مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

ڀٽائيءَ جو ميلو ۽ اديب

محمد طفيل جي سڃاڻپ ادبي رسالي نقوش جي ايڊيٽر واري آهي. پھرين نقوش جا ايڊيٽر احمد نديم قاسمي ۽ هاجره مسرور هئا. پوء ڪجهہ عرصي لاء سيد وقار عظيم اهو ڪم سنڀاليو. طفيل جو ڊگهو دور 1950 کان 1986 يعني سندس وفات تائين رهيو. ان حوالي سان ان جو مختلف اديبن سان واسطو رهيو آهي ۽ هن پاڻ بہ ڪجهہ ڪتاب لکيا آهن. سندس ڪتاب محترم سنڌ جوسفرنامو آهي.
اهو سفرنامو 1963 جو لکيل آهي، جڏهين قدرت ﷲ شھاب ۽ جميل الدين عالي جي اڳواڻي ۾ رائٽرز گلڊ سرگرم هئي. ڪجهہ اديبن کي گلڊ پاران شاه عبدالطيف ڀٽائي جي ميلي تي ڀٽ شاه وڃڻ لاء چيو ويو. پر کين چيو ويو تہ اهي پنھنجو خرچ ڪن جيڪو پوء گلڊ پاران کين ڏنو ويندو. گلڊ پاڪستان سطح جي ادبي تنظيم هئي، جنھن ۾ اوڀر بنگال سميت ملڪ جي سڀني صوبن جا ليکڪ شامل هئا. ان پروگرام ۾ اوڀر بنگال جا بہ ڪجهہ اديب شامل هئا.
هو ٽرين ذريعي ڪجهہ اديبن سان گڏجي حيدرآباد لاء روانو ٿئي ٿو جتي اسٽيشن تي شيخ اياز ۽ ٻيا اديب سندن آڌرڀاء ڪن ٿا. سندن ملاقات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ پير حسام الدين راشدي سان ٿئي ٿي. هوٽل ۾ رات گذاري هو ٻئي ڏينھن حيدرآباد جي ڪجهہ صحافين سان گڏجي ڀٽ شاه لاء روانا ٿين ٿا. ان وقت جي سنڌي ليکڪن جي هڪ خاص ڳالھہ جو هو ذڪر ڪري ٿو تہ اهي گهڻو ڪري اڙدو بدران سنڌي ۽ انگريزي ۾ پيا ڳالھائين. ان ميلي ۾ ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو بہ شريڪ ٿيا هئا. مختلف ڳائڻن جي راڳ مان خاص طور روبينا کي پسند ڪيو وڃي ٿو جنھن جو اظھار ڀٽو جي تاثرات مان پڻ ٿيو ٿي.
سندس چوڻ آهي تہ شاه ڄڻ تہ سنڌين جي ذات جو حصو آهي ۽ هر سنڌي کي سندس ڪجهہ شعر ياد آهن. ميلي ۾ عام ڳوٺاڻن ماڻھن جي شرڪت گهڻي هئي. هو جيتوڻيڪ سنڌي نہ ٿو سمجهي پر ميلي جي ٻئي ڏينھن خاص طور راڳ جي محفل ۾ هو ايترو تہ محو ٿي ويو جو حيدرآباد واپس ويندڙ سندس ساٿين کي کيس زوري اتان اٿارڻو پيو. آفاق صديقي جي مدد سان هن مختصر طور سنڌ جي تاريخ جو هڪ خاڪو پڻ پيش ڪيو آهي.
ميلي جي پڄاڻي کانپوء هو ڪراچي جي ڪجهہ اديبن سان گڏجي ڪراچي اچي ٿو. هتي هو ڪجهہ وقت صھبا لکنوي وٽ رهي ٿو ۽ پوء پير حسام الدين جي چوڻ تي پير علي محمد راشدي جي گهر رهي ٿو. پرهو پير علي محمد راشدي سان ڪنھن ملاقات وغيرہ جو ذڪر نہ ٿو ڪري. هو انجمن ترقي اردو ۾ جوش سان ملاقات ڪري ٿو. حيدرآباد اچڻ وقت جوش سان سندس لاهور ريلوي اسٽيشن تي ملاقات ٿي هئي ۽ هن کيس ڪراچي ۾ ملڻ لاء چيو هو. جوش کيس پنھنجي ڀارت جي دوري متعلق ٻڌائي ٿو ۽ اهو بہ تہ هن اتي وزيراعظم نھرو جي دعوت ڪئي هئي. سندس چوڻ هو تہ نھرو جي ڪوششن ڪري اتي مسلمانن خلاف فسادن تي ضابطو ڪيو ويو نہ تہ ٻي صورت ۾ پاڪستان ۾ پناهگيرن جو هڪ وڏو تعداد اچي ها، جنھن کي سنڀالڻ ڏکيو هجي ها. هو ايوان صدر ۾ جميل الدين عالي سان ملي ٿو ۽ گلڊ جي دفتر ۾ ابن انشاء سان ملاقات ڪري ٿو ۽ ان ڳالھہ کي ياد ڪري ٿو تہ ابن انشاء ڪنھن وقت سندس ويجهو دوست هو ۽ پوء عھدي ملڻ کانپوء ڪيئن نہ منجهس تبديلي اچي ويئي هئي. هاجره مسرور سان سندس ويجهو تعلق هو. اتي هو سندس مڙس ۽ ڊان جي ايڊيٽر احمد علي خان سان پڻ ملاقات ڪري ٿو.
هن ڪتاب ۾ پنجاب ۽ يوپي، حيدرآباد ۽ دھلي جي اڙدو اديبن ۾ ڇڪتاڻ جو پڻ اندازو ٿئي ٿو. سندس چوڻ آهي تہ هندوستان ۾ دھلي، يوپي ۽ حيدرآباد دکن سان گڏ لاهور بہ اڙدو جو هڪ اهم مرڪز رهيو آهي. جھڙي ريت لکنو، دھلي ۽ حيدرآباد دکن جي اڙدو جي لھجن، گرامر ۽ ڳالھہ ٻولھہ ۾ فرق آهي اهڙي ريت پاڪستان ۽ خاص طور پنجاب ۾ جيڪا اڙدو ڳالھائي ۽ لکي وڃي ٿي اها هندوستان جي مختلف علائقن جي اڙدو کان مختلف آهي. ان ڳالھہ کي اڙدو اهل زبان کي مڃڻ گهرجي. ان حوالي سان ان ڳالھہ تي پڻ منجهن اختلاف رهيو آهي تہ اڙدو جو وڏو شاعر جوش آهي يا فيض. بظاهر ان ڳالھہ جو تعلق بہ ٻنھي شاعرن جي مختلف علائقن سان هئڻ آهي. جوش هندوستان جي مليح آباد سان واسطو رکي ٿو جڏهين تہ فيض جو واسطو پنجاب سان آهي. ان سلسلي ۾ ليکڪ جو پنھنجو موقف منطقي آهي. سندس چوڻ آهي تہ هر شاعر جو پنھنجو اسلوب، ڊڪشن ۽ خيال هوندا آهن ۽ انھن ۾ چٽاڀيٽي ڪرائڻ ۽ علائقي جي حوالي سان تعصب ڪرڻ ۽ کين گهٽ وڌ ثابت ڪرڻ نامناسب ڳالھہ آهي.
هن ڪتاب ۾ 1960 جي ڏهاڪي جي ادبي وايومنڊل ۽ ماحول جون ڪجهہ جهلڪيون ملن ٿيون.