آزاد شاعري، اظهار ۽ رمضان
سماجي حالتن جو اثر سنئون سڌو ادب تي به پوي ٿي ۽ ادب ۾ سموري ان هلچل ۽ اٿل پٿل جو اظهار پڻ شامل ٿي وڃي ٿو. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ فاشسٽ ۽ اشتراڪيت جي جهيڙي انساني سوچ جو محور ئي تبديل ڪري ڇڏيو.جنهن جي ڪري شاعريءَ ۾ نعري بازي داخل ٿي وئي. ۽ شاعري هڪ نعري جي صورت اختيار ڪئي، ان ڪري ئي (Abrupt اوچتي اظهار آزاد نظم جو روپ ورتو، جنهن ۾ پهچ (Approch) صحيح هئڻ ۽ ان جو اثر جاپان تائين ويو ۽ اُتي هائيڪو (ٽيڙو) ايجاد ٿيو.جنهن ۾ تڪڙي واقعاتي ۽ تکي شاعري ٿيڻ لڳي.جيتوڻيڪ اُن جو اصلوب تبديل ضرور ٿيو، پر خيالات آزادانه طور پيش ٿيندا رهيا، جنهن ۾ موضوع جي ڪائي حد مقرر نه ڪئي وئي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جاپاني صنف هائيڪو سڄي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي آهي، اهڙي نموني آزاد نظم پنهنجي آزاد خيالي ۽ اسلوب ڪري مقبول ٿيندو ويو، جنهن هڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي ۽ انگريزي شاعر جو هڪ گروپ ”اميجٽ“ نالي سان مشهور ٿيو، جنهن ۾ هنن هڪ بند جو ٻئي بند سان نه ملڻ واري روايت وڌي ۽ تمثيلون پيش ڪيون. هنن روايتي شاعريءَ ۾ نواڻ آندي. هونئن به نظم ۾ وزن جو شرط پوئٽري (شاعري) لاءِ ضرور ناهي. فارسي شاعري طوسي مطابق ته عبراني، سرياني ۽ قديم فارسي ۾ وزن ضروري نه هيو. وزن جي روايت عربن رائج ڪئي، آزاد قافيه ۽ رديف کانسواءِ به سٺي شاعري آهي.
بقول مشهور مفڪر ۽ شاعر ڊرائيڊن جي:
The great easiness of blank verse younders the
Poet to luvraint (Drydean)
آزاد شاعري نه صرف وڌيڪ اثرائتي ثابت ٿي آهي. پر هن دور ۾ ڪافي ادبي فني تحريڪن کي جنم ڏنو، جنهن ۾ اڻوهين صديءَ ۾ خاص ڪري 1931ع ۾ تصوراتي تحريڪ يعني (اميجزم) ڪيوبزم، سوريلزم ۽ 1941ع ۾ زيورچ ۾ رازا ”دادا ازم“ شروع ڪيو. ان کانسواءِ فيوچر ازم (مستقبل تحريڪ) جا نالا سامهون آيا. گڏوگڏ هڪ لاڙو امپريشلنس ازم پڻ وجود ۾ آيو، هن سڀني لاڙن نواڻ ڏني ان مناسبت سان ڪيترن رسل کي خط لکيو، جنهن ۾ هن لکيو ته ”روايتون ٽوڙيون، سڌي ڳالهه جو انداز اختيار ڪيو. ان وقت، وقت جي سنگين ۽ غير حسين حقيقتن جي دور ۾، اها تکي ۽ ننگي سچائي ئي اصل شئي آهي..... جنهن ڪوڙ ۽ غير واسطيدار هيرا ڦيري جي هلڪي پاڇي کان به پاڻ بچايو، ادب ۾ هر شئي نظر انداز ڪري سگهجي ٿي. مگر هي ننگي ۽ تکي، سخت قدم واري سچ جو اظهار اهڙي شئي آهي جيڪا اڄ جي شاعر کي شاعر بڻائي ٿي.
اڳتي هلي ازراپائونڊ ماڊرنزم تحريڪ جو بنياد وڌو ۽ سڄي شاعريءُ جي اسٽائيل کي لوڏيو. 1943ع ۾ مشهور شاعر لارڊ بائرن مشهور فلم when we two Parted (بي وفائي) لکي مڃتا ماڻي. نه صرف بائرن، پر آمريڪي شاعرن (E.E cummings) اِي اِي ڪمينگس ۽ والٽ وٽمس ساوا پن (green leave) لکي آزاد شاعري ۽ اظهار کي هن حسين روپ ۽ خوبصورت موڙ ڏنو.
انگريز ادب جو اثر برصغير تي پيو ۽ آزاد شاعري هتي به پنهنجي ڀرپور رنگ ، انگ ۽ اصلوب سان پهتي. اردو ادب ۾ ميراجي، ن، م، راشد، علي سردار جعفري، فهميده رياض، ڪشور ناهيد، ساره شگفته آزاد نظم جي موضوع کي وسيع ڪيو ۽ اُن ۾ شاعراڻي ڪشش برقرار رکي ۽ اسان وٽ آزاد نظم کي متعارف ڪرايو. جنهن جو اثر سنڌي ادب تي پڻ پيو. اهو به هڪ فطري اصول آهي ته جيڪا شئي جتان ايندي آهي. آزاد شاعري جيئن ته انگريز ادب مان آئي، ان ڪري اُن جو ماحول به آزاد رهيو. ۽ اُن جو مزاج ڇڙواڳ رهيو. جنهن کي ڪن حلقن ”ڇڙواڳ شاعري“ چيو ۽ مشهور ڪيو. ان ڪري ئي شروع شروع ۾ عروضي شاعرن هن صنف کي پنهنجي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو. ۽ شعر مڃڻ لاءِ ئي تيار نه هئا. جو سنڌ ۾ روايتي عروضي شاعري پنهنجي عروج تي هئي. پوءِ آهستي آهستي وقت ۽ حالتن ان شاعرانه صنف کي نه صرف رائج ڪيو پر ان ۾ نوان موضوع ۽ خيال ڏنا هئا، جنهن کي ڏسندي ئي ڏسندي سنڌيءَ ۾ شاعرن جو هڪ وڏو انگ اُٿي کڙو ٿيو. هن صنف ۾ اظهار ڪرڻ لڳو. آزاد شاعري ۾ جن سنڌي شاعرن پاڻ مڃايو، انهن ۾ گوردن محبوباڻي، هريش واسواڻي، لڇمڻ ڪومل، شمشير الحيدري، ايم، اڪمل، شيخ اياز، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ايم ايم عالماڻي، سلطانه وقاصي ۽ ٻيا ڪي ئي شاعر شامل آهن. ڪيترين ئي شاعرن جي آزاد شاعري جا مجموعا ڇپجڻ لڳا. جن کي پذيرائي ملڻ لڳي، پوءِ آزاد شاعري مان ڦري وري نثراڻو نظم آيو. جنهن کي انگريزي ۾ پروز پوئم (Prose Poem) چيو وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ وري ڦيرڦار ڪري نظماڻو نثر (Poem Prose) چيو وڃي ٿو. ۽ شاعرانه صنفن ۾ ان جو وجود ئي ڪونهي. لفظ ابتي سبتي ڪرڻ سان صنف نه ٺهندي. ادب ۾ نثراڻي نظم لاءِ مختلف رايا آهن. سوال اهو آهي ته جنهن جي پويان نظم آهي. اهو نظم کان ڪيئن الڳ ڪري سگهجي ٿو؟ ادب يا ته نثر ۾ آهي يا وري نظم ۾ ٻنهي جي پنهنجي الڳ الڳ ڪلاسيفڪيشن آهي. جيڪڏهن ٻنهي کي گڏائڻو آهي ته پوءِ نظم وارا اهي سڀ ظابطا نثراڻي نظم ۾ شامل آهن، جيڪي آزاد نظم جي ڊيفينشن ۾ اچن ٿا
”مقدما، شعر و شاعري“ ۾ اردو اديب ۽ شاعر حالي لکي ٿو ته: ”انگريزيءَ ۾ ٻه لفظ آهن. هڪ ورس ٻيو پوئٽري، اسان وٽ ٻه لفظ استعمال ۾ اچن ٿا. هڪ شعر ٻيو نظم. نظم ۾ وزن جي شرط پوئٽري لاءِ ناهي.“حالي اڳتي هلي لکي ٿو ته ”بليڪ ورس شعر جي حسن کي وڌائي ٿو، جو ٻڌڻ شرط خوشگوار محسوس ٿئي ٿو. پڙهڻ سان زبان ۾ لذت اچي ٿي. آزاد نظم قافيه ۽ رديف کانسواءِ سٺي شاعري آهي.“ اهي سڀئي خاصيتون نثراڻي نظم يا (Prose Poem) ۾ به آهن. ان ڪري نثراڻي نظم کي اسان آزاد نظم ۾ نواڻ چئي سگهون ٿا. بلڪل ائين جيئن ڪلاسيڪل انگريزي ادب ۾ ”بلينڪ ورس“ مان ”فري ورس“ جو سفر ٿيو آهي ان ڪري نثراڻي نظم کي نظم چوندي به، شاعري نه مڃڻ غير منطقي آهي. دراصل نثراڻو نظم، آزاد نظم ۾ جديديت آهي، هونئن به ادب شخصيت جو ترجمان آهي ۽ شخصيت زندگيءَ جي نمائندگي ڪري ٿي. زندگيءَ تي جيئن ته اقتصادي سماجي ۽ ٻين اثرن جو وڏو اثر ٿئي ٿو اُتي ادب ۾ نوان طريقا ۽ اظهار رائج ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي. اڳلي دور ۾ هر ڳالهه محدود هئي. هينئر موضوع جي وسعت سان گڏ صنف ۾ پڻ واڌارو آيو آهي. اڄ سائنس هر شيءَ کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. ڏينهن جا فاصلا پلن ۾ ڪٽجي رهيا آهن ۽ دنيا هڪ ”گلوبل، وليج “ٿي وئي آهي، پر انسان انسان کان دور ٿي رهيو آهي. هينئر ادب ۾ جتي سماج جا عڪس نروار آهن، اتي وقت جون سياسي حالتون ۽ شخصي قصيده گوئي بيان مان نڪري ماڻهو پنهنجي اظهار لاءِ سماجي ۽ سياسي شعور جي نمائندگي ڪري ٿو. ۽ ان نمائندگي لاءِ هو سولو ۽ سهنجو رستو وٺي ٿو، جيڪو شاعريءَ ۾ آزاد نظم ۽ نثراڻو نظم وارو اظهار آهي.
مون هي پس منظر صرف ان لاءِ بيان ڪيو آهي ته جيئن ماضيءِ ۾ ادب ۾ اظهار جي ذريعي انهن ۾ ٿيندڙ سماجي ۽ اسلوبي تبديلين کان آگاهي حاصل ڪجي ۽ ان وقت ادبي رواجن ۽ روادارين جي ڇنڊڇاڻ ڪجي. اچو ته سائنسي ۽ ارتقا جي فطري اصول کي سامهون رکي. اڄ جي شاعري تي نظر وجهون.
اسان جو اڄ جو شاعر فني طور کڻي ايترو اڳتي نه ويو هجي، پر هن موضوع ۽ خيال جي بُلندي کي تمام سٺو ۽ سهڻو رخ ڏنو آهي. سنڌ جي شاعري جاندار شاعري آهي. کوکلي شاعري نه آهي. سنڌي شاعرن وٽ موضوع تکا، تيز ۽ واقعائتا آهن. هو لفظن ۾ الجهڻ بجاءِ احساسن کي عام ڪن ٿا.۽ ان کي خيال جي بلنديءَ تائين کڻي وڃن ٿا. اسانجي نئين ٽهيءَ جي شاعري دونهين ورتل يا سينواريل موضوعن جي شاعري ناهي، پر هي شاعري ذاتي ۽ خارجي وارادتن جا چٽا پٽا عڪس ۽ اولڙا آهن. جيڪي انساني سماج ۽ شعور کي نه صرف جنجهوڙين ٿا، پر هڪ نئين سوچ ۽ ٿڌڙي هير جو احساس ڏيارن ٿا. جيڪا نه صرف ماحول کي تروتاز رکي ٿي، پر صاف ۽ شفاف ساهه ڀري هوا به ڏئي ٿي. اها هوا زندگيءَ ۾ آڪسيجن وارو ڪم ڪري ٿي. رمضان نول جو هي ٻيو ڪتاب آهي. سندس اڳلو ڪتاب ”جيهڻي روشني جا نظم“ پڻ آزاد شاعري تي ٻڌل آهي.جنهن ۾ 48 نظم آهن.
۽ رمضان نول جو نئون ڪتاب ”روح جا سجدا“ شاعراڻي اظهار جا انيڪ رنگ کڻي زندگيءَ جي ڪينواس تي، ڪي خوبصورت عڪس کڻي اچي ٿو. رمضان نول اسٽريو طور تي پاڻ کي نثراڻي نظم جو شاعر چوائي ٿو. حالانڪ اصل ۾ هو آزاد نظم ۽ آزاد شاعري ڪندڙ آهي. برک شاعر لڇمڻ ڪومل جي راءِ مطابق ”رمضان نول پنهنجي شاعريءَ ۾ رڳو تصور جي دنيا ۾ نٿو ڀٽڪي بلڪ حقيقي ڌرتي تي پنهنجا پير پختا رکي ٿو بيهي. ان جو واضح مثال هن جو نئون مجموعو ”روح جا سجدا“ آهي، جنهن مان محسوس ٿو ٿئي ته هن نه رڳو پوري شعور سان شاعري ڪئي آهي پر هو زندگيءَ جي الميي کي پڻ محسوس ڪري سگهيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ڪجهه سياسي ۽ سماجي شعور جي جهلڪ پڻ آهي.“
رمضان نول آزاد شاعريءَ ۾ انتهائي اهم موضوع کنيا آهن. سندس نظ۾ ”شاعر نمبر“ جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ بهترين تشبيهون ۽ استعارا آهن
شاعر نمبر ۾
ڪيترائي شاعر نظريا
هڪ موذي مرض ۾ هوندي
هير جي ڇهاءَ سان ٿي هليا
هڪڙا ماکيءَ جي ماناري مان
ميٺاج ماڻڻ لاءِ
مکن جي ڏنگن جا شڪار ٿي ويا
هڪڙا سهڻا سيبتا
هٿ ۾ هرٻر کڻي
شاعريءَ جا پيار بڻجي ويا
هڪڙا انسانن جي ٿڌن جسمن تان
لٽا لاهي
نيضون ٺهرائي
جڳ تي رعب ويهارڻ لڳا
هڪڙا
منڌل سوچ جي چوڏول تي چڙهي
جڳ کي سنوارڻ گهرن پيا
هڪڙا
دنيا جي لڳل ڊگهي قطار ۾ بيهي
ساهه کڻي
پنهنجي منهن کلندا رهيا
ڪي اهڙا به هئا
جيڪي وقت جي شوريش هوائن سان اٽڪي پيا
ڪاغذ تي وزن ٿي بيٺا
جن کي ڪا به انڌياري
اڏاري نه سگهي
***
رمضان نول جي شاعري ۾ داخلي ۽ قلبي واردات جو حسين ڇهاءُ آهي، سندس نظم ”مان شاعر بڻجي ويس“ ان جو مثال آهي.
مون چنڊ کي چاهيو
چنڊ اونداهين ۾ گم ٿي ويو
مون وڻ کان ڇانو گهري
وڻ خزائن ۾ وڪوڙجي ويو
مون تارن کي ڇهيو
تارا ٽانڊا ٿي ويا
مون دريا سان حال اوريا
دريا بند ڀڃي شهر ٻوڙڻ لڳو
مون سمنڊ کي ڏٺو ته
سمنڊ طوفان آندا
مون انسان سان پيار ڪيو ته
انسان پٿر جا ٿي ويا
مان منزلن ڏانهن وڌڻ لڳس ته
مسافتون وڌي ويون
مون وقت کي روڪيو
وقت چيڀاٽي هليو ويو
مان شهر ڏانهن وريس ته
شهر گمسان جي وڙ چڙهي ويا
پوءِ مون ماحول تي نظم رکي
اڪيلائي ۾ نظر چوڻ ويٺس
نظم مون کي شاعر بڻائي ڇڏيو
***
رمضان نول جي شاعريءَ ۾ تمشيلون هڪ خوبصورت احساس اڀارن ٿيون. جئين هن نظر ۾:
اي رات
منهنجي اکين تي
ننڊ جا هٿ ڇو ٿي رکين
ته جئين مان ستارن جي سيج تي ويٺل
پرينءَ جهڙو چنڊ ڏسي نه سگهان.
يا اي چنڊ!
مون کي تنهنجي چانڊوڪيءَ ۾
تو جهڙي ئي
پرينءَ سان ملڻو آهي
(رمضان نول جي شاعري ۾ وزيوئلائزيشين آهي جيڪا ماحول جي تصوير ڪشي ڪري ٿي جئين:
اها ئي بيوس نوري آهيان
جنهن کي تون ڪنن ۾ ستم سهڻ لاءِ اذان ڏني هئي.
بابا چوندا آهن، نياڻي ست قرآن
پوءِ هنئين پائمال ٿي تنهنجي نوري
ڪنهن نه ڪڇيو
نه ئي وقت جا حاڪم ڪڇيا
نه ئي ايوانن ۾ ڪا هلچل
(نظم او بابا مون کي معاف ڪجان)
***
مان ڏسندو آهيان
چرٻٽ راجا جي هيءَ نگري
جيڪا غلام ماڻهن لاءِ
ميٺاج جا انبار آڻي ٿي
۽ انهن جي اڳيان سچائيءَ کي سيني تي اگهاڙو ڪري
ٽارچر سيل ۾
وحشتن جي ڀيانڪ روپ کي
خوني رقص سان
گنگهرن جي آواز جي تال تار کي
تڙپائيندي ٽهڪن جا پڙاڏا اُٿارين ٿا
۽ لاشن جا زخم قوم لاءِ
عبرت جو سمان پيدا ڪن ٿا
(ماءُ شفقتون نه ڪر!)
رمضان نول جي نظمن ۾ تمام گهڻو تاثر ۽ دلپذيري آهي
تلوار مياڻ ۾ وجهي ڇڏ
ها ساڌو
ڪڏهن به
جنگ جو طبل ناهن وڄائيندا
(نظم، تلوار مياڻ ۾)
لفظن جا پير تڪيندڙ نوريئڙا
ڪڏهن تو سوچيو ته جنهن وڻ تي تون ويٺو آهين
اهو ڪيڏو وسيع آهي
اتي تو جهڙا ڪيترائي پيٽ پالن ٿا.
(نقاد)
***
هو چادر وجهي سمهي رهي
مان سندس پيرن جي ترين کي چميو
هوءَ ڇرڪ ڀري جاڳي پئي
بي اخيتاريءَ مان ڀاڪر ۾ ڀري چيائين
سرتاج! ديوتا ايترا نيچ ناهن ٿيندا.
***
ٻه لڙڪ ڪاغذ تي ڪري پيا
کليل خط جو مفهوم غائب ٿي ويو
۽ مون خط ڦاڙي
ٻه ڍڪ يادگيرين جا ڀري ڇڏيا.
(نظم يادگيرين جا ٻه ڍڪ)
ڪتاب ”روح جا سجدا“ ۾ رمضان نول جا ڪيترائي مختصر نظم پڻ شامل آهن. جن ۾ خوبصورت عڪس آهن. اهڙن نظمن ۾ تڙپ، ڪويتائون، تنهنجا خواب، نانگ، تصوير، پٿر جي تاريخ، ڪافر، گهاٽو، وڻ، ڪاغذ تي تشدد، لڙڪن جو وزن ۽ ٻيا ڪيترائي حسين جذبن سان دلين کي ڇهي ويندڙ خيال شامل آهن. انهن مختصر نظمن کي هنديءَ ۾ ”ڪويتائون“ چيو وڃي ٿو. جيڪي هن وٽ عام جام آهن.
مون شروعات ۾ ڪيل شاعري جو بحث محض ان ڪري ڪيو ته جيئن آزاد شاعري جي سفر، موضوع، ڪارج جي حوالي سان رمضان نول جي تخليق جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهجي ۽ هن جي شاعريءَ کي عالمي ادب جو حوالي سان پرکي سگهجي. اوهان ڏسو ته رمضان جي شاعري ۾ جديد سنڌي شاعري ۽ نئين ٽهيءَ جي ڪيترن ئي باشعور شاعرن جي شاعريءَ وانگي. سڀ خوبيون موجود آهن، جنهن جي ڪري هن کي هڪ سلجهيل ۽ باشعور شاعر چئي سگهجي ٿو. رمضان نول جيڪڏهن پنهنجو سفر ان محنت ۾ محبت سان جاري رکيو ته سندس آئيندو هڪ خوبصورت حوالو بڻجي ويندو. ها البت هڪ ڳالهه ضرور ڪندر ته رمضان جي شاعريءَ ۾ انگريزي ۽ هندي لفظن جو استعمال هن جي عام، روزاني زندگيءَ جي مزاج ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ موجود ڪونهي، جنهن ڪري سندس شاعري سندس شخصيت کان اوپري محسوس ٿئي ٿي. ان ڪري پنهنجي نجي سوچ ۽ شاعري کي اڃان نج ڪري پر ان کي ڇنڊي ڦوڪي چمڪائڻ سان ان جي اصليت ۽ اوريجنلٽي ختم ٿي وڃي ٿي. ان کان وڌيڪ مان ڪجهه نٿو چئي سگهان. جو رمضان نول هوشيار آهي. هن چالاڪي ڪري اڳ ئي ڪتاب ”روح جا سجدا“ ۾ نظم پوسٽ مارٽم“ لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو اٿائين ته:
مون ڏٺو نقادن جي اسپتال ۾
ميسحا ڇُرين سان
منهنجي ڪويتائن جو
پوسٽ مارٽم ڪري رهيا آهن
حالانڪ اهو به سچ آهي ته پوسٽ مارٽم
ڪرڻ منهنجي ڊيوٽيءَ ۾ شامل رهيو آهي.
پر مان پوسٽ مارٽم ڪري رهيو آهيان
۽ ڪنهن حد تائين ياري به نڀائي اٿم.
منهنجي دعا آهي ته رمضان مسلسل لکندو رهي ۽ اهڙا ڪي ئي ڪتاب تخليق ڪندو رهي.
(رمضان نول سان رهاڻ س ا س ڪراچي طرفان خميس 21 سيپٽمبر تي (رمپا پلازه ۾) ملهائي وئي. ان موقعي تي پڙهيل صدارتي مقالو)
(روزانه هِلال پاڪستان اڱارو 12 سيپٽمبر 1999ع )