جناح لياقت تضاد
لارڊ مائونٽ بيٽن دولت مشترڪہ ۽ تاج برطانيا جي نمائندي طور اهو چاهيو ٿي تہ هو ٻنھي ملڪن جو اوستائين گورنر جنرل هجي جيستائين اهي ٻيئي پنھنجو آئين نہ ٺاهي وٺن. نھرو ان ڳالھہ تي راضي هو پر جناح انھن ڌمڪين جي باوجود تہ کيس ان انڪار جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا ان ڳالھہ تي راضي نہ ٿيو ۽ پاڻ نئين ملڪ جو گورنر جنرل ٿيو. هندوستان ۾ گورنر جنرل وٽ نالي ماتر اختيار هئا جڏهين تہ باقي سڀ اختيار وزير اعظم وٽ هئا، پر پاڪستان ۾ ائين نہ ٿيو. هتي مختلف قانون منظور ڪري ۽ موجودہ قانونن ۾ ترميمون ڪري سڀ اختيار گورنر جنرل جي ذات ۾ مرتڪز ڪيا ويا جڏهين تہ لياقت علي خان نالي ۾ تہ وزير اعطم هو، پر سندس حيثيت هڪ سينيئر وزير کان وڌيڪ نہ هئي. اهم فيصلا جناح ئي ڪندو هو. سرحد، سنڌ ۽ پنجاب وغيرہ جي حڪومتن ۾ جيڪي تبديليون ۽ ڀڃ ڊاه وغيرہ ٿي، اها جناح جي مرضي، منشا ۽ حڪم مطابق ئي ٿي.
جناح جي صحت جي جوالي سان لياقت کي اها ڄاڻ هئي تہ هو گهڻو وقت جيئرو نہ رهندو. اهو پاڻ هڪ سوال هو تہ بيماري جي حالت ۾ کيس زيارت جھڙي ڏورانھين علائقي ۾ ڇو منتقل ڪيو ويو جتي طبي سھولت نہ هئي ۽ ڪوئيٽا اچڻ لاء بہ وڏا ڪشالا ڪڍڻا پوندا هئا. ان بيماري دوران لياقت جڏهين کيس ڏسڻ آيو تہ سندن اها ملاقات گهڻي خوشگوار نہ هئي. ان ملاقات ۾ فاطمہ جناح موجود نہ هئي. ان ملاقات ۾ ڇا ٿيو ان جي ڪا خبر نہ پيئي پر جناح جي ڊاڪٽر ڪرنل الاهي بخش جو چوڻ آهي تہ ان کان اڳ جناح جي طبيعت ۾ بھتري اچڻ شروع ٿي هئي پر پوء هن دوائن وغيرہ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو تاثر ڏنو تہ سندس زندگي ۽ ملڪ جي معاملن مان دلچسپي ختم ٿي ويئي هئي. لياقت علي خان ڪرنل الاهي بخش کان جناح جي طبيعت متعلق پڇيو پر هن اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو تہ هو پنھنجي مريض جي معلومات ڪنھن کي بہ نہ ڏيندو. ساڳي وقت هن اهو ٻڌائڻ کان بہ انڪار ڪيو تہ جناح سندن وڃڻ کان پوء کيس ڇا چيو هو. ان ڳالھہ جي باوجود تہ کيس اهو چيو ويو تہ جيڪڏهين پوء اهڙي ڪا ڳالھہ ظاهر ٿي تہ سندس لاء چڱو نہ ٿيندو. ڊاڪٽر جي وفات کانپوء جڏهين سندس پٽ کان ان سلسلي ۾ پڇيو ويو تہ هن بہ پنھنجي لاعلمي جو اظھار ڪيو.
جناح جي صحت کان مايوس ٿي ڊاڪٽر پاران کيس ڪراچي کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان وقت هڪ تہ ماري پور ايئر بيس تي جناح جي آجيان ڪرڻ لاء وزيراعظم ۽ ٻيو ڪو اعلا عملدار موجود نہ هو ۽ ٻي ڳالھہ تہ کيس ايئرپورٽ کان گهر تائين کڻي وڃڻ لاء جيڪا ايمبولينس ڏني ويئي اها رستي ۾ خراب ٿي پيئي ۽ ملڪ جو گورنر جنرل ڪلاڪن تائين سڙڪ تي بيوسي جي حالت ۾ پيو رهيو جيستائين ٻيو ڪو متبادل بندوبست ٿي سگهي. ان ڳالھہ جو ظاهر ٿيڻ ماڻھن جي ڪاوڙ جو باعث ٿي سگهيو ٿي، جيڪا ڳالھہ لياقت ۽ سندس ساٿين لاء چڱي نہ هئي. انھن پنھنجي بچاء ۾ اهو جواز ڏنو تہ فاطمہ جناح پاران کين جناح جي ڪراچي اچڻ جي پروگرام متعلق آگاه نہ ڪيو ويو هو ان ڪري ايئر پورٽ تي سندس آجيان لاء ڪو ماڻھو موجود نہ هو. بھرحال ان جي ڪجهہ ڏينھن کانپوء جناح جي وفات ٿي ۽ پاڪستان هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو.
