهو بدلجي ويو آهي، دنيا بدلجي وئي آهي پر اسان جي سوچ اڃا تائين هڪ جاءِ تي بيٺل آهي ۽ سماج جون اهي بديون ۽ برايون جيئن جو تيئين موجود آهن. انهن ۾ رتي برابر جو به فرق ناهي آيو. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان شيون ڏسون ضرور ٿا پر محسوس نٿا ڪريون ۽ هر شيءِ کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون، جيڪا ڳالهه ڏاڍي خطرناڪ آهي، ان ۾ اسان جو پنهنجو ئي ڏوهه آهي. مثال طور تازو لاڙڪاڻي ۾ نابالغ ننڍي نينگر کي ڪارو ڪري ان جو ڳلو ڪپيو ويو آهي. اهو ماڻهو جيڪو ڪجهه ڪرڻ جي ئي سگهه نٿو رکي. اهو ڪارو ڪيئن ٿيو؟ ان کان وڌيڪ ڪھڙي بيھودگي ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن دشمني ڪرڻي آهي ته جوان ٿي ڪريو. هي ننڍڙن ٻارڙن کي وچ ۾ آڻي، بڇڙائي ڪرڻ ۾ ڪوبه فائدو ڪونهي. جڏهن ٻيو ڪجهه نٿو ملي ته پنهنجو انگ وري پنهنجو ماڻهو ماري ان کي ڪاروڪاري جو نالو ڏيڻ. هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو گناهه آهي، ۽ اهڙن ماڻهن کان سماجي طور حساب ڪتاب ورتو وڃي. اهو اسان سڀني تي فرض آهي، جيڪو اسان کي پورو ڪرڻ به گهرجي ۽ نڀائڻ به گهرجي پر اسين سڀئي ان سماجي ڪم کان ڪونهين پري آهيون، شايد ان جو وڏو سبب سماج ۾ منافقي جو وڌڻ آهي. اسين سڀئي رڳو ان ڳالهه جو رينگٽ وڄائيندا آهيون، جنهن ۾ اسان جو فائدو هوندو آحي. هاڻي اهو مفاد تي منحصر آهي ته اهو ڪهڙي نوعيت جو آهي؟ پوءِ اسان ان طرف هلندا آهيون ٻيا ته ٻيا پر اسان جا لکاري دوست جيڪي پاڻ کي گهڻو پڙهيو لکيو چورائن ٿا، ڏاها ۽ دانشور سڏرائن ٿا، (پوءِ اهي الائجي آهن به يا نه) پر اهي به ڪن جي ايجنڊائن تي هلندي ڪيترن جو ائيين ئي ڳلو ڪٽين ٿا، جيئن لاڙڪاڻي جي حيدري محلي جي ننڍڙي نينگر صدام حسين جو ڳلو ڪٽيو ويو آهي.
ڌارين جي پگهارن تي هلندڙ جاهل ۽ بيمار ذهن لکاري، اهو ۽ اهڙو ڪم خوش اصلوبي سان ڪري پنهنجو داد وٺي رهيا آهن جو ڪيترن کي ان ۽ اهڙي ڪم سان لڳايو ويو آهي. هينئر اخبارن ۾ ان لاءِ هڪ خاص ٽرم استعمال ٿي رهيو آهي. ”سينڊيڪيٽ“ جيڪا باڊي يونيورسٽين ۾ هوندي هئي. اها هر جاءِ تي ۽ عام جام ٿي رهي آهي. اسان جي دلي ۽ ذهني ايمانداري ختم ٿي رهي آهي.
اڳي ڪجهه آفيسر رشوتون وٺندا هئا، هينئر اهو رواج هر جاءِ تي ۽ عام جام آهي، واپاريءَ کان ڪاموري تائين، لکاري کان خبر ڏيندڙن تائين رشوت کي پڻ مهذب ڪري ان جو نالو ”خرچي“ ڪميشن، مٺائي رکيو ويو آهي. جتي دنيا جديد ٿي وئي آهي. اتي انسان جو اندر ڪٽجي رهيو آهي. ماڻهوءَ جي من ۾ ڀڃ ڊاهه ٿي رهي آهي. انسان جي اندر جي بوءِ عام ٿي رهي آهي، نيڪيون ۽ چڱايون ختم ٿي رهيون آهن.
اهو انسان، جيڪو اڳ درندهه ۽ ازدها پاليندو هو، ان کي اهو يقين هوندو هو ته هي پاليل درندو (بلا) کيس نقصان نه ڏيندو پر اڄ اهو ئي انسان پنهنجي ئي نسل کان نقصان کائي رهيو آهي. ۽ ماڻهو پنهنجي ئي فطرت ۾ اهي سڀ درنده ۽ بلائون سانڍي ۽ پالي رکيون ويٺو آهي. جنهن جا مثال ۽ مظاهرا روز ٿين ٿا. سڄو ڪم هڪ اشاري تي هلي پيو، ڪنهن جو پٽڪو لاهڻو آهي ته اهڙو مواد ڳوليو پيو وڃي، ڪنهن کي هيرو بڻائڻو آهي ته دنيا جي عظيم انسانن جا حوالا ڏئي مڙس مٿي ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو سڄو ڪم اسان جو لکاري لڏو ڪري رهيو آهي، محض ٿوري ”دش ڪش“ عيوض، ڀلا جيڪڏهن ماڻهوءَ جا افعال چڱا نه هجن ته ان جو عمل ته چڱو هئڻ گهرجي، جيڪو به مشڪل ترين ڪم آهي.
(روزانه خبرون ڪراچي خميس 22 مئي 2008ع)