مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

Title Cover of book Kitaban san Rehan

دارون ۽ ڪارون: شيخ عزيز جي آتم ڪٿا

شيخ عزيز سان منھنجي رڳو هڪ ملاقات چاليھہ پنجيتاليھہ سال کن اڳ حيدرآباد ۾ سنڌ نيوز جي آفيس ۾ ٿي هئي، جڏهين اسان ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي اخبارن جي نمائش جي حوالي سان اتي ويا هئاسين. مون کي هو هڪ گهٽ ڳالھائڻ ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻھو لڳو. پوء مختلف سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سندس ليک ڇپبا هئا. پر جيئن تہ سندس ادبي پروگرامن وغيرہ ۾ اچڻ گهٽ هوندو هو ان ڪري ساڻس وري ملاقات نہ ٿي سگهي. سندس پبلسٽي وغيرہ کان پري رهڻ جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ جي باوجود هن پنھنجي زندگي ۾ ان کي نہ ڇپرايو ۽ اها سندس وفات کانپوء سندس ڪاغذن مان هٿ ڪري سندس پٽ ڇپرائي.
آتم ڪٿا تاريخ جي لاء هڪ اهم ذريعو آهي. خاص طور ڪنھن سڄاڻ ماڻھو جي ڪٿا ان سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ اهميت جي حامل هوندي آهي. شيخ عزيز جي آتم ڪٿا ڪارون ۽ دارون ان لحاظ کان اهميت رکي ٿي. پنھنجي خاندان متعلق ليکڪ اها ڄاڻ ڏني آهي تہ سندس وڏا لوهاڻا ذات جا هندو هئا. سندس ڏاڏو مسلمان ٿيو جڏهين تہ ان جا ٻيا ڀائر پنھنجي مذهب تي قائم رهيا. اهي حيدرآباد ۾ سندن پاڙي ۾ ئي رهندا هئا ۽ ورهاڱي کان پوء ڀارت لڏي ويا.
پنھنجي شھر سان ماڻھو کي جيڪا محبت ۽ قربت هوندي آهي، اها ليکڪ جي حيدرآباد لاء نظر اچي ٿي. آتم ڪٿا ورهاڱي کان اڳ جي حيدرآباد کان شروع ٿئي ٿي. ليکڪ شھر جي مختلف پاڙن ۽ اتي رهندڙ ماڻھن جو ذڪر ڪري ٿو. ورهاڱي وقت هندن جي هتان لڏڻ ۽ نون ماڻھن جي شھر ۾ اچڻ متعلق هو ٻڌائي ٿو. ان وقت سندس پي، جنھن کي هو هڪ خاڪسار ملو چئي ٿو، هڪ مھاجر خاندان کي اچي پنھنجي گهر ۾ رهايو هو، جيڪي ڪجهہ وقت کانپوء گهر الاٽ ٿيڻ تي اتان هليا ويا هئا. پوء ان خاندان جو هڪ فرد ڊان ۾ ساڻس گڏ ڪم بہ ڪندو هو. شھر ۾ آيل تبديلين متعلق سندس چوڻ آهي تہ ورهاڱي جي نتيجي ۾ جيڪا حيدرآباد جي خراب صورتحال ٿي، اهڙي شايد ٻئي ڪنھن شھر جي نہ ٿي هجي. ان وقت سرڪار مختلف شين تي مھاجر ٽيڪس جي نالي ۾ ٽيڪس جي وصولي شروع ڪئي هئي. پر اهي پئسا مھاجرن جي بحالي وغيرہ تي خرچ نہ ٿيا ۽ نہ ئي ان جو ڪو حساب ڏنو ويو، جيئن اڄ بہ مختلف معاملن ۾ ٿي رهيو آهي. ان وقت حيدرآباد جي پسگردائي ۾ ٻيلو هو، جتي مھاجرن کي آباد ڪرڻ لاء لطيف آباد ٺاهيو ويو. پر ٺاهڻ وارن کان اها ڀل ٿي تہ علائقي ۾ ڊرينيج جو سسٽم نہ ٺاهيو ويو، جنھن جي ڪري خاص طور مينھن جي مند ۾ پاڻي ماڻھن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويندو هو.
ان دور ۾ ئي سندس پنھنجي پيءُ سان ڪراچي وڃڻ ٿيو. مختلف جاين تي هو گهمڻ ويو. مھاجرن جي حوالي سان کيس هتي ساڳي صورتحال نظر آئي جيڪا حيدرآباد ۾ هئي.
صحافي جي طور هن پنھنجي ڪيريئر جي شروعات عبرت کان ڪئي. ڪراچي ۾ الوحيد ۽ ٻيون سنڌي اخبارون بند ٿي ويون هيون يا حيدرآباد منتقل ٿي ويون هيون. سنڌي اخبارن کي ان وقت ۽ هاڻي بہ هو هڪ خرڪار ڪئمپ قرار ڏئي ٿو، جتي هڪ صحافي کي خبرن ٺاهڻ کان وٺي پروف ريڊنگ ۽ پيسٽنگ تائين جا سڀ ڪم ڪرڻا پوندا هئا ۽ آهن. گهڻين اخبارن ۾ ليکڪن کي ڪو اجورو نہ ڏنو ويندو آهي ۽ مالڪن جي ليکي اهي تہ ڄڻ کين اڃا پبلسٽي ڏيئي رهيا آهن. پئسن بچائڻ خاطر ايجنسين کان سڌي ريت خبرون نہ اينديون هيون ۽ ذاتي لاڳاپن تي انھن جي دفتر وڃي اتان خبرن جا پرنٽ آئوٽ کڻي اچڻا پوندا هئا. عبرت پنھنجين خبرن ۽ تجزين وغيرہ جي لحاظ کان سنڌ جي هڪ گهڻي پڙهي ويندڙ اخبار هئي. 1970 جي چونڊن ۾ قاضي اڪبر ڪنونشن مسلم ليگ پاران بيٺو هو ۽ سندس مقابلي ۾ پيپلز پارٽي جو اعجاز ٽالپر هو. ان وقت ڀٽو جي مقبوليت آڏو ڪنھن جو بيھڻ ڏکيو هو. اهڙي ريت اخبار جي پاليسي ماڻھن ۾ ان جي اميج کي متاثر ڪيو، جنھن ڌڪ مان اها وري ريڪور نہ ڪري سگهي.
ضياءالحق جي دور ۾ اظھار رائي تي بندشن جي ڪري هن ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. سندس سويڊن وڃڻ جو سڄو بندوبست ٿي ويو پر عين موقعي تي هن پنھنجو ارادو بدلائي ڇڏيو. ساڳي ريت برطانيا ۾ تربيت دوران روئٽر پاران کيس اتي رهي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويئي، پر هن اها قبول نہ ڪئي. ساڳي ريت ڊان ۾ هوندي يوسف هارون کيس پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ لاء پاڻ سان گڏ آمريڪا هلڻ جي آڇ ڪئي، پرهن اها بہ قبول نہ ڪئي. ڇاڪاڻ تہ سندس چواڻي تہ کيس Ghost writer ٿيڻ قبول نہ هو. ڊان جي چيف ايڊيٽر احمد علي خان کيس دھلي ۾ ڊان جي نمائندي طور موڪلڻ لاء چيو. پر سندس چوڻ هو تہ هڪ سنڌي هئڻ ناتي هو ٻنھي ملڪن جي ايجنسين جي نظر ۾ هوندو. ان ڪري هن وڃڻ کان انڪار ڪيو.
موسيقي سان کيس عشق رهيو آهي. سندس چوڻ موجب اهو صحافت کان بہ وڌيڪ سندس دل جي ويجهو آهي. هن ان جي لاء استاد کان تربيت بہ ورتي ۽ ان جي باقاعدي مشق بہ ڪندو هو. سنڌي ۽ انگريزي ۾ هن موسيقي تي مضمون وغيرہ بہ لکيا. سندس چوڻ آهي تہ سندس هڪ مضمون کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪنھن حوالي ڏيڻ کانسواء پنھنجي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو.
جيتوڻيڪ هو اخبار ۾ ڊيسڪ جو ماڻھو هو پر اخبار لاء Exclusive رپورٽ آڻڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تحقيق سان سندس خاص دلچسپي هئي. حيدرآباد پريس ڪلب جي قيام ۾ سندس اهم ڪردار هو ۽ هو ان جو سيڪريٽري بہ رهيو. ساڳي ريت سنڌ يونيورسٽي ۾ جرنلزم ڊپارٽمنٽ جي نصاب ٺاهڻ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ڪوششون شامل هيون. هو 2008 کان ٽن سالن تائين سنڌي ادبي بورڊ جو وائس چيئرمين بہ رهيو جيڪو سندس چواڻي ڪو خوشگوار تجربو نہ هو.
ملھن سان سندس خاص تعلق هو. هو هر ميلي ۾ جتي ملاکڙو ٿيندو هو اتي ويندو هو. ڊان ۾ سندس پھرين Obituary بہ سنڌ جي مشھورملهہ شير مير بحر تي شائع ٿي هئي. ساڳي ريت ڌاڙيلن تي سندس تحقيق قسطوار ڊان ۾ ڇپي ۽ پوء ان کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو.
جيتوڻيڪ سندس گهڻن وڏن ماڻھن سان لاڳاپا هئا پر هو سنڌ جو هڪ اهڙو صحافي هو جنھن جي لاء انھن لاڳاپن کان وڌيڪ سندس ڪم اهم هو.
ڪتاب ۾ صورتخطي جي غلطين، جملن جي بيھڪ ۽ ڪجهہ جاين تي ورجاء مان اهو محسوس ٿئي ٿو تہ ڪتاب کي ايڊيٽنگ جي ضرورت آهي. ٻئي ايڊيشن ۾ جيڪڏهين ان پاسي ڌيان ڏنو وڃي تہ ڪتاب جي ڪوالٽي اڃا بھتر ٿي سگهي ٿي.