هور وي آگي
هونئن به ڪراچيءَ ۾ ٻاهران ايندڙن لاءِ گهڻا موقعا آهن. ڪٿي به ٽينٽ هڻي جهڳي ٺاهي ويهي رهو. آهستي آهستي سڀ سهولتون حاصل ٿي وڃن ٿيون. چوريءَ جي بجلي، چوريءَ جو پاڻي ته ڪو مسئلو ئي ناهي، پوءِ پنهنجي ان گهڻائيءَ کي قائم ڪرڻ ۽ رکڻ لاءِ مختلف جاين تان ايندڙن کي همٿايو وڃي ٿو ۽ ڏسندي ڏسندي اتي هڪ وڏي ڪالوني ٺهي وڃي ٿي، جنهن کي پوءِ حاڪم وقت جي نالي تي قائم ڪري ان کي ڪڏهن ضياءُ الحق ڪالوني، ڪڏهن غلام اسحاق ڪالوني، ڪڏهن ايوب ڪالوني ته وري ڪڏهن مشرف ڪالونيءَ جو نالو ڏئي ان کي ريگيولر ڪري، ناجائز قبضن کي جائز قرار ڏئي کين سڀ سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون، جو ان ۾ نهايت فخر جي ڳالهه آهي ته حاڪمن ۽ حڪمرانن جي نالي تي شهر ۾ هڪ مستقل ڪالونيءَ جو واڌارو ٿي وڃي ٿو.
ڪراچيءَ ۾ اهو سلسلو تمام گهڻي وقت کان هلندو پيو اچي ۽ ان ڪري هي شهر هجرت ڪري ايندڙن لاءِ وڌيڪ مناسب ۽ سازگار آهي. ٻيو ته هتي مانيءَ جو به ڪو مسئلو ناهي مولوي صاحبن جي فتويٰ مطابق ڏوهن جو ڪفارو مسڪينن کي ماني کارائڻ ۾ آهي جيڪو ادا ٿي وڃي ٿو. ان ڪري جيترو گناهه وڌيڪ ٿئي ٿو اوترو مسڪين وڌيڪ ماني کائي گنهگارن جي گناهن کي ڌوئي صاف ڪن ٿا ۽ بيپناهه رشوت، ڪميشن، لٽ مار ۽ ٺڳيءَ جي بدلي ۾ مسڪينن کي ماني کارائي گناهن کان آجو ٿيڻ جو رواج ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ عام ۽ مقبول آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏن ۽ واپاري علائقن ۾ خاص ڪري ڊفينس، ڪلفٽن، سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي، محمد علي هائوسنگ سوسائٽي، کارا در، ناظم آباد وغيره ۾ منجهند ۽ رات جي وقت، نهاري ۽ نان وٺندڙن کائيندڙن جون وڏيون وڏيون قطارون لڳن ٿيون ۽ الله جا بندا، پنهنجو لايو سجايو ڪندي انهن کي ماني کارائن ٿا.
ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ماني ڏيڻ ۽ کارائڻ وارا گهڻا آهن ۽ کائڻ وارا ٿورا، پوءِ اهي حضرات پاڻ سان گڏ شاپرس به آڻين ٿا جيڪي وري گهر ڀاتين لاءِ ماني به کڻي وڃن ٿا. ڪراچيءَ ۾ وڏين درگاهن تي ڀت جون ديڳيون، دال روٽيءَ ڏيڻ وارو جو به هڪ وڏو تعداد موجود آهي. جتان به ڪو سوالي خالي ناهي ويندو. عروس البلاد ڪراچيءَ ان ڪري سڄي دنيا جي يتيمنن جو پسنديده شهر آهي. هتي نه ته هتي کاڌ خوراڪ جو مسئلو نه ئي وري رهائش جو فڪر. جتي چاهيو، ويهي رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪالوني اوهان جي پنهنجي ۽ ڪي ڪي وري اهو به ڪن ٿا جو جڏهن اها ڪالوني ريگيولر ٿي وڃي ٿي ته پوءِ وري پلاٽ ۽ گهر کپائي وري ٻئي هنڌ ديرو ڄمائين ٿا ۽ مولا جو هي ملڪ، بنا ڪنهن چيڪ ۽ بيلنس جي هلندو رهيو آهي ۽ هلندو رهي ٿو. جو سنڌ کي اڃان تائين شڪارگاهه چيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو. ڪراچيءَ ۾ پرڏيهين جون وڏيون ڪالونيون آهن جن ۾ بنگالي، برمي، افغاني ۽ بهاري اچي وڃن ٿا. جتي هنن کي شناختي ڪارڊ آسانيءَ سان ٺهي ملن ٿا. جن جا ڪيترائي سبب آهن ۽ سڀني کي ان جي خبر به آهي، اهو ئي سبب آهي جوهتي رڪشا هلائيندڙ، اڄ ارب پتي آهن.
تازو سوات مان جيڪا لڏ پلاڻ ٿي رهي آهي ان جو به منهن هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ڏانهن موڙيو پيو وڃي. 1947ع وانگر جڏهن لڏ پلاڻ ٿي هئي تڏهن پنجاب مان ”پاڪستان اگي اي“ واري روايت کي دهرائيندي هينئر پنجاب ۾ لڏپلاڻ ڪري ايندڙن لاءِ رهائش جو بندوبست نه پيو ڪيو وڃي ۽ هڪ اطلاع مطابق انهن کي ”اگي“ جو چئي، اها روايت دهرائي پئي وڃي.ظلم اهو آهي ته جڏهن حڪومت ڪرڻ جو وقت ٿو اچي تڏهن پنجاب چئي ٿو ته اسان پاڪستان آهيون ۽ جڏهن پاڪستان تي ڪا ڏکيائي ٿي اچي ته پوءِ ان روايتي عمل اگي کي دهرايو پيو وڃي. هو محض امدادي سامان ڪٺو ڪري، پئسا ڏئي، پنهنجي محب وطنيءَ کي ثابت ٿا ڪن.
ملڪ جي وسيلن مان به انهن کي آبادي جي بنياد تي حصو ملڻ گهرجي. باقي ڏک سک ۾ ڪم ”اگي“ تي حاڪم به راضي ۽ عوام به خوش. بهرحال هر ماڻهوءَ جي پنهنجي سوچ ٿئي ٿي. پر سنڌ ۾ اڳ ئي آباديءَ جو بار گهڻو آهي. ٻيو ته هتي وسيلا پڻ محدود آهن. نه ڪڻڪ ڀلي لهي ۽ نه ساريون ڪو وٺي ۽ جڏهن سنڌ جي سبزي لهي ته ٽڪي سير وڪامجي. پاڻي ملي ڪونه، فصل ڀلو ئي ٿئي نه- تيل، بجلي، گئس، معدنيات ۽ ٽيڪس مان پاڪستان کي ڪمائي ڏيندڙ سنڌ پاڻ به نٿي پالي صنعتون پڻ هڪ طرف جو انهن جا مالڪ مزدور به پنهنجا آڻي رکن. مقامي ماڻهن کي روزگاراڻپورو، اهڙي حال ۾ ان کي ڪيئن جسٽيفاءِ ڪري سگهجي ٿو ته، ٻه صوبا ڇڏي پار ڪري اوهان ٽئين صوبي ۾ اچو؟ ڇا سنڌ ئي پاڪستان جو واحد پناهه گاهه آهي؟ ٻيا صوبا اهو ڪم ڇو نه ٿا ڪن؟ انهن سوالن جا جواب ضرور ملڻ گهرجن.
اوهان جڏهن ٽي وي چيئنلس ڏسو ٿا، ته متاثر بيان ڏين ٿا ته اسان چار ڏينهن پنڌ ڪري سرحد پهتا آهيون، پئسو ڪونهي نه ڀاڙي لاءِ نه کائڻ لاءِ، پوءِ هو ڪراچيءَ ۾ ڳرا ڀاڙا ڀري ڪيئن ٿا اچن؟ ڪنهن جي آسري ٿا اچن؟۽ ڪنهن جي چوڻ تي ٿا اچن؟ انهن جي مدد ڪير ٿو ڪري؟ ان تي سوچڻ گهرجي. رڳو چند صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون وڌائڻ لاءِ هي ڪم نٿو ڪيو وڃي؟ يا بنا ڀاڙي جي سرڪاري ريل ته استعمال نٿي ڪئي وڃي؟
هن ڳالهه جيڪا اهم آهي، اها ته ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تمام گهڻو آهي، هتي هيڏا ماڻهو جڏهن بي روزگار ٿيندا ته اهو ڏوهه اڃان وڌندو، ۽ هٿيارن سان کيڏندڙ ۽ طالبانن کي ويجهو ڏسندڙ، هتي به اهو عمل دهرائي سگهن ٿا. ڀلي سڀ اهڙا نه هجن، پر ڪرائيم ڪندڙ گهٽ تعداد ۾ ۽ ڪجهه ئي هوندا آهن. جيڪي ڀلي ڪنهن سياسي ايجنڊا تي نه هلندا هجن، پر پنهنجي پيٽ خاطر ڪجهه به ڪري سگهن ٿا.
جيئن ته ڪراچيءَ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو تعداد محدود آهي ۽ پوليس فورس تمام گهٽ آهي ان ڪري شهر ۾ تعداد وڌڻ ڪري اڃان هتي ڪرائيم ۾ واڌارو ايندو ۽ اها به حقيقت آهي ته ڪراچيءَ ۾ هڪ دفعو آباد ٿيندڙ وري موٽي نه ويندا آهن. ماضيءَ جي تاريخ گواهه آهي. اسان گهڻائيءَ جي ڳالهه ٿا ڪيون ٿورائي هر هنڌ چڱي ٿئي ٿي.
ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌين وٽ ڪجهه به ناهي ته سنڌ ۾ رهندڙ ۽ مستقل رهندڙن وٽ آخرڪار آهي ڇا؟ ٽرانسپورٽ؟ واپار؟ صنعتون؟ هوٽل؟ ڪپڙا؟ اسٽاڪ ايڪسچينج؟ مالياتي ادارا؟ سرڪاري ٺيڪا؟ زمينون ۽ پلاٽنگ؟ مارڪيٽون؟؟ ڪهڙي شيءِ آهي جيڪي سنڌين وٽ آهي؟ بس ۽ چند نوڪرين جي جيڪي به دلالي تي هلن ٿيون سنڌ اندر به ٻين صوبن جا وڏا وڏا آفيسر موجود آهن جڏهن ته سنڌي آفيسر پنجاب ۾ بين آهن.
سواتي ڪٽڪن لاءِ جتي سنڌ ۾ رهندڙن سڀني قومن ۽ سياسي پارٽين کي خدشا آهن اتي مولانا اسد الله ڀٽو (جماعت اسلامي) پڻ ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي. مولانا ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پڻ ان جي مخالفت ڪري ٿو. باب اسلام سنڌ پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي. هاڻي شاخ الاسلام پنهنجو ڪم پورو ڪري.
(روزانه خبرون ڪراچي اڱارو 26 مئي 2009ع)