ڪالم / مضمون

آئينا ۽ عڪس

هي ڪتاب ”آئينا ۽ عڪس“ نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نگار ذوالفقار سيال جي ڪالمن جو موجموعو آهي.

هي ڪتاب چانڊوڪي پبليڪيشن، لاڙڪاڻو/ ڪراچي پاران 2015ع ۾ ساحل پرنٽرز وٽان ڇپرايو ويو.
Title Cover of book آئينا ۽ عڪس

نقلي طبيب دوائون ۽ زالن جا ستايل

اسان جي ملڪ ۾ خدا جي فضل و ڪرم سان قانون موجود آهي ۽ اڄڪلهه ته اهو حرڪت ۾ آهي. قانون لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو انڌو آهي. اها ڳالهه ڪيترين ئي فلمن ۾ پڻ ڪئي ويئي آهي. ڳالهه ته فلم وارن ٻوڙي ۽ گونگي جي به ڪئي آهي، پر پاڻ اُن قانون جو جيئن ته احترام ڪندا آهيون، ان ڪري ان کي ان جي نافذ ڪندڙن کي به اها گذارش ڪيون ٿا ته هن قانون کي ٻيلهه سواري، جلسي جلوس لاءِ ته تمام گهڻو استعمال ڪيو ٿو وڃي، پر انسان جي صحت ۽ تندرستيءَ لاءِ هن جو استعمال ڄڻ ته منع ٿيل آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ”جيءُ خوش ته جهان خوش“اِهو جيءُ تڏهن خوش ٿيندو، جڏهن اُن جي سار سنڀال ڪئي ويندي ۽ صحت جا اصول ۽ ضابطا رائج ڪيا ويندا. اسان جي ملڪ ۾ حڪيمن ۽ جعلي ڊاڪٽرن جو هڪ وڏو تعداد آهي، جن وٽ نه ئي ڪا سند آهي. ۽ نه ئي انهن کي تعليمي سرٽيفڪيٽ آهن، پر ملڪ جي اخبارن ۾ ڪيتري وقت کان اشتهار ٿا اچن ۽ اسين سڀ نظرانداز ڪري رهيا آهيون. ان اشتهار جي وڪڙ ۽ چڪر ۾ اسان جا ڪيترائي سارا اٻوجهه ۽ ضرورتمند ماڻهو خبر ناهي ڪيترو نقصان کائي چڪا آهن ۽ انهن ايوارڊ يافته حڪيمن طبيبن شاطرن جا ڪٽنب جڏهن پاڻ بيمار ٿين ٿا، تڏهن هو شهر جي وڏن وڏن ڊاڪٽرن جي دروازن تي بيٺا آهن. انهن کي پنهنجا ٻچا ته پيارا آهن.پر ٻين جا ٻچا، سندن فيڪٽري ۽ تجربيگاهه ۾ تجربن هيٺ لٽ ۾ پيا لٽجن ۽ روزاني اخبارن ۾ سندن دلڪش اشتهار ۽ هٿراڌو لکيل جڙتو خط، جن ۾ هن جي تعريف هوندي آهي. بلڪل ڪوڙا ۽ سچ جي خلاف آهن. نه صرف ايترو پر هٿراڌو ليباٽرين ۽ دوائن جا اشتهار پڻ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ کي ڀنڀلائي رهيا آهن، جن ۾ طاقت ۽ جواني جي موٽ، شباب جو دور، مٺا پيشاب ۽ بلڊ پريشر کان ڇوٽڪارو، حسن ۽ جواني جي ورهاست ۽ ٻين عضون جي نشونما ۽ سونهن، پچڪيل ڳل ۽ زنانيون تڪليفون، مطلب ته سرعام بنا ڪنهن رجسٽريشن جي ۽ تصديق جي رڳو اشتهار بازي ۾ پيا ماڻهو لُٽجن ۽ انهن کي غلط راهه ڏيکاري وڃي ٿي. جنهن ۾ سنڪي ۽ ڪارٽيسون جو آزادانه استعمال، جنهن جي نتيجي ۾ سوين بيماريون نه صرف پيدا ٿين ٿيون، پر اُن زهري دوائن ڪري ڪيترائي موت ٿيا آهن ۽ خبر ناهي اڃا ڪيترائي معصوم ۽ مسڪين ماڻهو اڃا ڦاسندا ۽ مرندا رهندا. اسان جي ملڪ ۾ جيئن ته قانون آهي ۽ هميشه حرڪت ۾ رهيو آهي. خبر ناهي هن مسئلي لاءِ قانون اڃان ڇو نه سجاڳ ٿيو آهي؟ اسان وٽ صحت کاتو، ڊرگس ليبارٽري، صوبائي ۽ وفاقي طور ڪم ڪري رهيا آهن. هتي وياگيرا جي رجسٽريشن لاءِ سوچ ۽ ويچار جاري آهي، پر موت سان قوت، شباب ۽ طاقت جي نالي ۾ رنگين اشتهار ۽ مارڪيٽينگ جي اجازت آهي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اداري هنن کان نه پڇيو آهي ته هنن دوائن جي رجسٽريشن ٿيل آهي يا نه؟ هنن دوائن ۾ ڇاڇا موجود آهي ۽ ڪيتري تناسب سان ؟ ان جا ردعمل ڪهڙا آهن؟ هن جو مقدار ڪيترو آهي؟ ۽ هن جي تيارين جا ذريعا ۽ جزا ڪهڙا آهن؟
ڏک رڳو اُن ڳالهه جو آهي ته هتي حڪمت جي نالي ۾ زهر ورهايو ۽ پيئاريو پيو وڃي ۽ اسين مهذب دنيا جا رهواسي روزانو پڙهندي ڏسندي به خوش آهيون. اسان جون اخبارون رڳو پئسن وٺڻ جي چڪر ۾، انهن جي اشتهارن ڇپڻ کان اڳ وزارت صحت جي رجسٽريشن ۽ اين او سي به نٿيون ڏسن. جنهن جو قانوني طور اُن کي ڇپڻ کان اڳ جاچڻ ضروري آهي. بس هي حڪيم ۽ ڪمپنيون وڏا وڏا اشتهار ڏيئي، پريس جو منهن بند ڪريو ويٺا آهن. هو نه صرف اشتهار ٿا ڏين. پر انهن کي اخبارون پروجيڪشن ۽ پروٽيڪشن پڻ ڏيئي رهيون آهن.
اسان جون خدمت ڪميٽيون هونئن ته گهڻائي ڇاپا ۽ ڇپاڪا هڻن ٿيون، پر ڇا هو هن بنهه انساني مسئلي ڏانهن ڌيان ڏين ٿيون؟ صحت جا ضلعي عملدار ڄڻ ته هن پاسي ڌيان ڏيڻ کي به اهميت نٿا ڏين. ته پوءِ اسان جون اعليٰ عدالتون جيڪڏهن پاڻمرادو اهو نوٽيس وٺن ته جيڪر گهڻن جو ڀلو ٿيندو ۽ ڪيترائي موت بچائي سگهبا. آهي ڪو هن مملڪت خداداد ۾ جيڪو هن خرابي کي روڪي؟ ڀلا جيڪڏهن هڪ ڪم ڀتي کان بچيو ته به خير آهي، جو مولا جو ملڪ اڳ ئي جام آهي.

زالن جا ستايل
خبرون ته لڳ ڀڳ سڀئي مزيدار هونديون آهن، پر ڪي ڪي خبرون واقعي مزيدار ٿينديون آهن. انهن پويان بيڪ گرائونڊ ڪجهه اهڙو هوندو آهي. جو اهي گهڻن جي دل جي ترجماني ڪنديون آهن. اسان چاهيون ٿا ته اهڙي مزيدار خبرن مان فائدو وٺو. هاڻي اهو اوهان ته ڇڏيل آهي. ته اوهان اُن مان ڪيئن ۽ ڪهڙو فائدو ٿا وٺون. تازي هڪ خبر ڇپي آهي ته بنگلاديش ۾ زالن ۽ سسن جي ستايلن پنهنجي هڪ تنظيم قائم ڪئي آهي.
بنگلاديش جي هڪ علائقي چوڳاچا ۾ زالن ۽ پنهنجن ساهرن جي ستايلن ڪجهه مردن پنهنجي هڪ تنظيم قائم ڪري ورتي آهي. ”جمائي سميت“ نالي ان تنظيم جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته زالون توڙي سندن ساهرا انهن تي ذهني ۽ جسماني تشدد ڪن ٿا.جنهن ڪري هاڻ اهي آواز اُٿاريندا. نارمل شايع ٿيندڙ اخبارن جي رپورٽ مطابق بنگلاديش جي ان علائقي ۾ اٽڪل ٻه سو مرد پنهنجن ساهرن وٽ غلام بڻيل آهن، ڇو ته هڪ پراڻي روايت تحت انهن کي پنهنجي ڪنوار يا ساهرن جي گهر ۾ هر حالت ۾ رهڻو پوي ٿو. سترهين سيپٽمبر جي اخبار ۾ ڇپيل هن خبر اسان وٽ به ڪيترين ئي مردن ۾ پڪ سان حوصلو پيدا ڪيو هوندو. اهو حال رڳو بنگلاديش جو ناهي، پر سائوٿ ايسٽ ايشيا ۾ اهو رواج ڪجهه وڌيڪ آهي. اسان جي ملڪ ۾ فلمي، ميڊيا ۽ ٽي وي ريڊيو تي پڻ مرد ويچارا انهن کان به وڏيڪ ستايل آهن. بنگالي باشندن تنظيم تائين ڪم ڪيو آهي، ٿي سگهي ٿو نه ان جو اثر ڪو چڱو نڪري ۽ هتي پڻ يا ته اهڙي ڪا تنظيم ٺهي يا وري ان جي ڪا شاخ کلي، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ انهن مردن کي وڏو فائدو پوندو، جيڪي ويچارا گهر ۾ ويٺي ويٺي ٻار ريجهائڻ ۽ پرچائڻ ۾ پورا آهن يا انهن کي تيار ڪري اسڪول وٺي ۽ کڻي اچن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ هتي اخبارن ۾ اها خبر به ڇپي هئي ته فلم اسٽار پنهنجي سيڪريٽري کان پيرن جون تريون مهٽائي ۽ زور ڏيارائي پنهنجو شوٽنگ دوران ٿڪ لاٿو. اسان وٽ گرين ڪارڊ جي لالچ، گهر ۽ گاڏي جي شوق ۾ ڪيل شادي يا شوبز جي جوڙن جو به حال ساڳيو آهي، پر شاباس آهي هنن جي صبر ۽ همت کي، مجال آهي جو ٻڙڪ ٻاهر ٻولين. ويچارا پاڻ لڪايو ۽ بچايو وتن جو انهن جي خيريت ئي ان ۾ آهي، ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ مڙس ڪتا ۽ ڪاريون ڌوئڻ جو به ڪم ڪندا آهن. ڪي ڪي ته جوان جا پٽ رڳو گهر ۾ رات جو دير سان ايندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ جو هڪ واقعو آهي. ته ڪا بيگم صاحبه گهر مان نڪري ويئي ۽ فون ته اعلان ڪيو. ته هو فلاڻي نمبر تي هوندي. جڏهن ضرورت پئي ته گهر ايندي. جو مڙس اڳ ئي ٻارن جي سار سنڀال حوالي هو. ٽن ڏينهن کان پوءِ بيگم صاحبه آئي. مڙس آخر ته ڀلا مڙس ٿئي ٿو. هن کان خطا ٿي. هن پڇيو ته ٽي ڏينهن ڇا پئي ڪيئي؟ مائي جي نه ڪا هم نه ڪا تم، ٺڪاءُ گلاس نرڙ ۾، چيائين: ”تون ڪير آهين منهنجي ذاتي معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ وارو؟ “ ۽ پوءِ اسپتال ۾ جوان جي پٽ کي ٽانڪا لڳا. ٻه ٽي ڏينهن بستري تي رهيو. بيگم صاحبه کي به وڏو ڏک ٿيو. ڏک اُن تي نه ته مڙس بستري داخل ٿيو. پر ڏُک اُن تي ڪجهه ڏينهن هن ٻار اسڪول ڇڏيا ۽ آندا پئي. اسان جي ملڪ ۾ چڱا خاصا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو، خبر ناهي الائي ڇو زالن جي اشارن تي نچي رهيا آهن. حالانڪ نچڻ ڪم آفيشلي انهن جي ”ٻائڙين“ جو آهي. اسان وٽ هتي اهڙا کوڙ قصا ۽ ڪهاڻيون آهن. پر ڍڪي ڀلي آهي. ورنه ڪيترائي اداڪار، قلمڪار، فنڪار، موسيقار، پروڊيوسر ۽ شاعر وڌيڪ ظاهر ٿيندا هاڻي بنگلاديش ۾ اهڙي تنظيم جي ٺهڻ، گهٽ ۾ گهٽ اُن ڳالهه جي گواهي آهي ته مرد آخر مرد آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهو به ٻڌل پٽو لاهي ٿو. ڏسڻو اهو آهي ته ان جو اثر بنگلاديش تائين محدود ٿو ٿئي يا سارڪ ۾ پڻ ان جو فيض پهچي ٿو؟؟ ۽ پنهنجي ملڪ ۾ به ان جو ڪو عام فائدو ۽ اثر نڪري ٿو؟ هونئن به ملڪ مڙيو ئي مٺائي لڳو پيو آهي. تڏهن ته ڪالهوڪا ڪنگلا اڄ جا ڪروڙپتي بلڪه ارب پتي لڳا پيا آهن، جو ان ارب ۾ ڪنهن عرب جو به عمل دخل ٿي سگهي ٿو.
(روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 6 آڪٽوبر 1999ع)