وهي کاتي جا پنا : ورهاڱي جي هڪ ٻي ڪٿا
ليکڪ جو ڏاڏو وڏو زميندار هو.ِ سندس تر جي ٻين مسلم زميندارن وغيرہ سان ناتا هئا ۽ سندس ڪم اهي ئي هئا، جيڪي زميندارن جا هوندا آهن، جڏهين تہ سندس پيءُ مئجسٽريٽ هو. سنڌ ڇڏڻ جا ڪارڻ اوسي پاسي جون حالتون، غير يقيني صورتحال ۽ ڊپٽي ڪمشنر مسعود کدرپوش جو سندس پيءُ، جيڪو ان جو ماتحت هو، سان نامناسب رويوهئا. سندن لڏڻ کانپوء بہ سندس پي ڪجهہ عرصو سنڌ ۾ ئي هو.
شروع ۾ اهي اوکا بندر، اجمير ۽ احمد آباد وغيرہ ۾ ڪجهہ عرصو رهيا. مڇي ماس وغيرہ کائڻ جي حوالي سان مقامي ماڻھو کين پسند نہ ڪندا هئا. سندس پيءُ جي هندوستان اچڻ تائين اهي ڏکين حالتن ۾ هئا ۽ ليکڪ ۽ سندس ڀاء کي مختلف ڪم ڪري پنھنجو گذ بسر ڪرڻو پيو.
ڪٿي مون پڙهيو هو تہ ناول حقيقت تي ٻڌل هوندو آهي جڏهين تہ آتم ڪٿا هڪ افسانو هوندي آهي. ان ڳالھہ کي ليکڪ پاڻ محسوس ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي تہ گهڻا سندس لکيل ڳالھين کي ڪوڙ ۽ افسانو سمجهندا. اها ڳالھہ ان حد تائين صحيح آهي تہ لکت ۾ زور پيدا ڪرڻ لاء ڪٿي ڪٿي ائين ڪرڻو ٿو پئي. پر حقيقتون پنھنجي جاء تي آهن ۽ رڳو تحرير جي ٽئين حصي کي ان کاتي ۾ وجهي سگهجي ٿو. ائين کڻي چئجي تہ عمارت جي ٺاهڻ ۾ سرون تہ پنھنجيون آهن رڳو گارو سيمينٽ وغيرہ ٻيو ملائڻو ٿو پئي.
دھلي مان ٽرين ۾ ايندي هڪ ٿيٽر گروپ سان سندس ملاقات ٿئي ٿي ۽ سندس دل ان گروپ ۾ شامل هڪ ڇوڪري سروري تي اچي وڃي ٿي. هو ان سان همبستري بہ ڪري ٿو پر هڪ پراڻي طوائف جي چوڻ تي تہ توکي هتي حاصل ڪجهہ نہ ٿيندو ۽ تون آخر ۾ ان ڇوڪري جو ڀڙوو بڻجي ويندين، هو ان گروپ کي ڇڏي گهر موٽي ٿو. ساڳي ريت هو صبا نالي هڪ مسلمان ڇوڪري کي گهر مان ڀڄائي وٺي ٿو وڃي پر مختلف شھرن ۾ گهمڻ ۽ هوٽلن ۾ رهڻ کانپوء هو نيٺ پنھنجي گهر اچي ٿو جتي ڇوڪري پنھنجن مائٽن سان هلي وڃي ٿي.
سنڌي هندن ۾ جيتوڻيڪ هندوستان جي ٻين علائقن جي هندن جيان ذات پات جو ايڏو سخت نظام نہ هو، پر اها ڳالھہ علائقي ۽ برادري وغيرہ جي حوالي سان منجهن موجود هئي. مثال طور حيدرآباد جا عامل مائٽي ڪرڻ جي حوالي سان حيدرآباد جي عاملن کي ئي ترجيح ڏيندا. ليکڪ جي مائٽن ۽ خاص طور سندس ماءُ جي اها ترجيح هئي تہ مائٽي ڀاٽيا ذات مان ڪجي. پر ليکڪ جو جنھن ڇوڪري سان پيار هو ۽ جنھن سان هن شادي ڪرڻ چاهي ٿي اها ڀاٽيا نہ هئي. ان ڪري هن پنھنجي ماء جي ڪيل هڪ مڱڻي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ سندس پسند جي ٻئي ڪنھن رشتي کي بہ قبول نہ ڪيو. هن شادي پنھنجي پسند تي گوپي سان ئي ڪئي جنھن کي هن پيار ڪيو ٿي.
اها وارتا گهڻن اديبن سان آهي تہ انھن زندگي جي ڪنھن موڙ تي اچي پنھنجي اڳوڻين لکڻين کي رد ڪيو آهي. ليکڪ رام پور جي هڪ لائبريري ۾ غالب جي رکيل ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي تہ اتي غالب جي اهڙي شاعري موجود آهي، جنھن کي غالب رد ڪري چڪو هو ۽ جيڪا ديوان غالب ۾ شامل ناهي. لائبريري وارا ان ڪلام جي ڪاپي ڪرڻ جي اجازت نہ ٿا ڏين. ساڳي ريت ليکڪ جو دھلي ۾ قرت العين حيدر سان ويجهو تعلق هو ۽ هو اڪثر ان سان ملندو رهندو هو. سندس چوڻ آهي تہ جڏهين سندس جڳ مشھور ناول آگ ڪا دريا جو ذڪر نڪرندو هو تہ هو چڙي پوندي هئي. سندس چوڻ هو تہ اهو هن ٽيھہ سال کن اڳ لکيو هو ۽ ضروري ناهي تہ هو ان کي هاڻي بہ اون ڪري. اياز جو هن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ گهڻو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جي گهڻي ساراه ڪئي آهي پر سندس چوڻ آهي تہ اياز جڏهين دعائون وغيرہ لکڻ شروع ڪيون تہ هن سمجهي ورتو تہ اسان هڪ وڏو شاعر وڃايو آهي. هو لکي ٿو تہ هڪ مشھور ۽ وڏو شاعر عمر جي پوئين پھر ۾ پنھنجي سڄي شاعري جي قرباني ڏيئي، مصلحتن جيڪي دعائون ۽ مناجاتون لکيون اهو ڪو هن جي آتمڪ ۽ روحاني اڇل جو آواز نہ هو، پر هن جي ابن الوقتي ۽ احساس جرم جو اعتراف هو، جيڪو هن راجا ڀرتري هري جي وئراڳ شتڪ کان متاٿر ٿي لکيو. اياز جي دعائن جون سٽن جون سٽون وئراڳ شتڪ ۾ شامل اشلوڪن جو لفظي ترجمو آهن، جو اياز جو ذاتي آزمودو ۽ انڀو اهو نہ هو جيڪو راجا ڀرتري هري جو هو.(صفحو 380). سندس واسطو گهڻن سنڌي اديبن سان پيو ۽ گهڻا دھلي ۾ سندس مھمان طور سندس گهر ۾ بہ رهيا . هو ضياء الحق جي دور ۾ جڏهين پاڪستان آيو تہ لاهور مان هن امر جليل سان اسلام آباد ۾ فون تي رابطو ڪيو، جنھن ساڻس اچڻ جو واعدو ڪري پوء پاڻ بہ لاهور نہ آيو ۽ کيس بہ اسلام آباد اچڻ کان منع ڪيائين. ليکڪ جو هند ۾ سنڌي ٿئيٽر ۽ ڊرامي وغيرہ جي ترقي ۽ ترويج ۾ ٻين سنڌي اديبن ۽ ڪلاڪارن سان گڏ وڏو ڪردار رهيو آهي.
هي اهڙي ماڻھو جي آتم ڪٿا آهي جنھن جو هند ۽ سنڌ جي اديبن سان گهڻو واسطو رهيو آهي ۽ هن انھن کي ويجهي کان ڏٺو آهي. ان آتم ڪٿا جي هڪ ٻي خاصيت اها بہ آهي تہ ان ۾ هند جي ٻين سنڌي ليکڪن جيان هندي ۽ سنسڪرت لفظن جو گهڻو استعمال نہ ڪيو ويو آهي جنھن جي ڪري هڪ Communication Gap پيدا نہ ٿو ٿئي.
