مس ڪال
مس ڪال يا ته حاڪم ڏيندا آهن جنهن کي ڄڻ ته محسوس ڪيو ويندو آهي بلڪل ائين جيئن بيل وڄائي دربان کي سڏيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان مس ڪال جو جيئن آهي جتي آهي جي بنياد تي فوري طور جواب ڏنو ويندو آهي، جيڪا مجبوري هوندي آهي، ٻئي مس ڪال محبوب ڏيندا آهن ته ان جو جواب پڻ فوري طور ۽ نماڻائي سان ڏنو ويندو آهي ۽ خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن لائين ڪٽجي ويندي آهي ۽ پوءِ پنهنجي کيسي تي رحم به ايندو آهي. ويتر موبائيل ڪمپنين جي بي ايماني، هرهر نمبر ڪٽجي ويندو آهي ۽ ٻن ٽن سيڪنڊن عيوض پوري منٽ جي چارجنگ لڳي ٿي. هونئن به موبائيل ڪمپنيون مختلف بهانن سان ڪو نه ڪو نمونو ڪري پنهنجا ٽارگيٽ حاصل ڪن ٿيون ۽ حساب ڪتاب وڃي ساڳيو رهي ٿو. پر ڪو به اداري انهن جي انهن چالبازين کي چيڪ نٿو ڪري ڪا اهڙي اٿارٽي به هئڻ گهرجي جيڪا ان فالٽ کي نوٽ ڪري ۽ ان جو فائدو صارفين کي ڏياري، يا ڪمپنيءَ طرفان ڊيفالٽ جي صورت ۾ صارف چارج نه ڀري سگهي. اهڙي صورت ۾ بل ڪمپنين جي حساب سان هئڻ گهرجي ۽ ٽيڪنيڪل ڊفالٽ جو ازالو ٿيڻ گهرجي.
ٽين مس ڪال وري واندن جي هجي ٿي جيڪي پنهنجي ڪم لاءِ به ٻئي کي مس ڪال ڏين ٿا ۽ جواب نه ڏيڻ تي ويتر ناراض ٿي وڃن ٿا. ڄڻ ته انهن جي ان گهنٽي يا بزر تي، خادمن کي جواب ڏيڻو آهي. ان سلسلي ۾ عجيب ۽ غريب قصا ٿين ٿا. مثال طور هڪ مس ڪال ڏني، فون ڪيم، خبر پئي ته همراهه چيڪ پئي ڪيو ته ڪٿي آهين؟ چيم چيڪ توکي ڪرڻو هيو. خرچ منهنجو ٿيو وري ٻئي همراهه مس ڪال ڏني. فون ڪيم، چيائين فلاڻي ۾ ڪم آهي ان کي سفارش ڪر خبر ناهي ان وقت مون کي ان تي ته نه پر پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ ضرور آئي.
هڪ همراهه مس ڪال ڏني فون ڪيم، چيائين، بور پيو ٿيان سوچيم، توسان ڪچهري ڪيان، مون کيس چيو ته ڪچهري توکي ڪرڻي آهي ان ڪري پنهنجي خرچ تي ڪر، ۽ مون فون بند ڪئي، پر هو مس ڪال ڏيندو رهيو. جنهن جو مون جواب نه ڏنو.
هڪ همراهه مس ڪال ڏني، پڇيائين چيلهه ۾ سور آهي ڪهڙي دوا کاوان؟ چيم ته هينئر منهنجي به مٿي ۾ سور آهي تون پوءِ فون ڪجان ۽ هو وقفي وقفي سان مس ڪال ڏيندو رهيو پر فون ڪري نه سگهيو ۽ مون به ان کي جواب نه ڏنو.
اڃان مس ڪال وڌيڪ تڪليف ڏيندي آهي، جڏهن ڪو فون ڪري پڇندو آهي ته ايڪسري جي رپورٽ اچي وئي آهي؟ ان لاءِ ماڻهو پل پل فون ڪندا آهن. دراصل ڪجهه دوست جن وٽ بيلنس گهٽ هوندو آهي. اهي مس ڪال ڏيندا آهن يا پهرين ڪيٽگرين جون مس ڪالون به اينديون آهن. پوءِ انهن کي اٽينڊ ڪرڻو به پوي ٿو پر واندي گروپ جون مس ڪالون فضول هونديون آهن. جن کي مس ڪال ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته ڪم هنن جو آهي. ڳالهائڻو هنن کي آهي پر مس ڪال ڏئي خرچ ٻين جو ڪرائڻو آهي اهو مناسب ناهي. باقي اديب بادشاهه آهن انهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! جي ڪجهه چوندس ته ناراض ٿيندا ۽يارن کي ناراض نه ڪرڻ گهرجي. پر ان مس ڪال جي رواج کي مناسب حد تائين گهٽائڻ گهرجي.
هونئن به مس ڪال جي حوالي سان ڪيترائي واقعا قصا مشهور آهن، پر تازو بخشڻ مهراڻوي جيڪو مس ڪال تي لطيفو ٻڌايو، اهو ڪجهه لطيفن جي ڦيرڦار ڪري اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان. مس ڪال مان نه سهي گهٽ ۾ گهٽ لطيفي مان لطف حاصل ڪرڻ گهرجي. ڪنهن ٽئين جنس جي ماڻهوءَ جو پاسو، ڪنهن بزرگ سان وڃي لڳو جنهن پڇيو ته هي مس ڪال ڪنهن ڏني! جنهن تي بزرگ وراڻيو ته، مون وٽ ته بيلنس ئي ڪونهي سو مس ڪال ڏيندڙن کي گهٽ ۾ گهٽ بيلنس رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڳالهه پنهنجي خرچ تي ڪرڻ گهرجي.
(روزانه خبرون ڪراچي 5 آڪٽومبر 2006ع)