مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

آزادي کانپوءِ لڏ پلاڻ

ننڍي کنڊ جو ورهاڱو هڪ اهڙو موضوع آهي جنھن جي مختلف پاسن تي مختلف ٻولين ۾ فڪشن ۽ نان فڪشن ۾ گهڻو ڪجهہ لکيو ويو آهي ۽ اڃا لکجي پيو. قدوائي خاندان ننڍي کنڊ جو هڪ معزز ۽ اهم خاندان رهيو آهي. نئين ملڪ ٺھڻ وقت رفيع قدوائي نھرو جي پھرين ڪابينا ۾ وزير هو. ان جي سوٽ بيگم انيس قدوائي ان وقت لڏپلاڻ ڪندڙن جي صورتحال تي پنھنجي يادگيرين تي ٻڌل اهم ڪتاب آزادي ڪي ڇائون مين لکيو آهي. سندس مڙس شفيع قدوائي ان وقت ديره دون ۾ آفيسر هو. کيس جيتوڻيڪ چيو ويو تہ هو پنھنجي زندگي جو جوکم نہ کڻي ۽ اتان هليو وڃي، پر هو پنھنجي ڊيوٽي ڪندو رهيو ۽ نتيجي ۾ وڳوڙين هٿان مارجي ويو.
لکنو ۾ جيتوڻيڪ شروع ۾ حالتون بھتر هيون پر ڪجهہ وقت کانپوء صبوح جو واڪ ڪندي ليکڪا کي ماحول ۾ ڪجهہ ڇڪتاڻ محسوس ٿي ۽ هن واڪ ڪرڻ ترڪ ڪري ڇڏي. کيس ان سڄي صورتحال ۾ رڳو مھاتما گانڌي جي صورت ۾ هڪ آسرو نظر آيو ٿي. هو جڏهين دھلي ۾ برلا هائوس ۾ گانڌي سان ملي تہ هو سندس ڏک سمجهي ويو ۽ کيس چيائين تہ ان جو حل اهو آهي تہ شھر ۾ ان وقت پراڻي قلعي ۽ همايون جي مقبري تي فسادن کان متاثر ٿيل مسلمانن جا جيڪي ٻہ ڪئمپ هئا اتي وڃي ڪم ڪر. انھن ڪئمپن جي سار سنڀال ۽ انتظام پاڪستان هائي ڪميشن ۽ هندوستان جي حڪومت گڏيل طور تي ڪيو ٿي.
سندس چوڻ آهي تہ ماڻھن ۾ عام خيال اهو هو تہ مسلمانن جيئن تہ پنھنجي لاء ڌار ملڪ ورتو آهي ان ڪري انھن کي هندوستان ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي. ايستائين تہ حڪومت پاڻ ٻڏتر جو شڪار هئي تہ مسلمان هتي رهن يا هتان هليا وڃن. سردار پٽيل جي آڏو جڏهين اهو سوال رکيو ويو تہ سندس چوڻ هو تہ ان سلسلي ۾ في الحال ڪجهہ بہ نہ ڪجي جڏهين ڌرتي تپندي تہ اهي پاڻيھي هتان هليا ويندا.
هتي ڪم ڪندي کيس گهڻن تجربن مان گذرڻو پيو. انھن ڪئمپن ۾ دھلي شھر ۽ پسگردائي جي مختلف علائقن جا فسادن کان متاثر خاندان ترسيل هئا. صورتحال کي وڌيڪ خراب انھن شرنارٿين ڪيو هو، جيڪي اولھہ پنجاب مان فسادن کان متاثر ٿي هتي آيا هئا. کين گهر ۽ ملڪيت ان صورت ۾ ئي ملي سگهي ٿي، جڏهين مسلمان هتان لڏي وڃن. انھن مان گهڻن مسلمانن جي منزل سندن خوابن جي سرزمين پاڪستان هئي. پاڪستان هائي ڪميشن پاران انھن لاء پاس جاري ڪيا ويندا هئا ۽ پوء اهي اسپيشل ٽرينن ذريعي پاڪستان هليا ويندا هئا. اهڙا واقعا بہ ٿيندا هئا جن ۾ گهر وارا پنھنجن پوڙهن مائٽن کي ڪئمپ يا اسٽيشن تي ئي ڇڏي ويندا هئا. سندن چوڻ هو تہ اهي ڀلا اتي هلي ڇا ڪندا.
گهڻا اهڙا ٻار هئا جيڪي وڳوڙن ۾ پنھنجن مائٽن کان وڇڙي ويا هئا يا جن جي مائٽن کي سندن آڏو ڪٺو ويو هو. اهڙن ٻارن کي محفوظ هنڌن تي گڏڪيو ويو هو. انھن ۾ ڪي اهڙا ٻار هئا جن تي ڄڻ ڪو اثر ئي نہ هو ۽ پنھنجي راند روند ۾ لڳا پيا هوندا هئا ۽ گهڻا اهڙا هوندا هئا جيڪي هندو ۽ سکن جي ويجهو وڃڻ تہ ڇا رڳو انھن جو نالو ٻڌي ئي ڪنبڻ لڳندا هئا. ليکڪا سوچي ٿي تہ وڏا ٿي انھن ٻارن جي ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت ڇا هوندي ۽ اهي ٻنھي ملڪن ۾ ڪھڙو ڪردار ادا ڪندا.
اغوا ٿيل عورتن جو معاملو گهڻو گنڀير هو. ٻنھي پاسي هزارين عورتون قتل ۽ اغوا ٿيون هيون ۽ انھن سان زيادتي ٿي هئي. خاص طور پنجاب جي ٻنھي پاسن عورتن کي اغوا ڪرڻ ۽ انھن سان زنا ڪرڻ جو هڪ طريقو هو. پھرين ننڍن ڳوٺن مان ماڻھن کي فسادن جو ڊپ ڏياري هڪ وڏي ڳوٺ ۾ گڏ ڪيو ويندو هو ۽ پوء اتان سرحد تائين ويندي عورتن جي اغوا جو ڪم شروع ٿيندو هو. ان ڪم ۾ عام ماڻھو سان گڏ زميندار ۽ ڪامورا بہ شامل هوندا هئا ۽ سھڻيون ۽ ننڍي عمر جون عورتون انھن لاء هونديون هيون. جڏهين ٻنھي حڪومتن جي رضامندي سان انھن جي بازيابي جو عمل شروع ٿيو تہ مسلمان خاندان تہ پنھنجين عورتن کي واپس وٺڻ لاء تيار هوندا هئا پر هندو ان لاء تيار نہ هوندا هئا. گهڻيون عورتون پاڻ پنھنجن مائٽن ۽ مڙسن وٽ وڃڻ لاء تيار نہ هونديون هيون. هڪ تہ انھن کي اهو ڊپ هوندو هو تہ ڪھڙو منھن کڻي انھن وٽ وڃن ۽ ٻيو تہ گهڻيون غريب مائٽن ۽ مڙسن جي ڀيٽ ۾ پنھنجن نون گهرن ۾ وڌيڪ خوش هونديون هيون. ٻنھي ملڪن ۾ اغوا ٿيل عورتن کي بازياب ڪرڻ جو سلسلو 1955 تائين هلندو رهيو. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ اهڙيون گهڻيون عورتون هيون جيڪي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا وڪيون ويون هيون. انھن عورتن ۾ ٽيھہ چاليه سال جي عمر وارين عورتن جو نين حالتن سان ٺھڪڻ ۾ گهڻي ڏکيائي ۽ گهڻو وقت نہ لڳندو هو. پر ٻارنھن پندرنھن سال جي ننڍي عمر جون ڇوڪريون گهڻن ذهني ۽ جسماني بيمارين ۽ مسئلن ۾ وٺجي وينديون هيون. انھن اها ڪوشش ڪئي تہ انھن عورتن جي بحالي ۽ سماج ۾ کين ڪارآمد ٺاهڻ لاء حڪومت جي مدد سان مختلف هنرن جي سکيا جا مرڪز قائم ڪيا وڃن. اها خبر ناهي تہ آيا پاڪستان ۾ بہ ائين ڪيو ويو يا نہ.
خاص طور ڳوٺن ۾ اهڙا گهڻا مثال هئا جتي ماڻھو وڏي تعداد ۾ بجائي لڏڻ جي شدي وسيلي پنھنجو مذهب بدلائي هندو ٿي ويا هئا. امن قائم ٿيڻ کانپوء انھن مان گهڻا وري پنھنجي اصل مذهب ڏانھن موٽي آيا هئا.
ان صورتحال ماڻھن کان ڄڻ تہ سندن ماڻهپو کسي ڇڏيو هو. گهڻا جيڪي مھذب سمجهيا ويندا هئا انھن اخلاق ۽ تھذيب جو جامو لاهي ڦٽو ڪيو ۽ هر قسم جي خراب ۽ ڪريل ڪم ۾ شامل ٿي ويا هئا. پر ان افراتفري واري صورتحال ۾ بہ سرحد جي ٻنھي پاسي ڪي اهڙا مثال هئا جن کي ڏسندي اهو چئي سگهجي پيو تہ انسانيت اڃا جيئري هئي.
ورهاڱي ۽ ان کان پوء لڏپلاڻ ۽ فسادن واري صورتحال کي سمجهڻ لاء هي هڪ اهم ڪتاب آهي.