سنڌيءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ عملي اڳڀرائي گهرجي
سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ۽ پنجاب ۾ انسٽيٽيوٽ آف پنجابي ٻولي ۽ ڪلچر طرفان ان ڏينهن کي ملهايو ويو جنهن جون خبرون سوشل ميڊيا تي تصويرن سميت موجود آهن، ٿي سگهي ٿو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به اهڙا جلسا ٿيا هجن، پر جيئن ته سوشل ميڊيا تي اهي رپورٽ نه ٿيا آهن ان ڪري ان لاءِ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.
هر قوم پنهنجي مادريءَ ٻولي سان پيار ڪري ٿي سنڌي ته ان کي اڃان به وڌيڪ چاهن ٿا. سنڌ ۾ ٻولي ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان هڪ متفق موقف آهي. ڀلي ڪهڙي به پارٽي هجي اُهي ٻولي ۽ لولي سان پيار ڪن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ چوڻ جي حد تائين ته ائين ئي آهي.
سنڌي ادبي سنگت طرفان هلايل ان هلچل ۾ هر ڊويزن هيڊ ڪوارٽرن ۾ ريليون نڪتيون، سيمينار ٿيا ۽ عالمي مادري ٻولين جي ڏينهن جي حوالي سان هڪ ”سيليبريشن“ جو اظهار ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جا عهديدار ميمبر ته حاضر ٿيا ئي ٿيا، پر سنڌ جون ڪجهه سُڄاڻ ڌريون ذميوار ۽ سنڌيءَ ٻولي سان محبت ڪندڙ اديب، ڏاها ۽ دانشور پڻ انهن ۾ شامل ٿيا.
مان ڪيترائي دفعا، اها گذارش ڪري آيو آهيان ۽ منهنجي اها گذارش جاري آهي ته سنڌي ٻولي رڳو سنڌي اديبن جي ٻولي يا زبان ناهي، پر هي سنڌي قوم ۽ ڌرتيءَ جي ٻولي آهي، جيڪا سڀني جي هڪجهڙي ۽ هڪ جيتري آهي. گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ ”عالمي ڏينهن“ جي حوالي سان ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو سڀ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارا ان ۾ شريڪ ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪن ها ۽ محسوس ڪرائن ها ته هي ٻولي رڳو سنڌي ماڻهن جي محبت جو مظهر آهي.
پر حقيقت ۾ ڇا اهڙو تاثر اُڀري آيو؟؟ هاڻي جي سچ ٿا ڳالهايون ته پوءِ پٿرن جو وسڪارو بهتر آهي، ڇا سنڌيءَ ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ تي ڪنهن سنڌيءَ کي اعتراض آهي؟؟ مان پڪ سان چوان ٿو ته نه- پوءِ سنڌي ڳالهائيندڙ سياستدان، اديب، شاعر واپاري، وڪيل، اخباري، مالڪ، ۽ چئنل سربراهه ان ۾ شامل ڇو نه ٿيا؟؟؟ سواءِ ڪجهه دوستن جي ۽ سياسي ليڊرن جي جن جي به ٻيو يا ٽيون نمبر قيادت مان ماڻهو آيا؟ ان حد تائين ته قوم پرست جماعتن جا سربراهه پڻ شامل نه ٿيا. حالانڪ هر ڊويزن ۾ يڪجهتي طور گڏجاڻي هئي ۽ ٿي. جڏهن ته هو پنهنجي سياسي ايجنڊائين ۽ سياسي مظاهرن ۾ خود به نفس نفيس پاڻ شريڪ ٿيندا رهيا آهن. ڀلا ادبي سنگت ، غريبن، بي پهچن ۽ مسڪينن جو فورم ئي سهي. هو پنهنجي طرفان پڻ اهڙو اظهار ۽ يڪجهتيءَ جو پيغام ڏئي پئي سگهيا، جيڪو نياپو سڄي دنيا ۾ نه ويو- ڇا اسان پنهنجي ٻولي ۽ سنڌي قوم کي پنهنجي مقصدن ۽ مطالبن لاءِ استعمال ڪرڻ کانپوءِ ٻيو ڪجهه به نٿا ڪري سگهون؟؟ حيدرآباد ۾ ٿيل گڏجاڻين ۾ سنڌ جا قوم پرست ۽ سماجي اڳواڻ يا ته پاڻ شريڪ ٿيا يا وري انهن جا عيوضي آيا، پر افسوس ان تي ٿيو ته ڪراچيءَ ۾ عوام جا نامي گرامي، اڳواڻ، اديب، شاعر، صحافي، سياستدان سماجي ڪارڪن، وڪيل، استاد شريڪ نه ٿيا. سواءِ انهن دوستن ۽ تنظيمن جي جن اهڙو اهتمام ڪيو هيو ۽ انهن پاڻ نڀايو.
ڪراچيءَ ۾ پنهنجي مفادن ۽ مقصدن لاءِ سنڌ، سنڌ ڪندڙ ۽ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ڀاڙا ڀتا وٺندڙ انهن اديبن به شرڪت نه ڪئي، جيڪي محض ان ڪري زنده آهن ته انهن کي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نمائندگي ڏني وڃي. انهن کي سنڌي ٻولي ۽ ان حوالي سان اعليٰ انعام ۽ اعزاز ڏنا وڃن. سرڪاري پروگرامن ۾ نمائندگي ڏني وڃي. ۽ سرڪاري ادارن جا ڪتاب انهن کان ترجمو ڪرائي ڇپايا وڃن.هو هونئن ته غير سرڪاري پروگرامن ۾ شامل ان ڪري نه ٿيندا آهن، ڇو ته انهن جو جواب هوندو آهي. ته ”بيمار آهيون“ جيڪڏهن سرڪاري ڀاڙو ۽ ڀتو کين ڏنو وڃي ته پوءِ هو پاڻ کڻائي پروگرامن ۾ پهچندا آهن ۽ سنڌي ٻولي اديب جي نالي تي هو رڙيون دانهون واڪا ۽ ڪوڪون پڻ ڪندا آهن، وري پوءِ پنهنجن حوارين کي اشارا ڏئي ممڻ به مچائيندا آهن پر سنڌي ادب، ٻولي جي بقا ۽ واڌاري لاءِ هو ڪجهه به ناهن ڪندا جنهن مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته انهن جو لکڻ پنهنجي شناخت بجاءِ ڪمرشل بنيادن تي آهي. هو سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون پنهنجي فائدن لاءِ لکن ٿا. اسان ان رويي کي ڪهڙي محبت جو نالو ڏيون؟؟ هي ته هڪ طرفي به محبت ناهي؟؟ هونئن به اسان وٽ تاريخ حوارين، حاشين، برادرين کان لکائي وئي آهي. هاڻي ته تاريخ به درٻاري ٿي وئي آهي.
وري ظلم اهو ته جڏهن پاڻ ۾ ويهن ٿا ته پوءِ سڄي دنيا کي برو ۽ پاڻ کي عظيم، چوائن ٿا، اسان سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻولي سان محبت ڪندڙن کي سواءِ شاباش جي ٻيو ڪجهه نٿا ڏئي سگهون. بس هڪ ڳالهه چئي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن ان تي طوفان اُٿي ته پوءِ ان ساڳي سنڌي ادبي سنگت سنڌ تي 22 سال قبضو ڪندڙ سنڌ جا اُهي ذميوار ٻڌاين ٿا ته ڇا سنڌي ٻولي علم ۽ ادب جي ذميواري رڳو سنڌي ادبي سنگت تي آهي؟؟ يا اهو هڪ اهم قومي مسئلو آهي، جنهن جي ذميواري سڀني سنڌي ڳالهائيندڙن تي نه آهي؟ پوءِ ڀلي ان جو تعلق ڪنهن سان به هجي جو اها پڪ آهي ته سنڌي ادبي سنگت سياسي فورم ناهي ۽ ان ۾ سنڌ جا سمورا سياسي فورم ۽ پارٽيون موجود آهن، مان ذاتي طور ڪنهن جا نالا ان ڪري به نٿو لکان جو پوءِ ان کي ”پرسنل“ ورتو ويندو،پر ٻولي ۽ ادب جو هڪ عام رواجي ماڻهو ۽ پيار ڪندڙ جي حيثيت ۾ اهو ضرور چوندس ته ٻولي اسان جي ماءُ آهي ۽ اسان سڀني کي ان سان هڪ جيترو ۽ هڪجهڙو پيار ڪرڻ گهرجي علم ۽ ادب کي ٻولي ۽ ڪلچر کي سڀني ماپن ۽ تعصبن کان پري رکي ان سان نه صرف پيار ڪرڻ گهرجي، پر ان کي پنهنجي ذاتي گروهي ۽ سياسي مفادن کان مٿي ٿي سوچڻ گهرجي.
(روزانه عوامي آواز ڪراچي، اربع 26 فيبروري 2014ع)