سڄي دنيا منھنجو گهر آهي
سندس چوڻ آهي تہ سندس خاندان جو واسطو ڊاڪا جي ويجهو مانڪ گنج جي هڪ ڳوٺ موٽ سان آهي. اهو خاندان پوء ڊاڪا اچي ويو، پر سندس پيدائش ڊاڪا جي بہ ناهي. سندس پيءُ ڊاڪا ۾ استاد هو. جڏهين تہ سندس ناناڻا شانتي نڪيتن ۾ رهندا هئا. سندس نانا ڪشتي موهن شانتي نڪيتن ۾ پڙهائيندو هو، جڏهين تہ سندس ماء ٽيگور جي لکيل ۽ سندس هدايتڪاري ۾ خاص طور ڊانس ڊرامن ۾ ڪم ڪندي هئي. سندس پيدائش شانتي نڪيتن ۾ ٿي. ان جو ڪارڻ هو اهو ٻڌائي ٿو تہ ننڍي کنڊ ۾ عام طور اهو تاثر آهي تہ ڌي جا گهر وارا اهو سمجهندا آهن تہ سندس ساهرا شايد سندس پوري پرگهور نہ لھي سگهن، ان ڪري اهي ان جو ويم پاڻ وٽ ڪرائڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. ٽن سالن کانپوء سندس ڀيڻ منجو ڄائي.
ڄمڻ وقت ٽيگور سندس ماءُ کي چيو تہ ٻار جو نالو اهڙو رکو جيڪو منفرد هجي. ان جي لاء هن امرتا تجويز ڪيو، جنھن جو مطلب آهي ڪڏهين بہ فنا نہ ٿيندڙ. ٽيگور جو سندس زندگي تي وڏو اثر پيو. سندس چوڻ آهي تہ ڪتاب جو عنوان بہ هن ٽيگور جي ڪتاب The Home and the World کان متاثر ٿي رکيو آهي. اڳتي هلي هن علمي ۽ سماجي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو ان ۾ بہ ٽيگور جو اثر نمايان آهي. هو ٽن سالن جو هو تہ سندس پيءُ کي ٽن سالن لاء پڙهائڻ جي لاء برما ۾ منڊالي شھر موڪليو ويو. ان شھر ۽ اتان جي ماڻھن جي هو گهڻي تعريف ڪري ٿو. هو پنھنجي تعليم ۽ روزگار وغيرہ جي سلسلي ۾ انگلينڊ ۽ آمريڪا جي گهڻن شھرن ۾ رهيو ۽ اهڙي ريت هر جاءِ کي پنھنجو گهر سمجهي ٿو. ان ڪري ئي هو سڄي دنيا کي پنھنجو گهر ڪري ليکيندو آهي.
برما جي حوالي سان هو آنگ سان سو ڪوئي جي جمھوريت لاء جدوجھد کي ساراهي ٿو. هو ٻڌائي ٿو تہ لنڊن ۾ هن جي سندس مڙس سان پڻ ملاقات ٿي هئي. ساڳي وقت هو روهينگا ماڻھن ڏانھن آنگ سان سوڪوئي جو جيڪو رويو ۽ موقف رهيو، ان کي پسند نہ ٿو ڪري. سندس چوڻ آهي تہ اهي پناهگير نہ پر برما جي ان علائقي ۾ رهن ٿا، جيڪو انگريزن برما ۾ شامل ڪيو هو. برما جا ماڻھو محبت ڪرڻ وارا ۽ امن سان رهڻ وارا آهن. پر هتان جي فوجي حڪومت پنھنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاء روهينگا جو مسئلو اٿاري، انھن ۾ مذهبي ۽ نسلي لحاظ کان هڪ ڊپ واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ ماڻھن کي ان بنياد تي ورهائي ڇڏيو آهي. آنگ سان سوڪوئي کي فوجي حڪمرانن جي ان چال کي سمجهي، ان کي منھن ڏيڻ لاء پنھنجو موقف ڏيڻ گهرجي ها. پر هو ائين نہ ڪري سگهي ۽ فوجي حڪمرانن جي ان ڄار ۾ ڦاسي پيئي. هن وقت ٻيو موقف اختيار ڪرڻ جو وقت نڪري چڪو آهي. ان مقصد لاء فوجي جنتا پاران فيس بڪ جي چينلز جو نھايت موثر استعمال ڪيو ويو. فيس بڪ پروپيگنڊا جي هن گندي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نيويارڪ ٽائمز جي 15 آڪٽوبر 2018 جي شماري سميت ان ڳالھہ جي ٻين ذريعن پاران بہ کوجنا ڪئي ويئي آهي. ڪمپني جي سائبر سيڪيوريٽي جي سربراه ناٿا نيل گليچر ان ڳالھہ تي متفق آهي تہ ميانمار جي فوجي حڪومت پاران پروپئگنڊہ کي واضح ۽ ڄاڻي ٻجهي ڦھلائڻ جا ثبوت مليا آهن.
اوڀر بنگال پنھنجن دريائن جي ڪري گهڻو مشھور آهي. هڪ ڀيري سندس پيءُ کين چيو تہ هو هڪ مھينو ٻيڙي ۾ رهندا. اهو هڪ مھينو انھن مختلف دريائن جو سير ڪندي گذاريو. سندس چوڻ آهي تہ دريا، جتي بنگالين لاء جيوت جو ذريعو آهن، اتي اهي انھن لاء ٻوڏ جي صورت ۾ ان وقت جڏهين اهي پنھنجو رخ بدلائي گهرن ۽ ٻنين کي ٻوڙين ٿا، ماڻھن لاء تڪليف ۽ مصيبت جو باعث بڻجن ٿا. اتي ان ماڻھن جي غربت ۽ انھن جي خراب حالت بہ ڏٺي. پنھنجي پيءُ کان جڏهين ان متعلق پڇيو تہ سندس جواب هو تہ حڪومت کي ان سلسلي ۾ ڪجهہ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. پر ائين ٿي نہ سگهيو. ان سڀڪجهہ سندس ذهن تي ديرپا اثر وڌا.
ڊاڪا واپس اچڻ تي کيس شھر جي پراڻي مشنيري اسڪول سينٽ گريگوري ۾ داخل ڪرايو ويو پر ٻين مھاڀاري جنگ ۾ جاپان جي برما ۽ سنگاپور وغيرہ تي قبضي ۽ ڊاڪا ۽ ڪلڪتي تي امڪاني جپاني بمباري جي خطري جي پيش نظر سندس پي کيس شانتي نڪيتن منتقل ڪري ڇڏيو.
اتي هو پنھنجي نانا جي گهر ۾ رهندو هو. سندس نانا ڪشتي موهن شانتي نڪيتن ۾ پڙهائيندو هو ۽ هڪ لحاظ کان ڄڻ ٽيگور جو ساڄو هٿ هو. هو سنسڪرت جو وڏو عالم هو ۽ ساڳي وقت هن صوفي مت ۽ خاص طور ڪبير تي وڏو ڪم ڪيو هو. ان لاء هن گهڻا سفر ڪيا هئا. ڪبير لکت ۾ ڪو ڪلام نہ ڇڏيو هو، پر اهو سڄو زباني روايتن تي هو. سندس اها تحقيق مروجه روايتن ۽ ڪتابن سان ٺھڪندڙ نہ هئي. پر سندس چوڻ هو تہ ڪبير کي ڪتابن وسيلي نہ پر عام ماڻھن ۾ وڃي ئي سمجهي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو تہ هندو ۽ مسلمانن ۾ گهڻيون ڳالھيون مشترڪ آهن ۽ انھن کي ڌار نہ ٿو ڪري سگهجي. مذهبي هم آهنگي جي حوالي سان ليکڪ پنھنجي نانا جو گهڻو اثر قبول ڪيو. ساڳي وقت سندس ماما ۽ چاچا سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽين ۽ ڪانگريس سان لاڳاپيل هئا ۽ گهر ۾ انگريز کان آزادي ۽ طبقاتي مسئلن جي حوالي سان بحث ٿيندا رهندا هئا جن کيس گهڻو متاثر ڪيو. ان سان گڏوگڏ هن جڏهين 1942 جي بنگال جي ڏڪار ۽ فرقي وارانا فسادن جي صورتحال کي ڏٺو تہ کيس اها سمجه آئي تہ انھن ۾ گهڻو متاثر غريب ۽ بي پھچ ماڻھو ٿين ٿا جن وٽ پنھنجي بچاء جي ڪا واٽ ناهي. ان سندس طبقاتي سوچ کي اڃا تقويت ڏني. اهي اڳتي هلي سندس تحقيق ۽ گهڻن ڪتابن جا موضوع بہ ٿيا.
بنگال ۾ هندو مسلم تضاد جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو تہ ان جو مک ڪارڻ انگريز آفيسر ڪارنيوال جو بنگال ۾ لاڳو ڪيل Permanent land System هو، جنھن تحت زمينن جي مالڪي هندو زميدارن کي ملي ويئي ۽ مسلمان انھن زمينن تي ڪم ڪندڙ پورهيت بڻجي ويا، جن کي سندن پورا حق نہ ملندا هئا. ان اڳتي هلي هندو مسلم تضاد جي صورت ورتي. هو ٻڌائي ٿو تہ ڊاڪا ۾ هندو گهڻائي واري علائقي ۾ سندس گهر هو. انھن ڏينھن ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. هڪ ڏينھن هڪ شخص سندن گهر اندر گهڙي آيو جنھن جي سڄي بدن تي چاقو جا وڍ هئا. هن چيو مون کي پاڻي پياريو. اسان کيس پاڻي ڏنو ۽ منھنجو پي کيس وٺي اسپتال ڏانھن ويو. واٽ تي هن ٻڌايو تہ سندس نالو قادر آهي ۽ هو هڪ پورهيت آهي. هو مزدوري جي ڳولھا ۾ نڪتو هو. سندس زال کيس اهڙي وڳوڙن واري صورتحال ۾ ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪئي، پر جيئن تہ گهر ۾ کائڻ لاء ڪجهہ نہ هو ۽ ٻار بک تي هئا ان ڪري کيس ٻاهر نڪرڻو پيو ۽ انھن ماڻھن جي ور چڙهي ويو. ليکڪ سوچي ٿو تہ غربت ۽ بک جي ڪري انسان جي لاء پنھنجي سلامتي جي اهميت بہ نہ ٿي رهي. قادر نيٺ انھن زخمن جي ڪري مري ويو. هو ان ڳالھہ تي بہ سوچي ٿو تہ جن قادر کي ماريو انھن کي نيٺ اهو پتو ڪيئن پيو تہ هي مسلمان آهي. انھن ضرور ان ڳالھہ جي کوجنا ڪئي هوندي. ليکڪ اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ بنگلا ديش جي هڪ سيڪيولر ملڪ طور سامھون اچڻ جو هڪ مک ڪارڻ اهو آهي تہ اتان زمينداري نظام کي ختم ڪيو ويو آهي.
ليکڪ ڏه سال شانتي نڪيتن ۾ گذارڻ کانپوء 1951 ۾ پريزيڊينسي ڪاليج ڪلڪتي ۾ آيو. هتي شروع ۾ سندس ارادو ميٿميٽڪس ۽ فزڪس جا مضمون کڻڻ هو، پر پوء ڪجهہ دوستن ۽ استادن جي اثر جي ڪري هن ميٿميٽڪس سان گڏ ايڪانامڪس جو مضمون کنيو. اهو ڪاليج سندس داخل ٿيڻ کان اٽڪل سو سال کن اڳ اوڻويھين صدي جي وچ ڌاري قائم ٿيو هو. ان جي قائم ڪرڻ وارن ۾ راجا رام موئن رائي جھڙا سماج سڌارڪ بہ شامل هئا. شروع ۾ ان ڪاليج جو نالو هندو ڪاليج هو، جيڪو پوء پريزيڊينسي ڪاليج ٿي ويو.
ڪلڪتو هڪ گندو ۽ غربت ۾ ورتل شھرهو. گهڻا ان ڳالھہ تي حيران هئا تہ نيٺ انگريزن ڪلڪتي کي ئي پنھنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ لاء ڇو چونڊيو. هتي اڳ ئي ٽي ڳوٺ گوبندپور، ڪالي ڪٽا ۽ ستانتي جي نالن سان قائم هئا. هڪ انگريز واپاري جاب چرنوڪ 1690 ۾ اهي هڪ زميندار کان خريد ڪيا ۽ هتي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي. جاب چرنوڪ کي شھر جو بنياد وجهندڙ ڪري ليکيو ٿي ويو پرڪلڪتي جي هائي ڪورٽ 2003 ۾ اهو فيصلو ڏنو تہ جاب چرنوڪ ان جو بنياد وجهندڙ نہ پر اهو شھر گپتا ۽ موريا خاندانن جي دور ۾ بہ هو ۽ اهو هندوستان ۾ غلام خاندان ۽ مغلن جي دور ۾ بہ هڪ واپاري مرڪز هو. شھر ۾ ڪيل کوٽائي ۾ گهڻا قديم آثار مليا آهن ۽ ليکڪ پاڻ انھن جو مشاهدو ڪيو آهي. بھرحال انگريزن ان کي جديد شھر ٺاهڻ لاء گهڻي جاکوڙ ڪئي. 1727 عيسوي ۾ ڪنگ جارج پھرئين جي حڪم تي هتي سول ڪورٽ ۽ پوء ميونسپل ڪارپوريشن قائم ڪئي ويئي. هتي ڪمپني پاران تجارتي ڪوٺي قائم ڪرڻ جو ڪارڻ اهو هو تہ اهو هوگلي دريا جي ڪپ تي بندرگاه جي ويجهو هو ۽ هتان سامان موڪلڻ ۽ گهرائڻ سولو هو. ان ڪري ئي هتي ستن يورپي ملڪن جن ۾ فرانس، هالينڊ ۽ پورچوگال وغيرہ شامل هئا هتي پنھنجيون واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون.
ان وقت بنگال ۾ سراج الدولا جي حڪومت هئي ۽ سندس گادي جو هنڌ مرشد آباد هو. سراج جو انگريزن سان تنازعو لاڳيتو هلندو ٿي آيو. هن ڪلڪتي تي ڪاه بہ ڪئي ۽ انگريزن کي اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. اهو اٽڪل ست سال سندس قبضي ۾ رهيو ۽ هن ان جو نالو بدلائي علي نگر رکيو. بھرحال 1757 عيسوي ۾ پلاسي جي جنگ ۾ سراج جي شڪست ۽ مارجي وڃڻ انگريزن کي بنگال ۾ هڪ فيصلي ڪن حيثيت ڏيئي ڇڏي ۽ ڪلڪتي تي بہ هڪ ڀيرو ٻيھر سندن راڄ قائم ٿي ويو. اهو شھر 1911 تائين برٽش انڊيا جي گادي جو هنڌ رهيو، جيڪو پوء دھلي منتقل ٿي ويو. هن وقت اهو اولھہ بنگال جو گادي جو هنڌ آهي.
ڪلڪتي جي غربت، گندگي ۽ رش پنھنجي جاء تي پر هتي جيڪي تعليم، تحقيق ۽ ڪلچر جا ادارا آهن، انھن جي پنھنجي اهميت آهي. ٻي ڳالھہ تہ ڪتابن جا گهڻا دوڪان هئا ۽ فٽپاٿ ڪتابن سان ڀريا پيا هوندا هئا. ايستائين تہ ڪجهہ دوڪاندار چوويه ڪلاڪن لاء ان شرط تي ڪتاب اڌار ڏيندا هئا تہ اهو خراب نہ ٿئي.
پريزيڊينسي ڪاليج ۾ هندو ۽ مسلمانن لاء ڌار هاسٽل هئا ۽ ليکڪ کي هندو هاسٽل ۾ رهائش ڏني ويئي هئي پر ليکڪ ان مذهبي مت ڀيد کي نہ مڃيندي اتي رهائش اختيار نہ ڪئي ۽ وائي ايم سي اي ۾ اچي پنھنجي لاء ڪمرو ورتائين. هتي ڪا وقت جي پابندي نہ هوندي هئي ۽ هو دوستن سان ڪچھريون ڪري ۽ ٿئيٽر وغيرہ ڏسي رات جو دير سان هاسٽل موٽندو هو. هڪ ٻي دلچسپي جي اها ڳالھہ هوندي هئي تہ ڪاليج سان لڳ ئي ڪافي هائوس هوندو هو، جتي مختلف علمي ۽ سياسي موضوعن تي بحث مباحثا ٿيندا هئا ۽ پري پري کان ماڻھو اچي ان ۾ شريڪ ٿيندا هئا.
ليکڪ لاء ڪارل مارڪس جو نظريو ۽ شخصيت وڏي اهميت جي حامل رهي. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ سندس خاندان جي گهڻن فردن جو واسطو ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ سياست سان رهيو هو ۽ گهر ۾ اهي بحث ٿيندا رهندا هئا. پر هتي معاشيات جي ڪورس ۾ مارڪس ڄڻ تہ هڪ استثنا هو ۽ استاد بہ ان کي ذڪر لائق نہ سمجهندا هئا. پر هن پاڻ مارڪس جي نظرين ۽ خاص طور تي قدر زائد ۽ پورهيت جي استحصال جو ٻين عالمن جي نظرين ۽ ڪتابن جي روشني ۾ تنقيدي مطالعو ڪيو.
پنھنجي ان ڪاليج جي پڙهائي دوران کيس پنھنجي صحت جي حوالي سان هڪ وڏي امتحان مان گذرڻو پيو. کيس وات ۾ هڪ داڻو نڪتو جنھن ۾ سور نہ هو. کيس شڪ پيو تہ اهو ڪينسر ٿي سگهي ٿو. هن پنھنجن ويجهن ٻن ڊاڪٽرن سان صلاح ڪئي جن کيس اطمينان ڏياريو تہ اهڙي ڪا ڳالھہ نہ هئي پر هو مطمئن نہ ٿيو ۽ بائپسي ڪرايائين جنھن مان کيس ڪينسر هئڻ جي تصديق ٿي. کيس چيو ويو تہ هو وڌ ۾ وڌ پنج سال جيئرو رهي سگهندو. اها ڳالھہ سندس خاندان ۽ پنھنجي ذات لاء تشويش جوڳي هئي. بھرحال ريڊيوٿراپي جي هڪ ڏکئي مرحلي مان گذرڻ کانپوء هو ٺيڪ ٿيو. ڪاليج ۾ سندس دوستن ۾ اها ڳالھہ هلي ويئي تہ اسپتال پنھنجي ريڊيو ٿراپي جي نين مشينن جي آزمائڻ لاء هن کي استعمال ڪيو هو جڏهين تہ کيس اهڙي ڪا بيماري نہ هئي. پر هو پنھنجي علاج ۽ بيماري جي تشخيص مان مطمئن هو.
کيس پنھنجي بنگالي هئڻ تي فخرآهي پر ان جو اهو مطلب بلڪل ناهي تہ کيس ٻين ماڻھن، ملڪن ۽ ٻولين سان نفرت آهي ۽ هو انھن کي ناپسند ڪري ٿو. هو انھن سڀني سان بہ محبت ڪري ٿو ۽ انھن کي پسند ڪري ٿو.
