ڳالهيون تنهنجين ڳالهين جون
بخت صاحب ان ڪري به رايو نه ڏنو، جو ان کي شاعري ڪندي گهڻو عرصو گذاريو آهي. پر غلام قادر سومري جيڪي هٿوڙا هنيا آهن انهن جو ڪو جواب ئي ڪونهي. لڳي ٿو ته پاڻ نئين ڪا ٿيسز ٿا لکن جو ڊاڪٽري سولي مليو وڃي، سندس اصلي ٿيسز تي بحث ٻئي دفعي- ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن همراهه کي اچي عالم ٿيڻ جو خفت ٿيو. همراهه وٺي اسلامي ڪتاب پڙهيا. ”بهشتي زيور“ به کيس هٿ اچي ويو، نئين عالم سڳوري ان مان ڪجهه ٽڪرا ڪڍيا ۽ پنهنجي استاد ڏي آيو. چيائين قبلا! هن ۾ ته هو هو به آهي. استاد ڏٺو ۽ اطمنيان سان کيس چيو اهو تنهنجو ذهني اختراج آهي. ورنه هن ۾ ته هي هي به آهي. سو جناب غلام قادر سومرو ڀل ته هو هو ڏيکاري پر ان ۾ هي هي جو به مطالعو ڪري. شاعري ڪا پي ايڇ ڊي ته ڪانهي جو هر ماڻهو چاهي ڪري سگهي ٿو. يعني ڳالهه آهي رينگٽ جي. سو سومرو صاحب جڏهن غزل جي ڳالهه لکي ٿو. ته اڳ ئي ڏنگيءَ ۾ فتوا طور لکي ٿو (جيڪو غزل ڪنهن به صورت ۾ ناهي) هونئن به اهڙيون فتوائون اڳ هڪ مخصوص طبقو جاري ڪندو هيو، اڄ ڪلهه اهڙا کوڙ ڀائي پيدا ٿيا آهن. جيڪي مون پنهنجي خط ۾ مثال ڏنا آهن. اهي نظرانداز ڪري هڪ پاسو وٺي مڙئي ڳالهوڙو بڻايو ويو آهي. جناب غلام قادر سومرو لکي ٿو. ته حقيقت هي آهي ته شعبان بخت صاحب جو آزمودو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي عمر ”هاڻي ان لاءِ عرض آهي ته علم ۽ مطالعي ۾ عمر نه ڪڇبي آهي. جناب غلام قادر سومري جا مٽ مائٽ جڏهن بيمار ٿيندا هوندا. ته آپريشن لاءِ ڳوٺ جي ڪنهن آزمود گار بزرگ بجاءِ ضرور ڪنهن ڪالهو ڪي ڇوڪري ڊاڪٽر ڏي ويندا هوندا. اتي عمر ڪم نه ايندي پر ان شعبي ۾ ڄاڻ جي ضرورت آهي. علم ۽ مطالعي ۾ ڄاڻ جو دخل آهي. ورنه عمرون ته جانورن جون به وڏيون ٿينديون آهن.
سومرو صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ”قليچ بيگ لکي ٿو ته اصطلاحي معنيٰ موجب اهو شعر جنهن ۾ پنجن کان وٺي ٻارنهن تائين بيت هجن. جي قصيدي وانگر هجن. يعني هم وزن ۽ هم قافيه ۽ پڇاڙيءَ واري بيت ۾ شاعر جو نالو يا تخلص اچي ٿو.
....... مهڙ بيت کي ”مطلع“ پڇاڙي کي ”مقطع“ چئجي ٿو. هاڻي اوهان پاڻ پڙهيو. ته اتي ڪٿي به ائين لکيل ڪونهي ته جنهن غزل ۾ ”مطلع“ نه هوندو ان کي غزل نٿو چئي سگهجي. ٻيو ته قليچ بيگ صاحب نج فارسي واري ماحول جي ڳالهه ڪئي آهي. شاعري (نعوذبه الله) ڪلام الاهي ته ڪونهي جنهن ۾ ترميم نٿي ٿي سگهي. ان ۾ وقت ۽ موضوع جي لحاظ کان تبديلي نٿي آڻي سگهجي؟ اها ته رجعت پسندانه سوچ آهي. هي سائنس جو دور آهي جتي تجربا ٿيندا پيا رهن غزل جڏهن عربي مان فارسي ۾ آيو ته ان ۾ به ڪيتريون ئي تبديليون آيون جنهن ۾ موضوع هئت، مصراعون شامل آهن.. پوءِ جڏهن فارسي مان سنڌيءَ ۾ آيو ته ان ۾ به تبديلي فطري آهي. ان تي هي ايڏي بخيلي ڇو؟؟ ۽ ٻيو ته لفظ اصطلاحي معنيٰ کي ڇو ٿو نظرانداز ڪيو وڃي. اڃان اڳتي جناب غلام قادر سومرو، شيخ ابراهيم خليل ۽ جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي کي ”ڪوٽ“ ڪيو آهي. پر اتي به ائين ناهي لکيل ته بنان ”مطلع“ جي غزل ٿي نٿو سگهي. اها ڳالهه سڀ کان اهم آهي.
اڃان اڳتي هلي جناب غلام قادر سومرو صاحب ٻڌائي ٿو ته ڪامياب غزل نگار لاءِ هيٺين ڳالهين جي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي. 1 علم عروض جي ڄاڻ 2 عروضي شاعري جو وسيع مطالعو 3 اصلاح ڪنهن استاد شاعر کان رهنمائي طور شعر ۾ ورتل اصلاح 4 طبع آزمائي (غزل جي صنف ٿي ڇپيل يا لکيل غزل جو مناسب تعداد
مان سمجهان ٿو سندس هي معيار هن دور لاءِ ضروري ڪونهي. پر جيڪي ڳالهيون سواءِ جي شاعري تي هاڻي ڪتاب گهڻا آهن. ۽ ٻيا ذريعا پڻ لکيل آهن. پاڻ منهنجا ڪتاب پڙهي ته خبر پئجي وينديس. باقي سرٽيفڪيٽ وٺڻ پنهنجي عادت ڪانهي. ۽ سو به جناب غلام قادر سومري کان جيڪو شاعر ئي ناهي.
آخر ۾ جناب غلام قادر سومري ۽ ٻين اهڙن عالمن کي گذارش آهي ته اوهان هر ڳالهه کي مذاق نه سمجهو ۽ مشڪري واري انداز ۾ نه وٺو. اوهان پنهنجي محدود ۽ مخصوص ڄاڻ جي ڇاپ نه هڻو ۽ فتوائن جا تير نه وسايو پر سائنسي طور مطالعو ڪيو. علم وهندڙ پاڻي آهي جنهن ۾ ڦيراءُ ۽ وڌاءُ وقت سر ڪيو وڃي ٿو.
باقي مالڪ آهيو ”ابتيون سبتيون ڳالهيو“ ڪيو، يا بلڪل ابتيون ان کي ڪير روڪي؟ اها اوهان جو شخصي راءِ آهي. باقي ڪالم هڪ ڀيرو ضرور پڙهو ۽ ان ۾ پنهنجا محاورا ۽ ٻول ڏسو. جواب طور گلن جا هار نه ملندا پر رعايتي لفظ آهن جيڪي قبول ڪجو.مهرباني
(روزانه آفتاب حيدرآباد، 19 مئي 1990ع)