ڪالم / مضمون

آئينا ۽ عڪس

هي ڪتاب ”آئينا ۽ عڪس“ نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نگار ذوالفقار سيال جي ڪالمن جو موجموعو آهي.

هي ڪتاب چانڊوڪي پبليڪيشن، لاڙڪاڻو/ ڪراچي پاران 2015ع ۾ ساحل پرنٽرز وٽان ڇپرايو ويو.
Title Cover of book آئينا ۽ عڪس

الطاف شيخ ۽ عربستان

الطاف شيخ اسان جو نرالو، البيلو ۽ بهترين ليکڪ آهي. منهنجي سائينءَ سان پراڻي نيازمندي آهي، جڏهن پاڻ ٻاهر هوندا هئا. تڏهن به مون کيس ڳولي لڌو ۽ پنهنجي هڪ ٻاراڻي ڪتاب جو مهاڳ به کائنس لکرايو اٿم. ان کي به عرصو ٿيو آهي، گذريل سال منهنجي فرمائش تي ، پاڻ پندرنهن سالن کان پوءِ ٽي وي پروگرام ”مهراڻ ميگ“ ۾ انٽرويو ڏيڻ آيو. اها اُن جي نوازش هئي نه ته پاڻ پردي ۾ هئا.
الطاف شيخ تقريبن سنڌي ماڻهن کي ڀل پوءِ خام خيالي ئي سهي سڄي دنيا جو سير ڪرائي چڪو آهي ۽ نوجوانن کي اهي سڀ گس پاسا ۽ ڏس ڏنا آهن جن کي پڙهي ڪيترائي اسان جا نوجوان آمريڪا، انگلينڊ ۽ يورپ ويا آهن. ۽ دنيا ۾ پکڙجي چڪا آهن اهڙو اظهار خود مون سان آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ رهندڙ نوجوانن ڪيو. ٻيو سنڌي ادب کي سفرنامي جهڙي هڪ سگهاري صنف پڻ ملي آهي. جيڪڏهن الطاف شيخ سفرنامو نه لکي ها ته اسان جي ڪيترن ئي نوجوانن کي پرڏيهي ڄاڻ، تهذيب کان واقفيت ۽ علم و ادب جو ادراڪ ئي نه هجي ها.
الطاف شيخ صاحب نه صرف سفرناما لکيا آهن پر هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون آهن ۽ پنهنجون ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن وڏي ڳالهه تي هن پنهنجي لکڻين کي ڪڏهن به ڪيش نه ڪرايو آهي ۽ نه ئي پنهنجون شامون، راتيون، صبحون ۽ منجهندون ملهائيون آهن. هن ڪڏهن ڪنهن ادبي گرگ يا دلال کي اها وينتي نه ڪئي آهي ته هن جو خاص نمبر ڪڍو ۽ نه ئي پاڻمرادو ڪنهن پنڊت کي اهو خيال آيو آهي ته هي ماڻهو بنا ڪنهن رجسٽريشن، گروهه بندي ۽ پبلڪ رليشنگ جي هيڏو وڏو ڪم ڪيو آهي. ان کان شاباش ملڻ گهرجي . ڀلي ڪو اهو ڪم نه به ڪري پر پڙهندڙن وٽان هن کي موٽ ملي آهي. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته سندس ڪتاب گهڻي تعداد ۾ کپن ٿا ۽ ڇپجن به ٿا ۽ مسلسل اهو ڪم جاري آهي، پاڻ هڪ وقت سنڌي ۽ اڄڪلهه اردوءِ ۾ پڻ سفرناما لکي رهيو آهي.
سڄي دنيا جي نبض تي هٿ رکندڙ اسان جو هي ليکڪ موجوده وقت جي سماجي ۽ پرڏيهي واقعن کان خبر ناهي ايئن بي خبر ڇو ٿي ويو آهي؟ هلال پاڪستان ۾ ڪالم لکندي وڃي عربستان پهتو آهي ۽ ڪيترن ئي مهينن کان هي عربستان مان ناهي نڪتو. لڳي ٿو ته الطاف شيخ هينئر ماڻهن کي نيڪ ڪرڻ ۽ پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جي راهه تي نڪتو آهي. جيڪو پڻ تمام سٺو ڪم آهي. باقي الطاف شيخ صاحب پڪ سان اڃان ڪراڙو ناهي ٿيو. شيخ اياز به آخر ۾ دعائون لکيون. سائين جمال ابڙو، سائين علي احمد بروهي صاحب پڻ بزرگيءَ ڏانهن موٽي آيا آهن، اسان دعاگو آهيون ته الله سائين اسان کي به ساڃاهه ڏئي ته اهو ڪم جيڪو پڇاڙيءَ ۾ شروع ڪيون. بهتر آهي ته هاڻي کان ئي ڪيون. جو پوءِ اهو موقعو الائي ملي. الائي جي نه؟ سو اسان جهڙن ماڻهن کي سعودي عرب گهمائڻ ۽ اتان جو سير ڪرائڻ دراصل ايمان کي تازو ڪرڻ جي برابر آهي. پر مان دراصل منجهي پيو آهيان ته هي سفر نامو يا سعودي عرب جو ڀيرو، جيڪو ڀلي پار جو ڀيرو آهي. گهڻا سال هلندو جو هونئن به اسان وٽ پنج سالا منصوبا هلندا آهن يا اسان جو نوجوان دنيا جا ٻيا به پاسا ڏسندو.جيڪو هو الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ڏسندا رهندا آيا آهن.
ٻيو ته هڪ سوال هي به اڀري ٿو ته ڇا الطاف شيخ رڳو سفرناما ئي لکندو يا اڃا اڳتي به ايندو ۽ دنيا جي مسئلن تي پنهنجا ويچار ونڊيندو ۽ اسان جهڙن اٻوجهن ۽ جاهلن کي ان کان آگاهي ڏيندو، جو الطاف شيخ جو تجربو مشاهدو ۽ ڄاڻ، اسان سڀني کي ڪنهن خاص زايئي ۽ سوچ ڏي آڻي سگهي ٿو ۽ هڪ ڀرپور معلومات به ڏئي سگهي ٿو.
بهرحال الطاف شيخ سائين آهي ۽ سڀ ڪجهه آهي. سج کي آئينو ڪهڙو ڏيکارجي؟؟ وڌيڪ الطاف ڀاءَ پنهنجي مرضي جو مالڪ آهي. اسان الطاف شيخ لاءِ اڳ به دعاڳو هئاسين ۽ هاڻ به آهيون، دراصل اسان هن کان سکڻ ۽ پرائڻ ٿا چاهيون. اسان جيڪي کوهه جا ڏيڏر آهيون. هڪ اهڙي شخص کان جيڪو نه صرف دنيا گُهمي آيو آهي، پر هو دنيا کي ڇُهي به آيو. آهي. تهذيبن کان واقفيت رکي ٿو ۽ ٻولين جو ماهر آهي تاريخ ۽ تمدن جو ڄاڻو آهي ۽ سڀني چڱاين جو چشم ديد گواهه به آهي. هو جيڪڏهن چاهي ته نوجوان نسل کي گهڻو ٽرينڊ ڪري سگهي ٿو ۽ انهن کي صحيح ۽ وقتي صلاح پڻ ڏئي سگهي ٿو جنهن لاءِ ڪالم جي ميڊيا ۽ مضمون تمام گهڻو اهم ۽ مضبوط آهن. بهرحال اسان اڳ به کيس پڙهندا رهيا آهيون ۽ آئيندا به پڙهندا رهنداسين.
(روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 23 مارچ 2002ع)