راڪاس جو ڦيرو
هڪ دفعو وري وحشتون عروج تي، قانون تماشائي ۽ تماشبين. جنهن کي جو آيو، ان اهو ڪيو، سسيون ڌڙن کان ڌار ٿيون، ماڻهن جون رڙيون، واڪا، ريهون، ڦٿڪا، سسڪيون ۽ صدائون.
ڪوبه ته ڪونهي، جيڪو هي دانهون ورنائي، ڪو به ته ڪونهي، جيڪو هنن جي داد رُسي ڪري ڪو به ته ڪونهي ، جيڪو هنن جي جيءُ کي، دان اَڇي نه ڪو به نه. ڪو به نه،
سنڌي ماڻهوءَ جي قسمت ڦٽل، همت هاريل ۽ جيءُ جهريل آهي، هن جا سڀئي رستا هڪ راهه تي اچي ملن ٿا، اتي ويٺل رهبر خاموش ۽ تماشائي آهن. سڀني چيو ڪرفيو هڻو، چيائون، نه، اهو حل ناهي پوءِ اُن جو ڪهڙو حل آهي؟ ڀل ماڻهو مرن، رستي تي، سي غريب جو ڪهڙو ڏوهه، جنهن پنهنجن ٻارڙن لاءِ روزگار ٿي ڪمايو گهر جي چلهه کي ٻارڻ لاءِ پورهيو ٿي ڪيو، پنهنجي اولاد ۽ ماءُ پيءُ لاءِ مزدوري ٿي ڪئي، ان جو سڄو جنم رت ۾ ٻڏل، ان جون سموريون حسرتون قتل،
هي خون هڪ ماڻهوءَ جو خون ناهي، پر هڪ دور جو خون آهي، تاريخ جو خون آهي، انسانيت جو خون آهي ۽ پوري ڪائنات جي جذبن، لطيف احساسن ۽ حسين خوابن جو خون آهي، .
هي قتل هڪ ماڻهو جو قتل نه پر هڪ روايت، هڪ سڀاءَ جو قتل آهي، هي قتل انصاف جو نه، پر قانون جو به قتل آهي. ان قتل جي پوئيواري اسان سڀني جي شعوري، لاشعوري ذميواري آهي.
حيدرآباد، ڪيتري وقت کان جنگ جو ميدان ٿي ويو آهي. هن ميدان ۾ ماڻهو بي واهه مسڪين ۽ معصوم ئي ڪسجي ويا آهن، قانون. ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾ آرامي آهي، اقتدار، ڪرسيءَ سان چنبڙيو پيو آهي، ۽ ماڻهپو سمهي رهيو آهي.
حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڦٽيل، پنهنجي مسيحا جي تلاشي ۾ آهن، انهن جون اکيون اوسيئڙا ڪري ٿڪجي پنڊ پهڻ ٿيون آهن، ڪو به رهبر، ڪو به اڳواڻ انهن جي زخمن ۽ آٿت لاءِ نه ٿو اچي، ماڻهن کي ڪٿي وقت آهي، جو اهڙن ماڻهن جو حال احوال وٺن، ڀلا انهن سان ، ڪو تعلق به ته ناهي، اهي انهن جا شايد ووٽر به ناهن، رستن ويندڙ بي گناهه ماڻهو آهن، جي بچيا به ٺيڪ، مئا، ته پوءِ جيڪو حڪم الله جو.
انهن جو ڏوهه؟ اهوئي ته هن ڌرتيءَ جا باشندا آهن ڀلا اهو ڏوهه ڪو گهٽ ته ناهي، سزا لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي، ته اوهان جي ٻولي سنڌي هجي، سرجري وارڊ پهرين ۾ داخل شوڪت سومري ٻڌايو ابا، مان ڌوٻي آهيان، مان ۽ منهنجو ڀاءَ ٻئي ڌوٻي آهيون، ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ، ماڻهن جو مير ڌوئي، پاليندا آهيون. نور محل سئنيما ويجهو شاهينگ وري آيا، پڇيائون، ڪير آهين؟ نالو ڇا اٿئي؟ چيم، شوڪت نالو آهي ۽ سومرو آهيان، بس پوءِ ته ٺڪا ٺوڪي ٿي وئي، مان انهن کي ڏاڍ ايلاز ڪيا، ڏاڍو ٻاڏايم، منٿون ڪيم، چيم، ننڍڙا ٻچا آهن ڪو ڪمائي وار ڪونهي، انهن لاءِ هي کٽمڙا ورتا اٿم، پٽڙا دروازي تي انتظار ۾ هوندا. اڄ انهن سان واعدو ڪري آهيو آهيان ته جلدي ورندس، ٻيلي مون کي نه ماريو، پنهنجي الله کي مڃيو، منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي، مان عرصي کان اوهان جي مير ڌوئان ٿو، رحم ڪريو بخشو ٻيلي پنهنجي رب جو قسم اٿو، ابا ڏاڍا وس ڪيم، وڏا قسم ودَم، پر ظالمن ڪا به نه ٻڌي، مون ۽ منهنجي ڀاءَ کي ماريندا رهيا، منهنجو ڀاءَ مري ويو، مان پنهنجا ساهه ڳڻيان ٿو. ابا! اسان کي ڪو آٿت به نٿو ڏي.
سرجري ٻئي تي هڪ ننڍڙي ڇوڪري سال سوا سال جي بختاور ستل آهي، هن جا آنڊا نڪتل ۽ مٿي تي پٽي ٻڌل آهي. هن جو آپريشن ٿيو آهي. هي پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي سان گڏجي شهر آئي هئي، فائرنگ ۾ هن جو بابل شهيد ٿي ويو، ڏاڏي زخمي ٿي پئي ۽ داخل آهي، ننڍڙي پاڻ انتهائي سيرئس حالت ۾ آهي، مان هن جي مٿان بيهي نه سگهيس، هن جو ته اهو به ڏوهه ڪونهي، هن جي ته اڃا زبان به ڪونهي.
سرجري ٻئي تي داخل، همراهه بيهوش آهي، جڏهن اسپتال پهتو هيو ته هي بي هوش هو، رتو ڇاڻ، جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن رڙيون ڪيائين!
”ابا! منهنجا ٻه ننڍا ٻار به مون سان گڏ آهن. ٻيلي جاچ ڪريو، واهر ڪريو، ڳولهي ڏيو، ٻچڙا ڪيڏانهن ويا، لاش ڳولهيون، مون کي منهنجا بار ورائي ڏيو، ابول! الائي ڇا ٿيو، الائي ڪنهن جي ور چڙهيا، پوءِ رڙيون ۽ واڪا، مونکي موڪل ڏيو، منهنجا ٻار ورائي ڏيو واهر ڪريو. ابا مان لُٽجي ويس. تباهه ٿي ويس، ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن اُن کي ڊسچارج ڪيو ويو.
هو ماڻهوءَ جي پنهنجي ڪهاڻيءَ آهي، هر ماڻهوءَ سان هڪ داستان منسلڪ آهي. ڪيتريون ڪهاڻيون لکي ڪيتريون ڪهاڻيون لکون. لونءِ ڪانڊرجي ٿي، بت مان سيسراٽيون ٿيون اُڀرن.
پر زبان تي مصلحتون آهن، اکين تي نوڪري جا پها آهن ۽ هٿ ٻڌل آهن.
پر اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل، هو ننڊ ۾ الوٽ آهن، ايئرڪنڊيشن ماڻهن جا شايد جذبا به ٿڌا ڪري رهي آهي.
ٻي پاسي ماڻهو پنهنجي پيارن جا لاش کڻي، پوري رهيا آهن.
(روزانه عبرت حيدرآباد 4 اپريل 1990ع)