واهه جو ڪم ٿيو
اهو طريقو هلي پوءِ پراڻو ٿيو. پر اسان جي مولوي صاحبن جا ڏنل زائچا ۽ ”ٽيڻا ڦيڻا“ اڄ به قائم ۽ دائم آهن.
اوهان اڪثر دڪانن تي شيشي ۾ مڙاهيل زائچا ڏٺا هوندا جيڪي شايد روزگار ۾ برڪت لاءِ هوندا آهن.پوءِ اها ”برڪت“ کڻي ڪهڙي به هجي، اهڙو دائرو هينئر تمام گهڻو مقبول ۽ عام آهي.
گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي هڪ ڊاڪٽر جي دڪان تي، (جنهن کي تهذيب يافته طور ”ڪلينڪ“ چيو ويندو آهي) وڃڻ ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ تي روزگار وڌائڻ وارو اهو ساڳيو زائچو ڏسي ڪنهن حد تائين حيراني ٿي، ڇو جو ان کان اڳ اهڙا زائچا صرف پرچون جي دڪانن تي لڳل هوندا هئا، مونکي ان سڄي قصي ۾ صرف هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. اها هيءَ ته هڪ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر کي ان روزگار واري زائچي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ٻيو ته اهڙو روزگار جنهن ۾ هڪ لاءِ اهنج ۽ مصيبت هجي ۽ ٻئي لاءِ مزو ۽ روزگار- لڳي ٿو ته اسان جا عقيدا يا ته صحيح ڪونهن يا وري انتهائي ڪچا آهن. جو اسين انهن انگن اکرن ۾ اٽڪيا پيا آهيون جو ٻاهر نڪري نٿا سگهون، هن سماج جو ان کان وڌيڪ ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو!!
اهو ساڳيو ئي حال اسان جي سماج ۾ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ دوستن جو آهي.
قصو ڪوتاهه، مون وٽ هڪڙو دوست آيو چيائين ”يار پريشان آهيان“
پڇيم ”ڇا ٿيو“ چيائين ”اڄ ڪا خبر ڪانهي، ڪا اهم خبر اخبار لاءِ گهرجي“
اڃان همراهه چانهه ئي پيتي پئي ته هڪ فون آيو شهر ۾ هنگامو، چار ماڻهو ماريا ويا، ڪيترائي زخمي!
همراهه رڙ ڪري ڪرسي تان اُٿي بيٺو.
چيائين! ”واهه جو ڪم ٿيو، منهنجي خبر ٺهي“ ۽ پوءِ تفصيل وٺندو رهيو ۽ خوش ٿيندو رهيو.
اڳي ٻڌاندا هئاسين ته ”مروئان موت، ملوڪان شڪار“ سو ڳالهه وڃي ساڳي ٿي.
دنيا بدلي، هر شيءَ بدلي- نه بدليو ته اسان جي ماڻهو جو مزاج، ۽ انداز!
(روزانه عبرت حيدرآباد، 15 اپريل 1989ع)